Home / سنڌ افيئر / ڇا مڪاني ا دارو،پنهنجو کاتو پاڻ نه ٿو هلائي سگهي؟
above article banner

ڇا مڪاني ا دارو،پنهنجو کاتو پاڻ نه ٿو هلائي سگهي؟

مڪاني ادارن جو اهڙو کاتو آهي جنهن سان هر ماڻهوءَ جو هر وقت واسطو رهي ٿو. تعليم جهڙي اهم کاتي جو سڌو تعلق به صرف پڙهندڙن ۽ پرهائيندڙن سان رهي ٿو ۽ اهو به ليونگ سرٽفڪيٽ وٺڻ ۽ استاد صاحبان جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ختم ٿيو وڃي. ان سان گڏوگڏ اهو تعلق به صرف اسڪول جي وقت تائين ٿو رهي، باقي نه پڙهندڙن جو ته ان سان ڪو تعلق رهي ئي ڪونه. صحت کاتي سان به صرف مريضن ۽ ڊاڪٽرن جو تعلق ٿو رهي، مريض چاڪ ٿي ويندو ته اسپتال مان فارغ ۽ ڊاڪٽر رٽائر ڪندو ته پنهنجي ڪلينڪ ته کوليندو پر حڪومت جي صحت کاتي کي الوداع ڪندو. مڪاني ادارن جو اهو کاتو آهي، جنهن سان هر عمر جي ۽ هر شعبي جي ماڻهوءَ جو ڪل وقتي واسطو رهندو آهي، پر افسوس آهي جو ان کاتي جي سربراهي وٺڻ لاءِ هر ڪو آتو ته هوندو آهي، پر ان کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ ٻين کاتن حوالي ڪري دڙڪا وري پنهنجي بي اختيار آفيسرن کي ڏيندو آهي، ٻين کاتن وارا وري مڪاني ادارن کي ائين هلائيندا آهن جيئن نوڪر کي هلائبو آهي ۽ اصل کاتي وارن کي چوندا آهن ته ڀلي اوهان وهندڙ گنگا مان هٿ ڌؤ، پر اسان ان مان وهنجنداسين ۽ وهنجي وهنجي ايترا آلا ٿينداسين جو جنهن جي ويجهو وڃون اهو به ان جو اثر محسوس ڪري خوش ٿي وڃي.

سڀني کي ياد هوندو ته 2010ع ۾ آبپاشي عملدارن ايڏي گهڻي ٻوڏ جي اڳڪٿي نه ڪئي هئي، پر جڏهن ايڏي ٻوڏ آئي ته وري ايڏي نااهلي ڪيائون جو ڄڻ ته اريگيشن کاتو هيو ئي ڪونه هر ماڻهو 2013ع واري اليڪشن وانگر آزاد هو ته جتي وڻيس اتي وتي ڪٽ هڻندو. هن سال وري ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪري اربين روپيا خرچ ڪيائون، پر ٻوڏ آئي ئي ڪو نه. 2013ع ۾ وري ڪيڊر پوسٽ جي ڊپٽي ڪمشنر صاحبان، جن کي هاڻي مڪاني ادارن جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، انهن ٿر ۾ ڏڪار آندو، حڪومت کين ذميوار قرار ڏئي هٽايو به، پر نه اريگيشن کاتو ڪنهن ٻئي کاتي حوالي ڪيو ويو ۽ نه روينيو ۽ نه وري ان جي شان شوڪت ۾ ڪا ڪمي آئي، ان جي ابتڙ مئينجمينٽ ڪيڊر ٺاهي تعليم کاتي جون 472 انتظامي پوسٽون انهن حوالي ڪيو ويون آهن. مڪاني ادارن کي ته سمجهيو ئي روينيو جي ونگ ويندو آهي!! پر ڪڏهن ڪڏهن اهي مڪمل آزاد به ٿي ويندا آهن ته به انهن جو حال ساڳيو هوندو آهي. مطلب ته هنن تي هن وقت تائين استعمال ڪيل سڀ دوائون بي اثر ثابت ٿيون آهن، پر پوءِ به ان جي ڪا ٻي دوا ڳولڻ بجاءِ صرف انجو وزن گهٽ وڌ ڪيو پيو وڃي، پهريائين ڊپٽي ڪمشنر کي سندن خرچ منظور ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا، پوءِ وري کين ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪميٽين جو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ٽائون ڪميٽين جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو، پر دوا نه لڳي هاڻي وري يونين ڪائونسلن کان وٺي سڀني ادارن جي خرچن جي منظوريءَ جا اختيار ڪمشنرن حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن سان لوڪل سيلف گورنمينٽ جو تصور ڄڻ ته بلڪل ئي ختم ڪيو ويو آهي، ان عمل سان ماڻهن جي ذهنن ۾ هيٺيان سوال اڀري رهيا آهن:

ڇا اهو عمل مڪاني ادارن جي اعليٰ اختيارن جي ناڪاميءَ جو اعتراف نه آهي؟ ڪن جو خيال آهي ته اهو عمل انهن جي اندروني ويڙهه جو نتيجو آهي، ڪي وري چون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه روينيو عملدارن جي پاڻ ۾ سرد جنگ جي نتيجي ۾ ٿيو آهي.

30-sep-2014    36

ڇا ڪمشنرن کي اختيار ڏيڻ ان ڳالهه جو اعتراف نه آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي بااختيار بنائڻ غلط هو؟

ڇا ان جو مطلب اهو نه ٿيو ته پي اي ايس ۽ ايڪس پي سي ايس عملدار ڪمشنر جي عهدي تي پهچڻ کان اڳ ٻيا ۽ ڪمشنر ٿيڻ بعد ٻيا بڻجي ويندا آهن، حقيقت ۾ ائين نه آهي حيدرآباد وارو ڪمشنر سيد آصف حيدر شاهه ته اسسٽنٽ ڪمشنر هيو ته به ڀلو هو، ڊپٽي ڪمشنر هو ته به ڀلو هو ۽ ڪمشنر ٿيو آهي ته به بهتر آهي. ڪو ماڻهو سٺو هوندو آهي ته هر جاءِ تي سٺو هوندو آهي، پروموشنن ۽ عهدن جي مٽا سٽا سان ماڻهو سٺا يا خراب نه ٿيندا آهن.

جيئن ته ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جو ايڊمنسٽريٽو، سيڪريٽري سيڪريٽري سروسز آهي، جڏهن مڪاني ادارن جو سيڪريٽري ۽ منسٽر جدا آهي، انهن جي سنيارٽي لسٽ به جدا جدا آهي ته پوءِ ته انهن جو هڪٻئي جي کاتي ڏانهن وڃڻ ڊيپوٽيشن نه ٿيو ته ٻيو ڇا ٿيو؟! اتي وري رڪروٽمينٽ رولس پيش ڪيا ويندا آهن، جيڪي خود انهن تي مشتمل رڪروٽمنٽ رولس ڪميٽيءَ جا ٺهيل هوندا آهن، ڇو ته انجا چارئي ميمبر (i) ايڊيشنل سيڪريٽري ريگوليشن، (ii)ڊپٽي سيڪريٽري (ايس آر) فنانس، (iii) واسطيدار کاتي جو نمائيندو (جيڪو به سيڪريٽريٽ مان ايندو آهي) ۽ (iv) پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري، سروس، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي جا آهن، جنهن ڪري رڪورٽمينٽ رولس ڪميٽيءَ ۾ نام نهاد ڪيڊر پوسٽ وارن جي هڪ هٽي آهي، تنهن ڪري ان جي جوڙجڪ ۽ سندن ٺاهيل رولس عدل جي تقاضا جي ابتڙ آهن.

ڇا ڪمشنر پنهنجي کاتي جي ڪمن، ڪو آرڊينيشن ۽ پروٽوڪول مان واندا ٿيندا جو يونين ڪائونسلن جي خرچن جي منظوري به ڏئي سگهن؟ هتي ته اهو حال آهي جو ڊپٽي ڪمشنر ئي ڪونه ملندا آهن. مطلب ته انهن کي ديومالائي يا غير معمولي ڪردار سمجهڻ غلط آهي.

ڇا ڪل وقتي آفيسرن کان پارٽ ٽائيم آفيسر وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ٿا؟ ۽ ڇا انهن پنهنجي کاتي کي سڌاري ڇڏيو آهي؟ حقيقت ۾ هنن جو کاتو ئي ته رشوت جو باني آهي، جڏهن معاشري ۾ رشوت عام نه ٿي هئي ته به ٿاڻا ۽ تپيدارن جون چاوڙيون رشوت جو گهر هيون، انڪري ته ستين گريد جو تپيدار رئيس، سپروائيزر ميان صاحب ۽ 14هين گريڊ جو اسسٽنٽ مختيارڪار خان صاحب سڏائيندا آهن.

ڇا هاڻي مڪاني ادارن جا ايڊمنسٽريٽر يعني اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي وارن کان اي سي آر وٺندا؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو سمجهبو ته اُهي مڪاني ادارن جي آفيسرن اڳيان ذميوار نه ٿيا ته ڇا پوءِ به اهي کاتي جي ذميوار آفيسرن کان وڌيڪ ڪم ڪندا؟

اڳ ۾ ئي ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪيل اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ڪمشنر کي بلديات جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ کان وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا، هاڻي ته مڪاني ادارن جا خرچ منظور ڪرڻ جا اختيار ملڻ بعد ته منظرنامون اڃا به بدلجي ويندو، پوءِ وزير بلديات ۽ سڪريٽري بلديات جي ڪهڙي ضرورت؟! ۽ سي ايم اوز ۽ ٽائون آفيسر کي دڙڪا ڏيڻ جو ڪهڙو جواز؟! پوءِ به جيڪڏهن اهڙي سوچ آهي ته هي کاتو ختم ڪري سيڪريٽري بلديات جي جڳهه تي بورڊ آف روينيو ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو هيٺيان ميمبر بورڊ آف روينيو ايل جي (لوڪل گورنمينٽ) رکن، ڊئريڪٽر جي پوسٽ ختم ڪري ايڊيشنل ڪمشنر-III يا ايل جي ۽ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر جي پوسٽ ختم ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر-III يا ڊپٽي ڪمشنر ايل جي رکي اصل آفيسرن کي موڪل ڏئي ڇڏن.

ڇا مڪاني ادارن جي ايڪٽ ۾ هر هڪ ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر، چيف ايگزيڪيوٽو (سي ايم او / ٽائون آفيسر / سيڪريٽري) جا اختيار واضع ٿيل نه آهن؟ جي آهن ته پوءِ اهڙن فيصلن سان انهن جي ڀڃڪڙي نه ٿي ٿئي؟

ڇا روينيو عملدارن کي نيپا ۽ اسٽاف ڪاليج ۾ اهڙو ڪورس پڙهايو ويندو آهي جو هو FCPs پاس ماڻهن کان وڌيڪ ڊاڪٽر، M.E پاس کان وڌيڪ انجنيئر ۽ M.Ed پاس کان بهتر تعليمي ماهر بڻجي وڃن ٿا يا سندن گرئجوئيشن خاص قسم جي هوندي آهي يا سندن پيدائش غير معمولي ٿئي ٿي ته پوءَ اهڙن قابلن جون صلاحيتون مڪاني ادارن تي ضايع ڪرڻ بجاءِ کين گريڊ مطابق پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر، ليڪچرر وغيره ڇو نه ٿو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن علم جو ڏيو روشن ٿئي؟

جيڪڏهن هي کاتي جي سينئر آفيسرن سان صلاح مشورا ڪندا ته سندن استحقاق مجروح ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪا جڳهه ٺهرائبي آهي ته اوستي سان صلاح ڪبي آهي، ڊکاڻڪي ڪم لاءِ ڊکڻ سان ۽ لوهارڪي ڪم لاءِ لوهر سان صلاح ڪبي آهي. سڀ ڪم پاڻ ڪونه ڪبا آهن.

بحرحال اها گذارش ڪبي ته سنڌ حڪومت پهريائين روز روز جون بدليون، غير قانوني ڀرتيون، مقرريون ۽ ترقيون روڪي ۽ پنهنجي مانيٽرنگ آفيسرن جا گريڊ ۽ اختيار وڌائي ۽ کين گاڏيون، آفيسون ۽ رهائشون گاهون ڏئي جن کي ڳچيءَ کان به جهلي سگهندا. باقي ڌاريا ۽ پارٽ ٽائيم آفيسر ڪجهه نه ڪندا ۽ نه وري ڪراچيءَ مان رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪم هلندو. ان سان گڏوگڏ ڊولپمينٽ آفيسرن کي فعال بڻايو وڃي، جن جي منظور ڪيل جاين جو تعداد 77 آهي، جن مان 62 خالي آهن، جڏهن ته 2004/05 ۾ ٺهيل تعلقن لاءِ ته اڃا تائين پوسٽون ئي منظور نه ڪرايون ويون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو