Home / ڪور افيئر / ڇا وچ مدي واريون چونڊون اڻٽر آهن؟
above article banner

ڇا وچ مدي واريون چونڊون اڻٽر آهن؟

Razak Khatiهاڻي بس اهو ئي سوال آهي ته ڇا ميان نواز شريف جي هاڻوڪي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي؟ حالتون ٻڌائين ٿيون ته هي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهندي. اها ڳالهه به طئي آهي ته جيڪڏهن هي حڪومت هاڻي ختم به ٿي وڃي ته ان جو عوامي سطح تي ڪوبه رد عمل سامهون نه ايندو، نه ئي سياسي ڌريون هاڻي ايترو اڳتي وڌي ن ليگ جي مدد لاءِ اينديون، جنهن جو ان کان اڳ ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ هو مظاهرو ڪري چڪيون آهن.

عوامي سطح تي هن جمهوري حڪومت جي امڪاني خاتمي (جيڪڏهن وزيراعظم پاڻ وچ مدي وارين چونڊن جو اعلان نٿوڪري ته) جو ردعمل نه اچڻ جا ٻه واضح سبب آهن، جنهن جو پهريون سبب حڪومت جو عوام ڏانهن رويو، ۽ ٻيو ملڪ جي مختلف صوبن ۾ موجود مختلف صوبائي حڪومتون آهن، عوام ڏانهن روئي جو جيڪڏهن اسان جائزو وٺون ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو آهي، جنهن جو سڌي ريت عام عوام کي فائدو ٿيو هجي، جنهن به شعبي ۾ ڏسو اوهان کي مهانگائي جو اهڙو طوفان نظر اچي ٿو جنهن جي بيهڻ جي ڪٿان اميد به نظر نٿي اچي، عام کاڌي پيتي جي شين کان ويندي دوائن تائين هر روز انهن جي اگهن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، پر ڪٿان به عام ماڻهو لاءِ اهڙو گس موجود ناهي، جتان کيس ڪجهه رليف ملي سگهي، هن حڪومت رڳو آگسٽ جي مهيني ۾ 70 ارب رپيا بجلي جي مد ۾ عوام کان اضافي وصول ڪيا آهن، جن ۾ وڏو انگ انهن صارفين جو آهي، جيڪي مهيني ۾ 200 يونٽ مس استعمال ڪن ٿا، اوهان اندازو لڳايو ته جيڪي ماڻهو ٻه سئو يونٽ استعمال ڪندا هوندا، انهن جي آمدني ڪيتري مختصر هوندي، هن حڪومت اچڻ ساڻ آءِ ايم ايف سان قرضن جي معاهدي جي ڪري اڳي ئي بجلي جي اگهن ۾ اضافا ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن وفاقي ڪابينا ۾ وزيراعظم انهي اضافي بلن جي جاري ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ته ان جو فائدو عام صارف کي ڪهڙو ٿيندو. جڏهن ته بجلي چوري جي قيمت به عام صارف کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي، يا اها رقم صوبن جي حصي مان سڌي ريت ڪٽي وڃي ٿي، پر گهمي ڦري ان جو نقصان عام ماڻهو کي ئي ٿئي ٿو.

30-sep-2014    18

پاڪستان ۾ 9 ڪروڙ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جتي پيئڻ جو صاف پاڻي موجود نه هجي اتي بيمارين ۾ اضافي کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگهجي، پر انهن بيمارن کي دوائون ڪٿان ملنديون، جيڪي پنهنجي پيٽ مان ئي واندا ناهن، رڳو هڪ مهيني اندر شگر جي مريضن جي استعمال ۾ ايندڙ سرنج جي قيمت ۾ 4 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت عام استعمال جي دوائن ۾ اضافي جي ڪٿي دانهن ڏجي ، ان جي عام ماڻهو کي خبر ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي خبر آهي ته ان جي ڪير ڳالهه نٿو ٻڌي، جن جي هٿ وس آهي اهي ڪمپنين کان ڪميشنون وٺي کين اگهه وڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏين ٿا، جڏهن ته دوائن جون انيڪ ڪمپنيون اهڙيون آهن جيڪي هاڻي حڪومت کي کنگهن به نٿيون، جڏهن دل چوي تڏهن اگهه وڌائي ڇڏين ٿيون، ان صورت ۾ جتي هر شئ عام ماڻهو جي دسترس کان ٻاهر نڪرندي وڃي انهن حالتن ۾ جيڪڏهن هي حڪومت ڪنهن به طريقي سان هلي وڃي ته ان تي عام ماڻهو ڇو رد عمل ڏيکاري؟

هن حڪومت جي وڃڻ جي حوالي سان ردعمل نه اچڻ جو ٻيو سبب صوبن ۾ مختلف حڪومتون آهن، جيڪڏهن پاڻ پنجاب جو ذڪر ڪريون ته هن وقت اتي ن ليگ جي حڪومت آهي، پر ماڊل ٽائون واقعي ۽ تحريڪ انصاف جي وڌندڙ پاپولرٽي ن ليگ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

تحريڪ انصاف رڳو ن ليگ لاءِ نه پر اها هاڻي پيپلزپارٽي لاءِ به شديد قسم جي پريشاني جو سبب بڻجي رهي آهي، پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي گذريل 6 سالن دوران مڪمل طور تي ديوار سان لڳايو ويو، زرداري صاحب ان عرصي ۾ حڪومتي سطح تي ته جادوگري جا انيڪ ڪرتب ڏيکاريا پر جن ڪارڪنن جي محنت جي ڪري کيس حڪومت ملي هئي اهي ان عرصي ۾ مڪمل طور تي نظر انداز رهيا، تنظيم ادن ۽ ادين جي حوالي رهي، ۽ انهن ادن ۽ ادين جيڪي ٻوٽا ٻاريا آهن ، اهي به ڪنهن کان لڪيل ناهن.

پنجاب ۾ ن ليگ پ پ ڪارڪنن کي سڄو عرصو انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو، پر انهن ڪارڪنن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿيو، هاڻي جڏهن جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پيپلزپارٽي اڳڀري ٿي نڪتي ته پنجاب مان ڪارڪنن جو شديد رد عمل سامهون آيو، جنهن ڪري پارٽي هاڻي ان پوزيشن ۾ ناهي ته هو پنجاب ۾ ٻيهر پاڻ کي ان طاقت سان سامهون آڻي جنهن جو ماضي ۾ ڪڏهن ڪو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري ن ليگ جي حڪومت وڃڻ سان پيپلزپارٽي ڪهڙو به موقف اختيار ڪري، پر پنجاب ۾ پارٽي سطح تي ان جي آجيان ئي ڪئي ويندي.

اهڙي ريت سنڌ ۾ به هن حڪومت جي وڃڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو، بلوچستان جو ته قصو ئي ٻيو آهي، خيبر پختون خواھ ۾ عمران خان جي پنهنجي حڪومت آهي، اهڙي ريت ن ليگ اندر به وڏي ڀڃ ڊاھ موجود آهي، جيڪا رڳو پنجاب نه پر سنڌ سميت ٻين علائقن ۾ ٿي رهي آهي. ن ليگ جي اڳواڻن جي ڪنڌ ۾ جيڪا ڪِلي لڳل آهي، اها ٿوري نرم ٿي هئي، پر جوائنٽ سيشن بعد اها وري سڌي ٿي وئي آهي،

ميان شهباز شريف ، جيڪو انتظامي طور تي ملڪ جي اندر موجود ٻين وڏن وزيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهارو آهي، ان جو پنهنجي ڪارڪنن سان رويو به ائين آهي، جيئن هڪ وڏي ڪارخانيدار جو عام پورهيت سان هوندو آهي، ان ڪري ن ليگ اندر کان گهڻي ڪمزور ٿي چڪي آهي، ٽئين طرف تحريڪ انصاف جي وڌندڙ مقبوليت کي روڪڻ ممڪن نٿو نظر اچي. پاڪستان ۾ عام ماڻهو هاڻي سسٽم تي ئي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هو ان حقيقت کي سمجهي چڪو آهي، ته هتي جيڪي به پارٽيون اقتدار ۾ اچن ٿيون انهن جا سربراھ پنهنجي خاندان جي فردن ۽ ڪجهه دوستن سان گڏجي رياستي وسيلن کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجي دولت ۾ اضافو ڪن ٿا، جنهن ڪري ڪنهن به وڏي بدعنوان ماڻهو کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ممڪن نه رهيو آهي، تنهن ڪري عام ماڻهو جي هاڻي مرضي آهي ته ڪنهن به صورت ۾ تبديلي اچي، جيڪا ووٽ ذريعي ئي هجي.

اسلام آباد جي شاھراھ دستور تي لڳل ڌرڻا هڪ دفعو ٻيهر عوام جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيا آهن، انهن ڌرڻن جي پويان جيڪي هئا، اهي به هاڻي گم ٿي ويا آهن، پر عمران خان ڪنهن به صورت ۾ اتان کان واپس ويندي نظر نٿو اچي، هن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي، هن دفعي هن ٽه طرفي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻو سياسي فائدو ٿيندو، پاڪستان جي فوج ۾ اعلي سطحي تبديلن جي اعلان کانپوءِ هن پنهنجي حڪومت مخالف تحريڪ کي سڄي ملڪ تائين کڻي وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪامياب جلسا ڪري چڪو آهي، عيد کان اڳ ۾ هو ميانوالي ۽ ان بعد ملتان ۾ جلسو ڪندو، اهڙي ريت هو هڪ دفعو وري هو پنجاب جي اهم ۽ وڏن شهرن ۾ ۽ اهڙي ريت هو سنڌ جي شهرن ۾ به جلسا ڪندو، هن جي رٿابندي اها آهي ته هو جتي به جلسو ڪري پر رات جو واپس ڌرڻي واري هنڌ پهچي اتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن کي به مخاطب ٿئي،

ڌرڻي جي وقت ۾ ٿيندڙ اضافي سبب هاڻي اهوسوال به آهستي آهستي ختم ٿيندو ويندو ته ان ۾ ڪيترا ماڻهو آهن، حڪومت ان پوزيشن ۾ناهي ته هو انهن ڌرڻن وارن خلاف آپريشن ڪري شاھراھ دستور خالي ڪرائي، جيڪڏهن حڪومت ائين ڪري ٿي ته ان جو نقصان حڪومت کي ٿيندو ۽ اهي ڌرڻائي فائدي ۾ ويندا،

هن وقت پي ٽي آءِ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ وارا وزيراعظم مٿان 3 قتل جا ڪيس داخل ڪرائي چڪا آهن، جن ۾ ٻه پي اي ٽي داخل ڪرايا آهن، جن ۾ هڪ ماڊل ٽائون واقعي جو ۽ ٻيو شاھراھ دستور تي پوليس جي فائرنگ ۽ لاٺي چارج ۾ مارجي ويل چئن ماڻهن جي قتل جو، جڏهن ته انهي سڄي واقعي ۾ مارجي ويل ڪل 4 ماڻهن جي قتل جو ٻيو ڪيس تحريڪ انصاف به داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم به لڳرايا ويا آهن، انهن ڪيسن ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، گهرو وزير چوڌري نثار، آءِ جي پوليس اسلام آباد ۽ پنجاب ۽ آءِ جي ريلوي به شامل آهن، اهڙي ريت وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ به چوڌري شجاعت ۽ تحريڪ انصاف پاران درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، انهن درخواست گذارن سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ کي استدعا ڪئي آهي ته لارجر بئنچ جوڙيو وڃي، جنهن تي لارجر بئنچ درخواست گذارن کي چيو آهي ته هو ان سلسلي ۾ نئين درخواست چيف جسٽس کي ڏين.

تبديل ٿيندڙ صورتحال ڪنهن به صورت ۾ وزيراعظم جي حق نظر نٿي اچي، ان ڳالهه جي اميد هئي ته هو پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺندو، پر سياسي پارٽين جو به ايندڙ ڏينهن ۾ اهڙو رويو نه رهندو، نه ئي عوامي سطح تي ن ليگ ڪا پاپولرٽي حاصل ڪري سگهي آهي، ان ڪري جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا، تيئن تيئن حڪومت لاءِ رستا سوڙها ٿيندا ويندا.

ٻي حڪمت عملي اها آهي ته تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز جيڪي استعيفائون ڏنيون آهن ، انهن کي قانوني طور تي ان وقت اسپيڪر منظور ڪري سگهي ٿو جڏهن کيس ان ڳالهه جي پڪ ٿئي ته جيڪا استعيفا وٽس موجود آهي، اها واقعي ان ئي ايم اين اي جي آهي، ۽ هن ڪنهن به دٻاءَ ذريعي آهي استعيفا نه ڏني آهي، ان ڪري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حڪومت جي مرضي سان اها حڪمت عملي اختيار ڪئي ته سمورن ميمبرن کي گڏ گهرائڻ بدران ٽولين جي صورت ۾ ٽي ٽي چار چار ڪري ميمبرن کي سڏائي انهن کان پڇا ڪري، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جو گهڻُو انگ استعيفائون ڏيڻ لاءِ رضامند ناهي، جيڪڏهن اهي ٽولين جي صورت ۾ اسپيڪر وٽ وڃي استيعفائن کان ڦري ويا ته اهو ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ اندر ڪو فارورڊ بلاڪ ٺهي سگهي ٿو، ان ڪري پي ٽي آءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اڪيلا اسپيڪر وٽ نه ويندا، سمورن ميمبرن کي هڪ ڏينهن ۽ هڪ وقت سڏائي کين پڇيو وڃي، جتي عمران خان پاڻ به موجود هوندو، تنهن ڪري ان جي موجودگي ۾ ڪوبه ايم اين اي اهڙو جواب نه ڏئي سگهندو، جنهن جي حڪومت کي اميد آهي،

هاڻي پاڪستان جي آئين موجب ميمبر جي استعيفا منظور ڪرڻ جو اسپيڪر کي ئي اختيار آهي، پر ان لاءِ ڪوبه وقت جو تعين ٿيل ناهي، تنهن ڪري اسپيڪر مٿان ٻين سياسي پارٽين، خاص ڪري جي يو آءِ ، اي اين پي ، پشتون خواھ ملي عوامي پارٽي جو دٻاءَ وڌي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪري خالي ٿيل تڪن تي نيون چونڊون ڪرايون وڃن، پيپلزپارٽي اڃا تائين ان موقف تي بيٺل آهي ته استيعفائون منظور نه ڪيون وڃن، عيد کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس رٿيل آهي، جنهن ۾ ان معاملي تي گوڙ ٿيڻ جا امڪان آهن، ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندڙ انهن سياسي ڌرين کي ناراض ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ناهي،

اسپيڪر جيڪڏهن انهن جون استيعفائون موجوده صورتحال ۾ منظور ڪري ٿو وٺي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر سپريم ڪورٽ ۾ هليا ويندا، هاڻي اسپيڪر وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هو تحريڪ انصاف جي مطالبي کي قبول ڪندي سمورن ايم اين ايز کي گڏ گهرائي، جيڪڏهن هو انهن کي گهرائي استعيفائن بابت پڇا ڪري ٿو ته به ائين ٿو لڳي ته پي ٽي آءِ وارا نئون بهانو ڪندا، ڇاڪاڻ ته نئين حڪمت عملي تحت هو حڪومت کي ڪوبه ڪرڻ نه ڏيندا، اها نئين حڪمت عملي اها آهي ته اسٽينڊنگ ڪيميٽيون جيڪي حڪومتي ڪار وهنوار ۽ قانون سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ، انهن ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر موجود آهن ،اهي هاڻِي انهن ڪميٽين ۾ ايندا ۽ رڳو گو نواز گو جا نعرا هڻندا، جيئن جهيڙا ٿين ۽ ڪوبه ڪم اڳتي نه هلي سگهي، ان جو عملي مظاهرو هو هڪ ڪميٽي ۾ ڪري چڪا آهن، جتي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ايم اين اي جو چپ ڦاٽي پيو، جنهن کي اسپتال موڪلڻو پئجي ويو، ۽ ڪميٽي چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ان حڪمت عملي تحت هو وڌيڪ حڪومت کي پريشان ڪندا، شاهراھ دستور تي انهن ٻنهي ڌرين جي موجودگي سبب ڪوبه پرڏيهي ملڪ جو سربراھ پاڪستان نه اچي سگهندو، شاھراھ دستور تي انهن جي موجودگي حڪومت لاءِ نڙي ۾ ڪنڊو بڻيل رهندي، جنهن کي هو نه ڳڙڪائي سگهي ٿي ۽ نه اوڳاڇي سگهي ٿي، اهوئي سبب آهي ته جمهوريت کي بچائڻ جي سڀ کان وڏي دعويدار پيپلزپارٽي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه، وزيراعظم کي ٻي صلاح ڏني آهي ته هو پاڻ وچ مدي وارين چونڊن جي تاريخ جواعلان ڪري، ٻي صورت ۾ نظام ئي ويڙهجي ويندو،

واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميان نواز شريف کي پهرين صلاح اها ڏني هئي ته هو پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائي جيئن جمهوريت کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي، وزيراعظم مخالف ڌر جي تجويز تي عمل ڪيو ۽ گڏيل اجلاس سڏايو، ڏسڻو اهو آهي ته ڇا وزيراعظم خورشيد شاھ جي ان نئين تجويز تي عمل ڪري ٿو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو