Home / دنيا / ڇا ڪائنات هڪ هزار ورهين ۾ ختم ٿي ويندي؟
above article banner

ڇا ڪائنات هڪ هزار ورهين ۾ ختم ٿي ويندي؟

سائنس جي مفروضن بابت عام طور اهو ئي سوچيو ويندو آهي ته اهي مستقل بعيد جون ڳالهيون آهن، انهن تي يقين ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. سائنس جو پنهنجو بنياد به شڪ ۽ نين شين بابت اهڙن خيالن تي بيٺل آهي. هڪ لمحي لاءِ تصور ڪريو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن سائنس مئگزين جا پنا اٿلائيندي توهان جي نظر ڪنهن اهڙي خبر مٿان پوي ٿي جنهن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ٽيهن ورهين کانپوءِ توهان پنهنجي ٽيليفون وسيلي سڄي دنيا سان ڳنڍجي ويندا. دوري، دوري نه رهندي. انٽرنيٽ، هولوگرام ۽ سمارٽ فون جهڙين ايجادن سبب انسان سيڪنڊن ۾ لکين ميلن جو مفاصلو طئي ڪري وٺندا. ڇا توهان اهڙي ڪنهن خبر تي يقين ڪري پئي سگهيا؟

سائنسي مفروضو ڀلي حقيقت جي ڪيترو به ويجهو هجي پر هوندو مفروضو ئي آهي، ويجهڙ ۾ ئي جديد دور جي سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ طرفان ڇرڪائيندڙ بيان سامهون آيو آهي. اسٽيفن هاڪنگ موجب “گاڊز ري دريافت ٿيڻ کانپوءِ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اسانجي ڪائنات ۾ اهڙيون تبديليون اچي وڃن، جنهن سان وقت ۽ خلا جو سمورو نظام درهم برهم ٿي وڃي.”

30-sep-2014    29

سائنسدانن مطابق Higgs bosom God particle هڪ اهڙو ذرڙو آهي، جيڪو طبيعات جي معياري ماڊل ۾ ڪميت جو ذميوار آهي. ان ذرڙي ۽ ان جي نتيجي ۾ درپيش چئلينج کي هاڪنگ پنهنجي هڪ نئين ڪتاب جيڪو اڳئين مهيني تائين پڌرو ٿي ويندو جي مهاڳ ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي: “Higgs ۾ موجود امڪانن ۾ هڪ پريشان ڪندڙ امڪان به موجود آهي اُهو هي آهي ته سو بلين گيگا الڪٽرون وولٽ تي ان جو نازڪ توازن بگڙي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪائنات ۾ هڪ تباه ڪندڙ خلا (Vacume) جنم وٺندو. اهو خلائي بلبلو روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪندو. اهو ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو ۽ اسان ان کي ايندي ڏسي به نٿا سگهون.”

گذريل سال لنڊن سائنس ميوزم ۾ تقرير ڪندي اسٽيفن هاڪنگ ٻڌايو هو ته اسانجي ڪائنات وٽ هزار ورهيه باقي بچيا آهن. ان ذرڙي بابت ان جي دريافت ڪندڙ پيٽر هگس ان جي باري ۾ سادي وضاحت ڪندي چيو هو ته: “اهي ذرڙا هڪ قسم جي توانائي جا حلقا آهن”.

ڪائنات کي هڪ هزار ورهين ۾ ختم ٿي وڃڻو آهي، جهڙيون اڳڪٿيون ڪندڙ سائنسدان اسٽفن هاڪنگ رڳو سائنس ۽ طبيعات جي دنيا جو ڄاتل سڃاتل نالو نه آهي. عام ماڻهو جن کي ڀلي نه سائنس ۾ دلچسپي نه هجي اهي به هاڪنگ کي ڪيترن ئي حوالن سان سڃاڻين ٿا. هاڪنگ جو ڪتاب “A Brief History of Time” 237 هفتن تائين انگلينڊ جي اخبار “سنڊي ٽائمز” جي بيسٽ سيلر ڪتابن جي فهرست ۾شامل رهيو، جيڪو هڪ رڪارڊ هو. اسٽيفن هاڪنگ کي آمريڪا جو سڀ کان وڏو سويلين ايوارڊ “صدارتي تمغه آزادي” پڻ ملي چڪو آهي. ان کانسواءِ هو هاڪنگ رائل سوسائٽي آف آرٽس جو اعزازي ميمبر پڻ آهي.

هاڪنگ جي همت به سندس شهرت جو هڪ سبب آهي. هو موٽر نيوران نالي بيماري جو شڪار هجڻ سبب مڪمل طور مفلوج آهي ۽ سندس لاءِ چرپر ڪرڻ ممڪن نه آهي. هو هڪ اهڙي مشين وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي، جيڪا “Speach Generating device” سڏجي ٿي. پنهنجي معذوري باوجود اسٽيفن هاڪنگ تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سرگرم آهي.

هاڪنگ پهريون ڀيرو دنيا کي ڇرڪائيندڙ بيان ناهي ڏنو. هن کان اڳ به هو ڪمپيوٽر ۾ گهڙي ايندڙ وائرس کي زندگي جو هڪ قسم قرار ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ هاڪنگ جو اهو خيال پڻ آهي ته ماوراءِ مخلوق جو وجود آهي ۽ اسان کي ان کان بچڻ گهرجي. هاڪنگ جي خيال ۾ دنيا کي رڳو خلا ۾ موجود توانائي جي ڪنهن حلقي مان ئي خطرو ناهي بلڪه اوچتو نيوڪليائي جنگ شروع ٿيڻ، انجنيئرنگ مان پئدا ڪيل وائرس يا ڪنهن اڻ ڏٺل خطري سبب به زندگي جو وجود ختم ٿي سگهي ٿو.

(c) International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو