Home / اسپيشل افيئر / ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج جي ڪارڪردگي سواليه بڻيل!
above article banner

ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج جي ڪارڪردگي سواليه بڻيل!

Razak Khatiسنڌ سرڪار پاران سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ سنڌ ۾ ڪيترائي ادارا جوڙيا ويا آهن. جهڙوڪ: سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ريسرچ نواب شاهه، شاهه ولي الله اڪيڊمي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڊاڪٽر اين . اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جي نالي سان ڪيتريون ئي چيئرس قائم ٿيل آهن. جيئن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر ۽ بينظير ڀٽو چيئر، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قليچ بيگ چيئر، علامه آءِ آءِ قاضي چيئر، غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، شيخ اياز چيئر. لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ سچل چيئر، روضي ڌڻي چيئر، ۽ تنوير عباسي چيئر وغيره، حڪومت پاران هر سال انهن ادارن کي ڪروڙين روپيا بجيٽ ڏني وڃي ٿي. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت پاران جيتري فنڊنگ انهن ادارن کي ڏني وڃي ٿي، هڪ ٻن ادارن کي ڇڏي، باقي ٻين ادارن جي ڪارڪردگي سواليا بڻيل آهي.

سڀ کان پهرين پاڻ جنهن اداري جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺنداسين اهو سنڌ جي وڏي عالم، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي سان جوڙيل ادارو ”ڊاڪٽر اين . اي بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج“ آهي. اهو ادارو سنڌ حڪومت جي نوادرات کاتي پاران آگسٽ 2009ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. جنهن جو افتتاح ان وقت جي چيف سيڪريٽري سنڌ فضل الرحمٰن 26 سيپٽمبر 2009ع تي حيدرآباد ۾ ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جن پاڻ به شريڪ ٿيا هئا. هن انسٽيٽيوٽ جي مقصدن ۾ ”سنڌ جي تاريخ، ورثي ۽ مشرقيات جي موضوعن تي عالمي ليول جي تحقيق ڪرائڻ ۽ ان ڪم لاءِ هر سال ٻه ايم. فل ۽ پي . ايڇ . ڊي جي موضوعاتي تحقيق لاءِ اسڪالرشپون، ٻه پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپس ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڇڏيل ڪم ۽ نشاندهي ڪيل موضوعن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ٻه اسائنٽمينٽون هر سال ڏيڻ، ڊاڪٽر بلوچ فزيڪل ميوزم قائم ڪرڻ، ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتابن ۽ ٽڙيل پکڙيل مواد کي گڏ ڪري ڇپرائڻ شامل آهي.“

انسٽيٽيوٽ جو پهريون ڊائريڪٽر گل محمد عمراڻي مقرر ڪيو ويو. جنهن جي استعيفيٰ کانپوءِ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ هاڻ ڊاڪٽر يعقوب مغل ان جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر مغل جو چوڻ آهي ته هو ان عهدي تي اعزازي طور ڪم ٿو ڪري، کيس ڪو به ماهوار وظيفو يا پگهار نٿي ڏني وڃي. البت گاڏي سندس چارج ۾ آهي ۽ ان جي پئٽرول جي مد ۾ کيس ماهوار ڪجهه پئسا ڏنا وڃن ٿا، سي به پهرين هو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪندو آهي ۽ پوءِ سيڪريٽري فنانس پاران جاري ڪيا ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته اداري جي مالي معاملن کي هلائڻ جو سڄو اختيار وٽس نه پر نوادرات کاتي وٽ آهي.

ان اداري جي آفيس پهرين سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ هئي، جنهن جي مسواڙ چاليهه هزار روپيا ماهوار هئي، هاڻ اها اتان شفٽ ڪري انور ولاز نزد وحدت ڪالونيءَ ۾ آندي ويئي آهي. جنهن جي مسواڙ ماهوار اسي هزار رويپا آهي. جڏهن ته اداري جي آفيس ٻن ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ڄامشوري ۾ ٺهڻي آهي، جنهن تي ڪم هلي رهيو آهي، هن وقت اداري جي سالياني بجيٽ هڪ ڪروڙ سترهن لک روپيا آهي، اداري ۾ هن وقت ارڙهن ملازم ڪم ڪن ٿا. جن ۾ ڊائريڪٽر کانسواءِ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو پوٽو محمد ارشد بلوچ به شامل آهي، جنهن جي اصل پوسٽ ’انچارج ڊاڪٽر بلوچ فزيڪل ميوزم‘ آهي، جيڪو هن اداري ۾ قائم ٿيڻو آهي، پر ارشد بلوچ هينئر سترهن گريڊ ۾ اسسٽنٽ جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻين ملازمن ۾ پٽيوالا، لئبررين، ڊرائيور، ڪلارڪ وغيره شامل آهن، جن مان به اڌ کان وڌيڪ غير حاضر هوندا آهن. ذريعن ٻڌايو ته سفارش تي ڀرتي ٿيل ملازمن مان ڪي مخدوم جميل الزمان جا ته ڪي وري ڄام تماچي انڙ جا رکرايل آهن. جڏهن ڊائريڪٽر محمد يعقوب مغل کان انهن غير حاضر ملازمن جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن وراڻيو، ”اسين کين ڊيوٽيءَ تي حاضر رهڻ جي تنبيهه ڪندا رهندا آهيون، پر هو اسانکي کنگهندا به نه آهن.“ جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته انهن غير حاضر ملازمن کي تنبيهه ڪرڻ تي انهن ڪيترائي ڀيرا ڊائريڪٽر کي به خاموش رهڻ لاءِ چيو.

30-sep-2014    38

2009ع ۾ ٺهيل هن اداري جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺو ته هنن سٽن لکجڻ تائين اداري جي ڪارڪردگي تي سوال پيدا ضرور ٿيندا. ان اداري پاران 2012ع ۾ انگريزي ۾ ٻه ڪتاب، ۽ سنڌي ۾ ٽي ڪتاب شايع ڪيا ويا. جڏهن ته 2013ع ۾ نوَ ڪتاب ڇپيا ويا. انهن مان به هڪ سووينيئر آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپيو ويو هو. باقي بچيل تيرهن ڪتابن مان ٻه ڪتاب ”انشاهي عطارد“ ۽ ”حاصل النهج“ فارسي ۾ آهن. انشاهي عطارد منشي شيوڪ رام عطارد جو لکيل آهي، جيڪو ڊاڪٽر خضرنوشاهيءَ کان ايڊٽ ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته ”حاصل النهج“ مخدوم جعفر بن عبدالڪريم ميران بن يعقوب بوبڪائيءَ جو آهي. جنهن جو مقدمو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. ”انشاهي عطارد“ ڇاڪاڻ ته سڄو فارسيءَ ۾ آهي ۽ فارسي هاڻ پاڻ وٽ عام ڪونهي، تنهنڪري اهو ڪتاب پڙهندڙن کي ڪوبه فائدو رسائي نه ٿو سگهي. البت جيڪڏهن ان جو فارسي سان گڏ سنڌيءَ ترجمو ڇپيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. ان سلسلي ۾ جڏهن ڊاڪٽر يعقوب مغل کان پڇيو ويو ته، هن وراڻيو، ”اسان ڪوشش ته ڪئي، پر فارسي مان ڪو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ وارو مليو ئي ڪونه.“ اتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ان ڪتاب ڇپائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ انسٽيٽيوٽ پاران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي زندگي ۽ خدمتن تي محمد انس راجپر کان ڪتاب لکرائي سندس ٻي ورسيءَ تي ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، زندگي ۽ خدمتون“ جي نالي سان ڇپرايو ويو، ان ڪتاب تي ڪم ڪرڻ جي دوران محمد انس راڄپر کي ماهوار وظيفو پڻ ڏنو ويو. پر ڪتاب جي معيار جو هڪ مثال هتي صفحي 178 تي ”شهيد شاهه عنايت جو ڪلام“ جي نالي سان هڪ ڪتاب جو تعارف ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ لکيو ويو آهي. ”هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 1963ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ ان تي تحقيق ڪئي ۽ مقدمو لکيو ويو، جنهن ۾ شاهه عنايت شهيد جي ڪلام جي اهميت، ڪلام ۽ شاهه عنايت جي سوانح جي ماخذن جو تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ شاهه عنايت جي شاعري ۽ شاهه لطيف سان سندس تعلق جو ذڪر ڪيو ويو آهي.“

اصل ۾اهو ڪتاب ”ميون شاهه عنات جو ڪلام“ آهي، جنهن کي محقق انيس راڄپر ”شهيد شاهه عنايت جو ڪلام“ جو عنوان ڏيئي، پنهنجي ماهرانه تحقيق ڪئي. جڏهن ڪتاب جي ان غلطي بابت ارشد بلوچ جو ڌيان ڇڪرايو ويو ته هن چيو اهو اسان کان اڳ جو ڇپيل آهي، جڏهن ته ان ڪتاب تي ٻه اکر هاڻوڪي ڊائريڪٽر يعقوب مغل ئي لکيا آهن. جنهن کي به اها غلطي نظر نه آئي. ٻي پاسي خود محمد ارشد بلوچ جي علمي ۽ ادبي حيثيت بابت به سوال اُٿاريا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس نالي سان مرتب ڪيل ڪتاب ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا مقالا، علم، ادب ۽ شخصيتون“ بابت چوڻ ۾ اهو ٿو اچي ته اهو ڪتاب اصل ۾ شوڪت حسين شوري ترتيب ڏنو هو، پر پوءِ ڇپجڻ کان اڳ شوڪت حسين شوري جو نالو هٽايو ويو.

اداري پاران ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ محمد انس راڄپر جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”مخدوم معين الدين سوانح ۽ خذمتون“ پڻ آهي، جنهن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ جڏهن ارشد بلوچ کان پڇيو ويو ته هن وراڻيو ته ”انس راڄپر منظور نظر آهي، ان ڪري اهو ڪتاب ڇپيو ويو.“ انکانسواءِ ڊاڪٽر بلوچ جي مضمونن ۽ مقالن جو هڪ انگريزي ۽ ٽي سنڌي جلد (جن مان هڪ جو مٿي ذڪر ڪيو ويو) ڇپيا ويا آهن.

ان سلسلي جو پنجون جلد تازو ڪلچر کاتي پاران ڇپيو ويو آهي، جنهن جو مرتب پڻ ارشد بلوچ آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران ڊاڪٽر بلوچ جا ۽ مٿس ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ڇپيا ويا آهن. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ’ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ‘ موجود آهي ۽ ان کي هر سال هڪ ڪروڙ سترهن لک گرانٽ به ڏني وڃي ٿي. ۽ ان جو ڪم ئي اهو آهي ته پوءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران ڪهڙن بنيادن تي ڇپيا پيا وڃن.

ڊاڪٽر بلوچ تي ريسرچ ڪرائڻ جي لاءِ گذريل سال روزاني جنگ جي 15هين آڪٽربر 2013ع جي شماري ۾ فيلوشپ ايوارڊ لاءِ اشتهار ڇپايو ويو هو.

جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ درخواستون گهرايون ويون هيون. جن لاءِ چيو ويو، ان لاءِ انٽرويو ڪيا ويندا. پر پوءِ معلوم ٿيو ته اهي ريسرچ فيلوشپس بنا انٽرويو ڪرڻ ۽ منجهه ڳجهه ۾ ڏنيون ويون. (اهو اشتهار ڪنهن به سنڌي اخبار ۾ نه ڇپرايو ويو، ان جي پويان اها ڪهاڻي چئي وڃي ٿي ته جنگ اخبار سنڌي پڙهندڙن جي نظر مان گهٽ ٿي گذري ۽ ايئن ٿورن ماڻهن جي درخواستن جو بهانو بنائي من پسند ماڻهن کي فيلوشپ ڏني وئي) انهن ۾ فنانس کاتي جو هڪ عملدار پڻ شامل آهي. ان سلسلي ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو ته اداري پاران ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ڇپايا پيا وڃن، جن جا ٺيڪا ڪراچي جي هڪ پرنٽر کي بنا ٽينڊر جي ڏنا ويا. جنهن کي اڳواٽ ادائگي به ڪئي ويئي، پر اڃا تائين اهي ڪتاب اداري کي هئنڊ اوور نه ڪيا ويا آهن. بنا ٽينڊر جي ڇپائي جو ٺيڪو ڏيڻ جون خبرون اخبارن ۾ پڻ ڇپيون هيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو