Home / ڪور افيئر / ڌرڻا سياست: ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ!
above article banner

ڌرڻا سياست: ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ!

Shujauddin qureshiاسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس اڳيان لڳل ٻن جاڙن ڌرڻن سبب چين جي صدر زي جن پنگ جو دورو ملتوي ٿيڻ پاڪستان حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو. جڏهن ته ان خبر جو عالمي برادري ڏانهن ناڪاري پيغام پڻ ويو ۽ حڪومت کي اهو خوف آهي ته سفارتي سطح تي ان ناڪاميءَ جو ڪٿي ملڪ جي معيشت تي نه ناڪاري اثر پوي. نواز شريف حڪومت جي دعويٰ آهي ته چين جي صدر جي دوري دوران ڪيترن ئي سيڙپ جي معاهدن تي چيني ڪمپنين سان صحيحون ٿيڻيون هيون. ٻئي طرف چين جي صدر جي دوري ملتوي ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ لڳاتار ڌرڻن سبب پرڏيهي سڌي سيڙپ جو عمل پڻ رڪجي ويو آهي يا سست ٿي ويو آهي.

حڪومت چين جي صدر جي دوري جي ملتوي ٿيڻ سبب ملڪ جي معيشت کي پهتل نقصان جو ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طاهر االقادري کي قرار ڏنو آهي. جڏهن ته عمران خان حڪومت خلاف سول نافرماني تحريڪ جو اعلان ڪندي پنهنجي حامين کي چيو آهي ته وزير اعظم جي استعيفيٰ تائين اهي ٽئڪس، بجلي ۽ پاڻي جا بل ادا نه ڪن. هن سول نافرماني سان گڏ ماڻهن کي اها اپيل پڻ ڪئي ته اهي پرڏيهه مان رقمون هُنڊي يا حوالا وسيلي موڪلين، جڏهن ته ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو ان سسٽم وسيلي موڪلڻ تي پابندي پيل آهي. عمران خان طرفان هُنڊي سسٽم وسيلي پئسا موڪلڻ واري ڳالهه تي جتي واپارين ۽ صنعتڪارن سخت تنقيد ڪئي آهي اتي مخالف ڌر جي سياسي پارٽين پڻ مٿس سخت ڇوهه ڇنڊيا آهن.

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ 15 آگسٽ 2014 کان لڳل ڌرڻن سبب شهر جي ڪافي حصن ۾ زندگي معطل آهي. جڏهن ته شروعاتي ڏينهن ۾ صورتحال اڃا به خراب هئي جڏهن اهي احتجاجي ريليون لاهور کان اسلام آباد لاءِ نڪتيون هيون ته اسلام آباد کي مختلف انٽري پوائنٽس تان ڪنٽينر رکي بلڪل بند ڪيو ويو هو، هاڻي اهي ڌرڻا پارليامينٽ هائوس ۽ پاڪستان سيڪريٽريٽ ويجهو ڊي چوڪ تائين محدود آهن.

وفاقي حڪومت ٻن الڳ موقعن تي ڌرڻن سبب پئدا ٿيل غير يقيني سياسي صورتحال سبب ملڪ جي معيشت کي تمام وڏو نقصان پهچڻ جي نشاندهي ڪئي. ان غير يقيني صورتحال ۾ مارشل لا ۽ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جا افواهه به گردش ڪندا رهيا ليڪن سرڪار ي ٽيليويزن PTV جي هيڊڪواٽر تي احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن جي حملي ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪيو، ڇو ته ڌرڻي وارا احتجاجي ڪارڪن پهرين سيپٽمبر تي پارليامينٽ هائوس ۽ وفاقي سيڪريٽريٽ جي اندر به زور زبردستي ڪري گهڙي ويا هئا.

15   SEP 2014    16

ساڳي وقت 3 سيپٽمبر 2014 تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس انور ظهير جمالي، اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ کي چيوته هلندڙ احتجاجي ڌرڻن سبب ملڪي معيشت کي پهتل نقصان بابت تفصيل جمع ڪرائي. اٽارني جنرل، وفاقي حڪومت جي نمائندگي ڪندي جيڪي تفصيل جمع ڪرايا تن موجب احتجاجي ڌرڻن سبب قومي خزاني کي 547 بلين روپين جو نقصان پهچي چڪو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ترقي ۽ منصوبابندي جو وفاقي وزير چوڌري احسن اقبال اهو چئي چڪو هو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن سبب ملڪي معيشت کي هڪ هزار بلين روپين جو نقصان پهتو آهي. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين پڻ پنهنجي هڪ تقرير ۾ ملڪي معيشت جي نقصان جو ڪاٿو لڳ ڀڳ ايتروئي ٻڌايو. احسن اقبال 9 سيپٽمبر 2014 تي اسلام آباد ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ملڪي معيشت کي پهتل نقصان جا تفصيل پڻ ٻڌايا.هن جي مهيا ڪيل تفصيلن مطابق 1-ٽرلين روپين جي ڪٿيل رقم مان 250 بلين روپيا پاڪستان جي روپئي جي ملهه ۾ لاٿ سبب نقصان ٿيو. 350 بلين روپيا اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي سبب نقصان ٿيو، 225 بلين روپين جو نقصان ناڻي واڌ سبب ٿيو، جڏهن ته 150 بلين روپيا امپورٽ بلن ۾ واڌ سبب لڙهي ويا، جنهن جو گهڻو حصو پئٽروليم جي شين جي خريداري تي خرچ ٿيو.

سينيئر معاشي ماهرن موجب ملڪي معيشت کي پهتل نقصان جا اهي شروعاتي انگ اکر آهن، ڌرڻن سبب ملڪي معيشت کي پهتل نقصان جا منفي اثر ڪجهه عرصي کانپوءِ ظاهر ٿيندا. اهو به ممڪن آهي ته هن وقت حڪومتي وزيرن طرفان معيشت کي پهتل نقصان بابت ڏنل انگ اکر درست نه هجن ۽ نقصان گهٽ پهتو هجي.

اقتصادي ماهرن چواڻي اهي شروعاتي طور اسٽاڪ مارڪيٽ جي ٻاڙائي کي معيشت جو وڏو نقصان نٿا سمجهن ڇو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اسٽاڪ مارڪيٽ بهتر ٿي وئي هئي. ساڳي ريت اهو به ممڪن آهي ته اسلام آباد، ملڪ جي مٿين حصن ۽ خيبر پختونخواه ۾ سامان جي سپلاءِ بند هجڻ سبب ٽرانسپورٽ واري شعبي جو به ڪافي نقصان ٿيو هجي پر هاڻي ٽرانسپورٽ بحال ٿي چڪي آهي. “منهنجي خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان بليو ايريا اسلام آباد جي واپارين جو ٿيو هوندو، ڇو ته اهي ئي ڌرڻن جي زد ۾ وڌيڪ رهيا” اقتصادي ماهر ڊاڪٽر اسد سيد چوي ٿو.

پر ان نقصان جو به لڳ ڀڳ پورائو ٿي ويو ڇو ته ڊي چوڪ تي لڳل ڌرڻي جي آسپاس پڻ واپارين کاڌ خوراڪ جا نوان اسٽال قائم ڪري ورتا آهن. ڊاڪٽر اسد سيد چواڻي ڊي چوڪ واري علائقي کانپوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ معاشي سرگرميون روٽين ۾ جاري آهن. “منهنجي خيال ۾ انهن ڌرڻن سبب ناڻي جي پرڏيهه منتقلي نٿي آهي اسان کي آگسٽ دوران ايڪسپورٽ مان ٿيل حاصلات جو انتظار ڪرڻ گهرجي” ڊاڪٽر سيد چوي ٿو.

دلچسپ حقيقت اها آهي ته پرڏيهه مان خانگي طور ايندڙ رقمن ۾ 7.14 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ آگسٽ دوران 1.32 بلين ڊالر پرڏيهي پاڪستانين ملڪ موڪليا آهن، جيڪي رقمون آگسٽ 2013 ۾ موڪليل رقمن کان وڌيڪ آهن. تفصيلن موجب آگسٽ 2014 ۾ سعودي، گڏيل عرب امارتن، آمريڪا، برطانيا، بحرين، ڪويت، عمان ۽ يورپي ملڪن مان ترتيبوار 396.90 ملين ڊالرز، 284.90 ملين ڊالرز، 199.01 ملين ڊالرز، 172.71 ملين ڊالرز، 152.17 ڊالرز، 152.17 ملين ڊالرز ۽ 33.14 ملين ڊالرز شامل آهن.

پاڪستان جي معيشت کي اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن سبب جيڪو سڀ کان وڏو نقصان پهتو آهي، اهو آهي پاڪستان جي روپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي، جنهن جو ملهه 13 آگسٽ ، 2014 کانپوءِ ڊالر جي ڀيٽ ۾ 3 روپيا گهٽ ٿيو آهي. جيئن ته پاڪستان پئٽروليم، مشنري ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جهڙوڪ چانهه ۽ ويجيٽيبل آئل جو سڀ کان وڏو امپورٽر آهي، روپئي جي ملهه ۾ لاٿ سان پڪ سان امپورٽ بل وڌندو، جيڪو ملڪي معيشت کي وڏو ڌڪ آهي. واضح هجي ته 13 آگسٽ 2014 ع تي لاهور مان احتجاجي ريلين جي شروع ٿيڻ وقت هڪ آمريڪي ڊالر جو ملهه 99.11 روپيا هو، جيڪو 4 سيپٽمبر 2014 تائين وڌي وڃي 103.52 تي پهتو آهي. ليڪن هاڻي روپئي ڪجهه سگهه تڏهن حاصل ڪئي جڏهن اهو ڊالر جي ڀيٽ ۾ 102 روپين تي پهتو.

“منهنجي نظر ۾ روپئي جي ملهه ۾ لاٿ پاڪستاني معيشت کي ڊگهي پنڌ ۾ وڏو نقصان ڏيندي” هڪ سينئر معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسن صديقي چيو. “جڏهن ته پاڪستان تي پرڏيهي قرض 65 بلين آمريڪي ڊالرز آهي جيڪو ڊالر جو 3 روپيا ملهه وڌڻ سبب تمام گهڻو وڌي ويندو”. هن وڌيڪ چيو.

ياد رهي ته پاڪستان جو هڪ مهيني جو امپورٽ بل 45 بلين ڊالرز آهي جيڪو 3 روپيا في ڊالر پٺيان اگهه وڌڻ سبب تمام گهڻو وڌي ويندو. جڏهن ته امپورٽ ٿيندڙ شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس پڻ وڌي ويندو، جنهن ڪري ايڪسپورٽ ٿيل صنعتي شين جا اگهه به وڌي ويندا.

ٻئي طرف عمران خان طرفان سول نافرماني وسيلي ماڻهن کي ٽيڪس نه ڏيڻ تي اُڪسائڻ جو نقصان به معيشت کي ٿيندو ڇو ته وفاقي بورڊ آف روينيو اڳواٽ ئي ٽئڪس وصولين ۾ پنهنجو ٽارگيٽ پورو نه پيو ڪري سگهي.

ڊاڪٽر صديقي چواڻي انهن ڌرڻن کان وڌيڪ متاثر خيبرپختونخواه جي حڪومت پڻ ٿيندي ڇو ته اها لڳ ڀڳ 88 سيڪڙو وفاقي ورڇ جوڳي پول بجيٽ حاصل ڪندي آهي. گهٽ ٽئڪس وصولين سبب صوبائي توڙي وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته اهو به امڪان آهي ته گهٽ وفاقي ٽئڪس وصولين سبب صوبا تعليم ۽ صحت واري شعبي جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪن ۽ اهو به ممڪن آهي ته وفاق وٽ وفاقي منصوبن لاءِ بجيٽ ئي موجود نه هجي.

جڏهن ته معاشي ماهرن جو خيال آهي ته وفاقي راڄڌاني ۾ لڳل ٻن ڌرڻن سبب معيشت کي جيترو به نقصان پهتو آهي، اهو في الحال ڳڻائي نٿو سگهجي باقي وفاقي وزيرن جا معيشت کي پهتل نقصان بابت ڏنل انگ اکر اعتبار جوڳا نه آهن، سندن اها پڻ راءِ آهي ته اسلام آباد ۾ ٻن ڌرڻن سبب معيشت جو ايترو نقصان نه ٿيو آهي جيترو نقصان ٻوڏ سبب خيبرپختونخواه ۽ پنجاب ۾ ٿيو آهي، اهو نقصان معيشت جو وڏو نقصان آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو