Home / ڪور افيئر / ڌرڻا- پردي پٺيان ڇاٿي رهيو آهي؟
above article banner

ڌرڻا- پردي پٺيان ڇاٿي رهيو آهي؟

Razak Khatiپاڪستان جي پارلياماني تاريخ جو طويل ترين گڏيل اجلاس پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، ظاهري طرح ته ايئن ٿي لڳو ته اهو اجلاس ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين پارليامينٽ هائوس آڏو آزادي ۽ انقلاب مارچ وارن جا ڌرڻا جاري آهن. پر 19هين سيپٽيمبر تي جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار سنڌ ۾ هڪ ٻئي صوبي جي قيام سميت سڄي ملڪ اندر 20 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته اڄ اجلاس جو آخري ڏينهن آهي، ان ڪري هو وزيراعظم ۽ مخالف ڌر کان سنڌ ۾ ٻئي صوبي تي سندن راءِ وٺڻ چاهي ٿو واري ڳالهه ڪئي ته ان ڏينهن اها خبر پئي ته اهو ڏينهن گڏيل اجلاس جو آخري ڏينهن هو، پارليامينٽ جو هي گڏيل اجلاس ميمبرن لاءِ ان ڪري به ٿڪائيندڙ هو ته ان ۾ سواءِ ڌرڻن جي ٻيو ڪوبه ذڪر نه هو، گهڻي پريشاني ن ليگ کي هئي، پر جڏهن هي اجلاس شروع ٿيو ته موجوده حڪومت کي آڪسيجن ملي وئي، ۽ معاملو اڳتي هلي پيو، سازشن جو جيڪو ذڪر سڄي ملڪ ۾ هلندڙ هو ، ان تان رهيل پردو مخدوم جاويد هاشمي هٽائي ڇڏيو، جنهن ڪري هڪ طرف تحريڪ انصاف جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو، ته ٻئي طرف حڪومت کي وجهه ملي ويو، جنهن بيانن وارين بندوقن کي پي ٽي آءِ مٿان اڀو ڪري ڇڏيو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ ڌرڻن وارن کي وطن دشمن قرار ڏيندي کين اهو به ڊپ ڏنو آهي ته شاھراھ دستور خالي ڪرائڻ پنجن منٽن جو ڪم آهي، پر هو صبر جي جنهن رستي تي هلي رهيا آهن ، ان تان نه هٽندا، جيڪڏهن وزيراعظم جو ضدي ڀاءَ شهباز شريف اهو صبر ماڊل ٽائون ۾ ڪري ها ته ممڪن آهي ته اڄ صورتحال ۾ اها شدت موجود نه هجي ها. پر هاڻي جتي حڪومت ٿڪجي چڪي آهي، اتي ڌرڻي وارا به سخت پريشان آهن، ٻنهي اڳواڻن لاءِ هر روز اها پريشاني آهي ته جيڪي ماڻهو ڌرڻي اندر موجود آهن، انهن کي ڪيئن روڪجي، ان ڪري اهي هر روز پنهنجي تقريرن ۾ ان قسم جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انقلاب ڄاڻ اچڻ وارو آهي، ان ڪري هو انهن تاريخي لمحن ۾ پاڻ کي شامل رکن جيئن هو پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهن ته جيڪو نئون پاڪستان( ٻلي جي خواب ۾ ڇيڇڙا) قائم ٿيو پئي ، هو به ان تحريڪ جو حصو هئا،

ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن “نئين پاڪستان” جي ڳالهه انقلاب ۽ آزادي مارچ وارا ڪن ٿا ته ان ۾ هو غلط بياني کان به ڪم نٿا وٺن، هو صحيح ٿا چون ته “نئون پاڪستان” ٺهي ويو آهي، جيڪڏهن پاڻ پاڪستان جي انهن چاليهه ڏينهن جو جائزو وٺون ته انهن ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو آهي، اهو پاڪستان جي 67 سالن جي تاريخ ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، جيڪڏهن ان جو ٿلهي ليکي جائزو وٺجي ته اسان جي آڏو انيڪ کليل راز سامهون اچن ٿا، جن ۾ پهريون کليل راز اهو آهي، جيڪو هاڻي اسان جي پنجاب جي دوستن جي سامهون آيو آهي، هو به هاڻي ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته جيڪڏهن پنجاب کانسواءِ باقي ڪنهن به صوبي مان ڪو لشڪر اچي انهن ساڳين مطالبن سان اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخل ٿي، پي ٽي وي جي عمارت تي قبضُو ڪري ها، پارليامينٽ هائوس جي حدن اندر جنگلا ٽوڙي داخل ٿئي ها ته انهن کي خبر پئجي وڃي ها ته سندن عمل جي سزا ڇا آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا، ان ڪري کين ڪجهه به نه چيو ويو ، اهو احساس هن ملڪ ۾ شدت سان اڀريو آهي، جنهن پنجاب جي چهري کي مڪمل طور تي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي ڳالهه به چٽي ٿي سامهون آئي آهي، ته پنجاب اندر ن ليگ لاءِ رستا سوڙها ٿيندا پيا وڃن، هڪ طرف تحريڪ انصاف ن ليگ کي پنجاب ۾ للڪارڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف پيپلزپارٽي به بلاول ڀٽو جي صورت ۾ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لاهي رهي آهي، ته ٽئين طرف ميان نواز شريف هاڻي ڪنهن به ريت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي قابل قبول ناهي، هن ملڪ جي اسٽيلشمنيٽ جن جن ماڻهن کي پالي وڏو ڪيو ۽ انهن کي اقتدار جي ميلي ۾ پهچائڻ لاءِ آڱر مان جهلي سڄو ميلو گهمايو، اهي پاڻ هاڻ ارڏائي تي لهي آيا آهن، ان ڪري ميان نواز شريف به هاڻي چوي ٿو ته هو اقتدار جو ميلو پنهنجي مرضي سان گهمندو، پنهنجي مرضي هلائڻ جي خواهش هتي ڪنهن به ريت قبول ناهي، ان ڪري هاڻي ميان نواز شريف کي اقتدار جي ميلي مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ فيصلو ٿي چڪو آهي، پر ان فيصلي خلاف ميان نواز شريف پاڻ کي ڪيترو وقت بچائي سگهي ٿو ، ان جو دارومدار هاڻي سندس پاليسين ۽ روين مٿان آهي، اهو ئي سبب آهي ته جڏهن مخالف ڌر پارليامينٽ کي بچائڻ لاءِ هڪ آواز ٿي گڏ ٿي وئي ته اهو عمل به پاڪستان جي تاريخ ۾ نئون هو، اهو سڀ ڪجهه پهريون ڀيرو ٿي رهيو هو، پي ٽي آءِ اسان گڏ چند ٽانگا پارٽيون به ملڪ جي سويلين سيٽ اپ خلاف واضح ٿي سامهون بيٺيون هيون، پر ان سڄي منظر نامي ۾ هو اڪيليون هيون، ان ڪري اڃا تائين اهي پارٽيون ، ۽ جن انهن کي تيار ڪري هتي موڪليو اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. پاڪستان ۾ تبديلي اها به آئي آهي ته پهريون ڀيرو شدت سان اهو احساس پيدا ٿيو آهي. ته هاڻي ڪنهن به صورت ۾ عام چونڊن ۾ ڌانڌليون نه ٿيڻ گهرجن، ان اهم مسئلي تي حڪومت ايتري ڌٻاءَ ۾ آهي جو اها آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي وئي آهي، 16 مهينن جي هن حڪومت دوران ن ليگ جي ايم اين ايز جا ڄڻ ڀاڳ کلي ويا آهن، جيڪو وزيراعظم پارليامينٽ کي کنگهندو ئي نه هو اهو گڏيل اجلاس ۾ لاڳيتو ايندو رهيو، جنهن ڪري ايم اين ايز کي نه رڳو وزيراعظم جو درشن ڪرڻ نصيب ٿيو، پر هو پنهنجيون پرچيون ۽ فائل به وزيراعظم کي ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيا، هن دفعي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن جا وفد به وزيراعظم کي سلام ڪرڻ لاءِ سندس سيٽ تائين پهتا ٿي، اها به هن ملڪ ۾ تبديلي هئي، پهريون ڀيرو هڪ مهيني اندر وزيراعظم کي اربين رپيا ڏيڻا پيا آهن، جيئن کيسا گرم ٿين، ۽ زبان نرم ٿئي، جيئن مخالف ڌر مهر ڪيا ته وزيراعظم به پنهنجي وسان گهٽايو ناهي.

15   SEP 2014    1

اهڙي ريت جيڪڏهن قادري ۽ عمران خان جي سياست جو جائزو وٺجي ته انهن کي به انهي ڌرڻي مان گهڻو سبق مليو آهي، پاڪستان جي انيڪ بدقسمتين مان هڪ بدقسمتي اها به آهي ته هن ملڪ ۾ سياسي حالتن بابت اڳڪٿي ڪري ئي نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هتي ڪنهن وقت، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ان جوسبب اهو آهي ته بظاهر جيڪو ڪجهه هوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ پردي پويان گهڻو ڪجهه ٿي رهيو هوندو آهي، تنهن ڪري سياسي نجومين جي به وس ۾ اها ڳالهه ناهي ته هو هن ملڪ ۾ حالتن بابت اڳڪٿي ڪري سگهن.

15 آگسٽ تي جڏهن رات جو دير سان قادري ۽ عمران خان جا لانگ مارچ اسلام آباد پهتا ته ان ڏينهن ئي هن حڪومت نه پر نظام جي ئي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي هئي، هر روز تاريخون ملنديون هيون. جنهن ڏينهن اهي ڌرڻي وارا ريڊ زون ڏانهن وڌيا ته اها رات اسلام آباد مٿان انتهائي ڏکي رات هئي، هزارين ماڻهو ڪنٽينر هٽائيندا اڳتي وڌندا رهيا، ۽ شهر جي اندر موجود ماڻهن جو ساھ سُڪل هو، پر اها رات به گذري وئي، اهي خيرن سان وڃي ريڊ زون اندر داخل ٿيا، سپريم ڪورٽ جي ديوارن تي انهن ٻارن جون چڍيون ۽ پنهنجيون ڌوتل شلوارون سڪايون، اهوريڊ زون جتي پاڪستان جي عام ماڻهو جي تصور ۾ به نه هو ته هو بنا شاختي ڪارڊ جي ان رستي تي داخل ٿي سگهي ٿو اهو ان روڊ تي نه رڳو گلو کولي گهمي رهيو هو، پر حاجت جون ضرورتون به ان گرين بيلٽ تي پوريون ڪري رهيو هو، ڳالهه اتي به ختم نه ٿي، اهي ڌرڻائي جڏهن ته اتي ويهي به ٿڪا ۽ آرمي جي ٽياڪڙي واريون ڳالھيون به پوريون نه ٿيون ته انهن پي ايم هائوس ڏانهن چڙهائي جو اعلان ڪيو، اها رات به هن شهر جي ماڻهن لاءِ سخت هئي ، سڄي ملڪ جا ماڻهو ان رات پنهنجي ٽي وي سيٽن آڏو ويٺا رهيا، جيڪي صبح ستا ، انهن ٻنپهرن جو اٿي پهرين ان ڳالهه جو پتو ڪيو ته “ فوج ته نه اچي وئي آهي” ان قسم جي صورتحال بعد نه رڳو پاڪستان جو عام ماڻهو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي جيڪا خواري ٿي آهي، ان جو پورائو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، پاڪستان کي هن ڌرڻي سان هن وقت تائين 600 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿي چڪو آهي، چين جي صدر جودور ملتوي ٿيڻ جي ڪري پاڪستان کي معاشي طور وڏو ڌڪ لڳو آهي، پر ان باوجود تحريڪ انصاف جو سربراھ عمران خان ۽ مولانا طاهرالقادري ان ڳالهه تي بضد آهن ته هو بنا ڪي نتيجا حاصل ڪرڻ جي اسلام آباد مان واپس نه ويندا، ملڪ جي شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ شاھراھ دستور جي ڏيڍ فرلانگ تي قادري جو مڪمل ڪنٽرول آهي، ان تي سرڪار جي ڪابه رٽ ناهي، خيمن جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جي سيڪيورٽي قادري جي ڪارڪنن جي حوالي آهي، ايم اين اي هجي يا عام ماڻهو ، آفيسر هجي يا پوليس وارا، سڀن کي پنهنجاڪارڊ ڏيکاري اڳتي وڃڻو پوي ٿو، تلاشي ڏيڻ جو عمل ان کان ڌار آهي، هنن جي هاڻي خواهش اها آهي ته هڪ دفعو وري سرڪار ماڊل ٽائون جهڙو ڪو عمل ڪري، جيئن هو پاڻ کي وري سياسي طور سرگرم ڪري سگهن، ان کانسواءِ هاڻي وٽن ٻيو ڪوبه رستو ناهي، جيئن جيئن ڏينهن گذرن پيا، تيئن تيئن بيزاريت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، لاڳيتيون ساڳيون تقريرون بي ذائقه ٿي ويون آهن، ٻنهي ڌرڻائين مٿان 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن،مخالف ڌر ۽ خاص ڪري پيپلزپارٽي ان ڳالهه جي سخت مخالف آهي ته ڌرڻي وارن کي هٽائڻ لاءِ ڪو آپريشن ڪيو وڃي، حڪومت جو اڃا تائين به اهو موڊ آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شاھراھ دستور خالي ڪرائي وڃي، پر مخالف ڌر پاران سخت مخالفت جي ڪري حڪومت اها همت نٿي ڪري، حڪومت کي اها به خام خيالي آهي ته اهي ڌرڻائي بيزار ٿي روانا ٿي ويندا، پر ائين نه ٿيندو، هن وقت جيڪو علائقو هنن جي ڪنٽرول ۾ آهي، اتان هو ڪنهن به صورت ۾ واپس روانا ٿيندي نظر نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو بنا ڪنهن مطالبي پوري ٿيڻ جي هتان ويا ته وٽن ڳالھائڻ لاءِ باقي ڪجھ به نه بچندو، ان ڪري هو سياسي طور مرڻ نٿا چاهين.

هنن کي جن جو آسرو هو، انهن جا ڏينهن به هاڻي آخري آهن، پر ان باوجود جيڪڏهن اهي ويٺا رهيا ته اهي حڪومت لاءِ مٿي جو سور ئي هوندا، ڇاڪاڻ ته ان صورتحال ۾ پاڪستان ۾ ڪوبه پرڏيهي سربراھ نه اچي سگهندو، چين جي صدر جو دورو ان وقت ممڪن آهي، جڏهن اهي ڌرڻائي واپس ويندا، ان ڪري صورتحال هن وقت مڪمل طور منجهيل آهي، جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته جيئن جيئن وقت گذرندو تيئن تيئن ڌرڻي جو اثر ختم ٿيندو ويندو، ائين نه ٿيندو، جنهن جاءِ تي هو هن وقت موجود آهن ، اتي جيڪڏهن 500 ماڻهو به ويٺا رهيا تڏهن به حڪومت جي پريشاني اها ئي هوندي جيڪا هن وقت آهي.

هاڻي ڳالهه اها آهي ته هن وقت جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، ان بابت به حڪومت اندر ٻه رايا آهن، هڪ حصي جو خيال آهي ته اها عالمي سازش آهي، جنهن جو عمران خان ۽ قادري حصو آهن، هو پنهنجي ان ڳالهه کي وڌيڪ وزنائتو بڻائڻ لاءِ اهو به چون ٿا ته لنڊن پلان تحت ٻنهي اڳواڻڻ جي وچ ۾ ملاقاتون ٿيون، جنهن کان پهرين انڪار ڪيو ويو، پر بعد ۾ ان جي تصديق به ڪئي وئي، ان ملاقات ۾ ٻيون ڌريون به شامل هيون، جڏهن اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نٿا اچن ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ ٽوڙڻ لاءِ اڳتي آندو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت اندر موجود ٻيو ڌڙو اها ڳالهه ڪري ٿو ته اها اندروني سازش آهي، ميان صاحب هڪ اهم ماڻهو کي سندس عهدي ۾ واڌ ڏيڻ لاءِ راضي نه هو، جيڪو آڪٽوبر جي پهرين تاريخ تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي، ۽ ڪجهه ٻيا اهم آفيسر به پنهنجي نوڪري جو مدو پورو ڪرڻ وارا آهن، ان ڪري هي طوفان کڙو ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي ڳالھ کي اهو دليل ڏئي وڌيڪ وزندار بڻائين ٿا ته ميان صاحب پرڏيهي پاليسي جا اختيار پاڻ حاصل ڪرڻ جي جيڪا آئيني ڪوشش ڪئي آهي، ان جو نتيجو کيس ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي،

هي پهريون ڀيرو آهي جو جيڪا به سازش ٿي رهي آهي، ان ۾ عالمي سازش ۽ ملڪي سازش جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان جي فوج ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جي ترديد ڪري چڪي آهي ته ان سڄي معاملي ۾ هو ملوث ناهي، ” قومي خواهشن جي آڌار تي مسئلو حل ڪرڻ جي “ نصيحت ” ڪندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس اهو نه ٻڌايو هو ته اها قومي خواهش ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن فوج واقعي ان ۾ ملوث ناهي ته پوءِ هو پرڏيهي ايجنٽن تي ڇو هٿ هلڪو رکيو ويٺي آهي ؟ هاڻي اهو به سوال ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ اهو به چيو وڃي ٿو ته فوج جن عمارتن کي رياست جي علامت قرار ڏنو هو، ان ۾ جڏهن ڪٽر ۽ هٿوڙا کڻي اهي يلغاري داخل ٿيا ته انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران کين اهو ڇو چيو ويو ته هاڻي اڳتي نه وڌو، اوهان پنهنجي ليڊرن جي عزتن جو خيال ڪريو، اوهان غلط جاءِ تي اچي ويا آهيو! ۽ پوءِ اهي يلغاري پاڪ فوج جي جوانن کي چميون ڏئي ۽ انهن جي حق ۾ نعري بازي ڪري واپس ڇو ويا هليا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو