Home / ڪتاب / ڏور به اوڏا سپرين
above article banner

ڏور به اوڏا سپرين

Zahid Murtazaسنڌ سونهاري پنهنجا ڏک سور ۽ پاڻ سان ٿيل انياءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي موڀي پٽن کي جنم ڏنو آهي. پوءِ ڪن جسماني ويڙهاند ڪندي سنڌ جو قرض چڪايو ته ڪن وري قلم جي ذريعي سنڌ جو فرض لاٿو يا لاهيندا اچن. اهڙن ئي املهه انسانن مان غلام رباني آگرو هڪ هيو جنهن پنهنجي قلم ذريعي سچ لکيو ۽ لوڪ آڏو قلم ذريعي ماڻهن جون چڱايون ۽ مدايون لکي نروار ڪيون.

غلام رباني آگري جي شخصيت تي هڪ عدد ڪتاب، ڏور به اوڏا سپرين. مختلف ليکڪن جي لکڻين کي گڏ ڪري سهيڙيو ويو آهي. ڪتاب “ڏور به اوڏا سپرين” ۾ پنجيتاليهه ليکڪن جا ليک، غلام رباني آگري تي لکيل آهن. غلام رباني آگري تي لکيل مضمون پڙهڻ کانپوءِ، رباني صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ڇو جو سڀني لکندڙن رباني صاحب جي ڪمزورين ۽ سٺين ڳالهين کي بهتر نموني سان لکيو آهي. رباني صاحب جي پرورش، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جي ڀاڇي ۾ ٿي ان ڪري رباني صاحب جي قلم ۾ اها طاقت پيدا ٿي جو هو انهن شخصيتن جي اوڻاين کي لوڪ تائين کڻي آيو. ڪتاب ۾ سڀني لکارين هڪ ڳالهه عام ڪئي آهي ته هو يارن جو يار هو ۽ سندس کي وڏن ماڻهن جو ڪچهريون ڌاڍو مزو ڏينديون هيون. پوءِ ڀلي اهي وڏا ماڻهو، ذهني طور وڏا هجن يا قد ۾، ان ڪري رباني صاحب انهن مان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ رباني صاحب انهن تجربن جي آڌار تي قلم ذريعي سچ لکڻ جو ڏانءُ سکيو. مدد علي سنڌي لکي ٿو ته پير حسام الدين شاهه راشدي هڪ خط ذريعي اها اڳڪٿي ڪري چڪو هيو ته رباني صاحب سنڌي ادب ۾ هڪ درخشان ستارو ٿيندو.

15   SEP 2014    19 جڏهن ته ناصر علي پنهور رباني صاحب جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي لکي آهي ته هن ڌرتي تي پنج ارب کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورا آهن، ڳالهه هڪڙي ڪندا ۽ پير ان جي ابتڙ کڻندا. شايد ماءُ جي پيٽان ئي ابتا ڄاوا ان ڪري ئي اهي ماڻهو هن دنيا تي ٻوجهه آهن جو هر وقت ابتي ڳالهه ڪري فتني ۽ فساد کي جنم ڏين ٿا. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، آگري صاحب ۾ گهڻيون ئي خوبيون هيون پر هڪڙي خوبي جا هن ۾ وڌيڪ محسوس ڪيم سا اها هئي ته هو باخبر رهڻ لاءِ سدائين سرگردان رهندو هيو ۽ ڪنهن به ماڻهو، جاءِ، واقعي يا ڌرم متعلق معمولي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تائين سڪون سان نه ويهندو هيو. مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته رباني صاحب جي قلم ۾ اِها خوبي هئي جو هو پنهنجي لکڻين ذريعي پڙهندڙن کي اهڙو ته قابو ڪندو هيو جو پڙهندڙ ته سندس ڪتاب پورو پڙهي ڪري پوءِ ئي ڇڏيندو هيو ۽ اِها خوبي صرف ۽ صرف وڏن ليکڪن ۾ ئي ٿئي ٿي. نصير مرزا پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته رباني صاحب ست رنگي انڊلٺ هو ۽ آءُ کڻي ڪيڏو به ويڳاڻو يا اداس وٽن ڇو نه ويو هجان، سندس محفل مان سدائين گل وانگر ئي ٿي اٿيو هوندس ۽ مون هن کي هميشه فرنٽ سيٽ تي ئي ڌٺو ۽ آءُ ڀانيان ته قدرت هن کي پيدا ئي پهرين صف جي ماڻهو طور ڪيو هو. ڪتاب “ڏور به اوڏا سپرين” ۾ ڊاڪٽر ڊيوڊ چيزمين پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، مان جڏهن رباني صاحب جي وفات جو ٻڌو ته مان ايئن محسوس ڪيو ته ڄڻ ته مان انهي پير جي مزار تي بيٺو آهيان، رباني صاحب منهنجي پاسي ۾ بيٺو آهي ۽ انهي جڳهه جي تاريخ ٻڌائي رهيو آهي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ هو سنڌ جي اصل روح کي حقيقت ۾ آڻي رهيو هجي.

“ڏور به اوڏا سپرين” ۾ ناميارن ليکڪن جا مضمون رباني صاحب تي لکيل آهن ۽ جيڪي به ماڻهو رباني صاحب سان روبرو نه ملي سگهيا، پر لکيل مضمون پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ رباني صاحب سان کوڙ ساريون ملاقاتون ٿيل آهن. ڏور به اوڏا سپرين، الطاف آگري مرتب ڪيو آهي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ان کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ڪتاب جي قيمت اٺ سو روپيه آهي، علم ۽ ادب دوست ماڻهن لاءِ ڪتاب نهايت ئي ڪارائتو آهي ۽ هي ڪتاب نوجوانن کي هڪ ڀيرو ئي سهي پر ضرور پڙهڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو