Home / ڪور افيئر / ڪجهه “بهترين انتقام پارٽيءَ” بابت!
above article banner

ڪجهه “بهترين انتقام پارٽيءَ” بابت!

ويدن جي زمانن کان بلڪه ان کان به اڳي جڏهن انڊيڪا کنڊ آفريڪا ويجهو ڪنهن هنڌ مڊاگاسڪر جي اوسي پاسي کان ٿيڙ کائيندو کائيندو نانگا پربت وٽ اچي ايشيا سان ٽڪرجي ان سان ڳنڍجي هڪ ٿيو، تن زمانن کان وٺي سنڌ موجود هئي. بلڪه جيڪڏهن اهو چئجي ته يقينا هرڪو خوش ٿي ويندو ته ان زماني ۾ به سنڌ انهن اوليائن ۽ سيدن جي دعائن سان قائم دائم هئي جيڪي لکين سال پوءِ پيداٿيڻا هئا.

سو سنڌ ويدن جي زمانن کان بلڪه ان کان به اڳي جي زمانن کان ان ڪري وجود ۾ آئي ۽ آرس ڀڃي انتظار ڪندي رهي ته جيئن هالا ۾پاڪستان جي پيپلز پارٽي هينڊي ڪرافٽ ٿي وٺي، ان جا ليڊر پنهنجي بيوقوفين يا ايڊونچرز جي ڪري پاڪستان جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ شهيد ٿيندا وڃن ۽ انهن جي شهادتن جوقرض وري مسڪين ۽ فقير سنڌ تي چڙهندو وڃي، اهو قرض ”لمحون ني خطا ڪي ٿي، صديون ني سزا پائي“ وانگر ناقابل ادائگي به هجي، ۽ ان قرض جي عيوض سنڌ ”پيپلز وڏيرن“ جي دائمي چراگاهه بڻجي وڃي ۽ سنڌي ماڻهو ”ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي!“ وانگر بي يارو مددگار ٿي هميشه لاءِ هنن جا غلام بڻجي وڃن. مخدوم فيملي ٻيو ڪو ڪم ڪندي هجي يا نه پر شاعري ضرور ڪندي آهي، سو هن فيمليءَ جي ڪنهن مخدوم صاحب جو شعر آهي ته:

مون کي اي مخدوم ڏاڍو ٿو وڻي ”هالا“ جو لفظ

هڪ جڳهه اقرار سان انڪار ڏاڍو ٿو ٺهي

جيئن ته ”گهٽيا جمهوريت“ ”ٿوڪاريل، ذليل ڪيل، منهن تي رکيل ڀونڊي جهڙي جمهوريت“ به ظاهر آهي ته آمريت کان بهتر هوندي آهي جو ان ۾ وڏيرن جو ڌنڌو هلندو آهي، تنهن ڪري سنڌين کان ”بهترين انتقام“ جو سلسو هن فاني دنيا مان آئيس ايج جي آخرين گليشيئر جي پگهرجي وڃڻ تائين جاري رهندو. خبر ڪانهي ته گانڌي انگريزن کان آزادي وٺڻ بدران فقط ان لاءِ جدوجهد ڇو نه ڪئي ته جمهوريت قائم ڪئي وڃي ته جيئن ڪانگريس پارٽي جا وڏيرا پراڊو گاڏين ۾ چڙهي هلن ۽ عوام تي حقارت واري نظر ۽ گپ اڇليندا پنهنجي سيڪريٽريٽ ڏانهن هليا وڃن ۽ پوليس وارا رستي تان لانگهائو ٿيندڙن کي گاريون، ڌڪا ۽ ڀونڊا ڏيندا رهن ته جيئن صاحبن جي گاڏين لاءِ رستو صاف ٿئي.

سنڌي ماڻهو وڏيري سان ڪيڏو نه پيار ڪن ٿا؟ هنن سڄي سنڌ ۾ طرح طرح جي مُڇون وٽيل، ڪارا چشما پاتل وڏيرن جا پينافليڪس هر روڊ تي هڻي ڇڏيا آهي! هو ڏند ڪڍي کلي رهيا آهن، هو ٻارن کي ڊيڄارڻ جهڙا پوز ٺاهيو بيٺا آهن. پينافليڪس کان هيٺ ڏسو، سڄي سنڌ گند جو ڍير بڻيل آهي. ان کي ئي ته چئبو آهي بهترين انتقام!

30-sep-2014    21

هاڻي معافيون پيون ورتيون وڃن ڇاڪاڻ جو پنجاب جي پيپلز پارٽيءَ جو نذر محمد گوندل گروپ اڄ سڀاڻي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي. ڀٽي جي ڦاسيءَ تي مٺائي ورهائڻ وارو بابر اعواڻ روزانو ٽاڪ شو تي اچي پيپلز پارٽيءَ جي ايسي تيسي ڪري ٿو پر هو پيپلز پارٽيءَ جو سينيٽر آهي ۽ کانئس استعيفيٰ وٺڻ جي همت ڪانهي. ”يه فلم صرف پنجابيان ڪي لئي هي!“ ڪو سنڌي وڏيرو ”بهترين انتقام پارٽيءَ“ جي ليڊرن خلاف ڳالهائي ته ڏيکاري، ساڻس ايسي جي تيسي ٿي ويندي.

هاءِ پنجاب! هاءِ پنجاب! رڊيارڊ ڪپلنگ جو پنجاب … جنهن 1970 ۾ ڀٽي سان ڪو ليکو ئي نه ڪيو. ان پنجاب ڀٽي جو شناختي ڪارڊ به ڪونه ڏٺو ته هو پنجابي آهي يا نه. ان پنجاب جي يادداشت اڳتي هلي ان نعري سان واپس آئي ته ”جاڳ پنجابي جاڳ… تيري پڳ نون لڳ ڳئي آڳ!“ ۽ ان پنجاب پيپلز پارٽيءَ کي سائوٿ جو رستو ڏيکاريو جنهن جو صوبو جيسين ٺهي ئي ٺهي تيسين سنڌ اندر چار صوبا ٺهڻ جا پلان ۽ نقشا اچي ويا آهن.

ان پنجاب وري هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پنجابي ڪونهي، ۽ جيڪو پٺاڻ به ڪونهي ۽ هڪڙي ”هائبرڊ“ سڃاڻپ وارو شخص آهي. نيازي دعويٰ ڪن ٿا ته هو دراصل ”نيازئي“ آهن تنهن ڪري پٺاڻ آهن، پر پختون شجري گرافيءَ جا ماهر چون ٿا ته پٺاڻن جي ٻن وڏين نُکن احمد زئي ۽ غلزئي (جنهن کي خلجي به سڏجي ٿو) ۾ هڪ ننڍڙو پاڙو نيازئي آهي جنهن جا ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ سڀ جا سڀ افغانستان ۾ آهن.ان ڪري ميانوالي وارا نيازي نيازئي ناهن.

اڄ پنجابي هڪ ڀيرو وري هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي ساهه صدقو ڪري رهيا آهن جيڪو ڀٽي وانگر غير پنجابي آهي. پر ملڪ جا مالڪ مٺا مختار جڏهن هن نئين همراهه هٿان ميان برادران کي ٻيهر جدي موڪلڻ واري پلان تي عمل ڪري هن کي ”ميرا سلطان“ بنائي اڃا ساهي ئي مس پٽيندا ته نيازيءَ کي پنهنجو اصل نسل ٻڌائڻ لاءِ ڇا هڪ ڀيرو وري پنجابي نيشنل ازم انٽري نه ماريندو؟ ڪير نٿو چئي سگهي.

عمران خان ته ٿائي لينڊ جو سابق ڊپٽي وزيراعظم سوٿيپ آهي. شهري طبقي جي نڪ تي رومال رکندڙ اميرن، بادشاهه جي وفادارن، بيوروڪريٽن ۽ بابوئن جو نمائندو جنهن جڏهن ڏٺو ته اليڪشن وسيلي ته رڳو شناوترا خاندان ئي کٽي اچي سگهي ٿو جنهن جا ووٽر بکيا اگهاڙا، ڄٽ ڄاموٽ، جهنگن ۾ رهندڙ ماڻهو آهن ته هن اها تاريخي ڳالهه چئي ته ”جمهوريت پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو ڪم آهي، ڄٽن کي ڪهڙي خبر ته جمهوريت ڇا ٿيندي آهي؟“ سوٿيپ ڪجهه مهينا ڌرڻا هنيا، بينڪاڪ جي ريڊ زون تي قبضو ڪيو ۽ آخر ۾ فوج اچي ويهي رهي. خبر ناهي ته عمران وٽ ان سوال جو ڪو پڪو جواب آهي يا نه ته ”گو نواز گو“ جيڪڏهن واقعي به عمل ۾ آيو ته ان جو نتيجو ”اچ عمران اچ“ هوندو يا ملڪ جا مالڪ مٺا مختار پاڻ اچي ويهي رهندا ۽ کين ”گو“ چوڻ جي همت ڪنهن ۾ به ڪانه هوندي.

پهريان ته پيپلز پارٽي ۽ ٻيون سڀ پارٽيون پارليامينٽ ۾ نواز شريف سان گڏ بيٺيون. پر هاڻي عاليجناب خورشيدشاهه صاحب فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن مڊٽرم چونڊون ٿي وڃن ته پاڻ کي ڪا پريشاني ڪانهي. ”مامي جي گهر مهمان، اسان کي لهر نڪو لوڏو!“ مڊٽرم چونڊون ٿيون ته ميان نواز شريف جو ڌڙن تختو ٿي ويندو.

اصل پلانراڳ ئي ان ڳالهه تي ڪاوڙيل آهن ته هنن اردو بازار مان پرنٽنگ به ڪرائي (دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جو الزام وري نواز ليگ تي آيو)، ۽ پنجاب ۾ هنن ڊٻا به ڀراياجنهن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف 75 لک ووٽ کڻي ملڪ جي ٻيو نمبر وڌ ۾ وڌ ووٽ حاصل ڪندڙ پارٽي بڻجي وئي، پر ”جمهوريت جي مير جعفر“ جسٽس افتخار چوڌري ميان برادران جي ونگار وهندي پنجاب جا ريٽرننگ آفيسرميان برادران جي حوالي ڪري ڇڏيا جن ڊٻا ڀرجڻ جي باوجود ريزلٽ ميان صاحب جي مرضيءَ جا ٺاهي کيس مٿي آڻي ڇڏيو. جيئن پنجابيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هنن سان هٿ ٿي ويو هو“ تنهن ڪري اصل پلانرز پندرهن مهينن اندر پلان بي ٺاهي آيا آهن جنهن تحت سندن ”پلان چوري ڪندڙن“ کي اقتدار مان ٻاهر ڪرڻو آهي. ان پلان تي تڪڙي عمل ۾ ڪجهه رڪاوٽون پيدا ٿيون جو ڪجهه همراهه ريٽائرڊ ٿيا، ڪجهه نوان ماڻهو آيا جيڪي پلان کان پاسيرو ٿي بيهي رهيا، پر اڃا به ڪوشش پوري آهي ته پلان پورو ٿئي.

هن ڀيري هنن ”بيرون ملڪ پاڪستانين“ کي ووٽ جو حق ڏياري ورتو آهي. هڪ ليکي موجب دنيا جي 15 ملڪن ۾ تقريبا 45 لک پاڪستاني اهڙا آهن جيڪي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيئي سگهندا. انهن جي اڪثريت هونئن ئي ”ريشمي انصاف تحريڪ“ جي حامي آهي جن کي ملڪ جي موجوده نظام ۽ حڪمرانن سان شديد نفرت آهي. سفارتخانا پولنگ اسٽيشنون بڻجندا ته هي ماڻهو اتي وڃي ووٽ ڏيندا ۽ سفارتخانا ته ڀائي لوگ ئي هلائيندا آهن تنهن ڪري صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن مڊٽرم اليڪشن ٿي ته عمران خان کي هاڻي75 لکن بدران 90 لک ووٽ ته رڳو پياري پاڪستان مان ڏياريا ويندا ۽ واڌو 45 لک ووٽ جڏهن ٻاهران ان ٽوٽل ۾ شامل ٿيندا ته هو هڪ ڪروڙ 20 لک ووٽن جي اڪثريت سان پاڪستان تي ”ميرا سلطان“ ٿي ويهي رهندو.

هاڻي اها سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته نواز ليگ سان مهيني کن جي پارليماني ياري ڪا پائيدار ياري ته ڪانهي. ”ٽُٽ گئي تڙخ ڪر ڪي!“ اوهين ڏسجو ويٺا ته جيئن ئي مڊٽرم اليڪشن جو اعلان ٿيو، پارليامينٽ اندر موجود نواز ليگ جي سچن ساٿين ۾ ڀاڄ پئجي ويندي. مڊ ٽرم ۾ عمران ايندو، پوءِ هڪ ڀيرو وري ”جاڳ پنجابي جاڳ ٿيندو“ ۽ عمران کي اصل نسل ياد ڏياريو ويندو، عمران تخت تان لٿو ته بابو وري به اهو ڪونه چاهيندا ته نواز شريف ٻيهر اچي. ان وقت پيپلز پارٽي بابوئن سان ڳالهائي هڪ ٻيو اين آراو ٽائيپ معاهدو ڪندي. هي جيڪڏهن ڪو پلان ناهي ته به پيپلز پارٽيءَ جي خواهش ضرور آهي. خواهشن مان ئي پلان ٺهندا آهن. آخر پيپلز پارٽي ڪجهه ته ڪندي جنهن وسيلي بلاول وزير اعظم ٿي سگهي. آخر بلاول کي وزير اعظم ٿيڻو آهي يا نه؟

هي سڀ ٿيڻ ٿي ٿو سگهي، ۽ ”بهترين انتقام پارٽيءَ“ کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪانهي ته اهو سڀ ٿيندي ٿيندي جيڪڏهن راوڻ سيتا کي کڻي هليو ويو ته هنن وٽ پوئتي رڳو خورشيد شاهه رهجي ويندو، جنهن جي مُڇ برابر اُڀي آهي پر اهو هنومان بهرحال ڪونهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو