Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي جا قديم عيد گاهه!
above article banner

ڪراچي جا قديم عيد گاهه!

عيد گاهه ۾ عيد نماز جون سموريون تياريون مڪمل آهن، چاڪ و چوبند نوڪر شاهي، نهايت ڦڙتي سان عيد نماز جي انتظامن جو جائزو وٺي رهي آهي. ملڪ جي سربراهه جو انتطار آهي جنهن جي اچڻ ۾ دير ٿيندي پئي وڃي، هڪ ننڍي آفيسر مملڪت جي سربراهه جي اي ڊي سي جو ڌيان وقت ڏانهن ڇڪايو. اي ڊي سي سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي. ننڍي آفيسر وري ياد ڏياريو ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي. اي ڊي سي اڻ وڻندڙ نظرن سان هيٺئين آفيسر ڏانهن نهاريو ۽ کيس چيو ته مولانا صاحب کي ٻڌائي ڇڏ ته جماعت صاحب جي اچڻ کانپوءِ ئي ٿيندي.

هيٺيون آفيسر پوئين پير واپس موٽيو ۽ ٿوري دير ۾ اچي اي ڊي سي کي ٻڌايائين ته مولانا نماز ۾ دير ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اي ڊي سي جي منهن تي پريشاني واضح طور نظر اچڻ لڳي هئي. اڃا اي ڊي سي سوچي ئي رهيو هيو ته ڇا ڪري؟ اوچتو لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته نماز لاءِ صفون سڌيون ڪيون وڃن، ماڻهو نماز لاءِ بيهي رهيا. ڪجهه لمحن کانپوءِ نماز شروع ٿي وئي. اي ڊي سي پريشاني وچان مک دروازي ڏانهن وڌيو ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته مملڪت جي سربراهه جي سرڪاري گاڏي عيد گاهه جي مک گيٽ تي موجود هئي. هو فوري طورحفاظتي عملي جي انچارج ڏانهن وڌيو ۽ کائنس پڇيائين ته مملڪت جو سربراهه ڪٿي آهي؟ هن آخري صفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اتي آهي. مملڪت جو سربراهه آخري صف ۾ بيهي نماز پڙهي رهيو هو. اي ڊي سي جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. ليڪن هو ڪري به ڇا پئي سگهيو. نماز ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ مملڪت جي سربراهه ڏانهن وڌيو ۽ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته مولانا کي گذارش ڪئي وئي هئي ته نماز توهان جي اچڻ کانپوءِ شروع ڪئي وڃي ليڪن هن اها ڳالهه نه مڃي، اي ڊي سي کي اميد هئي ته هاڻي مولانا جو خير ناهي، کيس ان فيصلي جي سزا ڀوڳڻي پوندي. مملڪت جي سربراهه ناراضگي جو اظهار ڪرڻ بدران مولانا جي تعريف ڪئي ته هن سندس انتظار نه ڪيو.

آهي نه عجب جي ڳالهه، ليڪن اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مملڪت جا سربراهه عوامي ميڙاڪن ۾ نماز پڙهندا هئا. ۽ پوءِ بقول مرحوم PTV جي جيڪو ڪنهن وقت واحد ٽي وي چينل هوندو هو، عوام ۾ رلي ملي ويندا هئا. عوام گهڻو ڪري سادن ڪپڙن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي مشتمل هوندو هو.

اها پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پهرين عيد هئي. مملڪت جو سربراهه قائداعظم محمد علي جناح هو ۽ نماز پڙهائيندڙ مولانا جو نالو ظهور الحس درس هيو، بعد ۾ انهي پاڪستان ۾ ئي هڪ انقلابي مولوي جيڪو گلو بٽ کان متاثر آهي………. وڏي شريف جي انتظار ۾ جمعي جي نماز 30 منٽ دير سان شروع ڪئي هئي، پر اڄ ڪلهه ان مولانا صاحب جي شريفن سان صفا نٿي لڳي.

عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ڪراچي جو پهريون عيد گاهه بندر روڊ تي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ جي سامهون آهي ليڪن تاريخي حقيقتون ڪجهه اهو ٿيون ٻڌائين ته ڪراچي جو قديم ترين عيد گاهه لياري ۾ آهي ۽ فقير محمد خان درا روڊ تي موجود آهي، مشهور صحافي صديق بلوچ موجب لياري جو هي عيد گاهه ڪراچي جو سڀ کان قديمي عيد گاهه آهي ۽ ان جو بنياد ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت دوران رکيو ويو هو. هن عيد گاهه ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻ غوث بخش بزنجو، سر حاجي عبدالله هارون، غلام حسين خالق ڏنو، سر غلام حسين هدايت الله، محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد به عيد نمازون ادا ڪيون هيون.

15   SEP 2014    4

منهنجي صحافي دوست رفيق بلوچ عيد گاهه جي حوالي سان هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته ايوب خان جي مارشل لا جي دور ۾ هي عيد گاهه سياسي سرگرمين جو پڻ مرڪز هو. هتي ايوب خان خلاف احتجاجي ميڙاڪا ٿيندا هئا، ان کانپوءِ ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهو جڏهن عيد گاهه کان ٻاهر نڪرندا هئا ته پوليس کين گرفتار ڪري وٺندي هئي ۽ پوءِ کين ڪراچي جي ڏورانهن علائقن جيڪي ٺٽي جي ويجهو هوندا هئا اتي ڇڏي ايندي هئي. تن ڏينهن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ڪو به تصور نه هوندو هو نتيجي ۾ احتجاج ڪندڙ ٻه يا ٽي ڏينهن لڳاتار پنڌ ڪري پنهنجن گهرن تائين پهچندا هئا ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان خوف سبب ڪيترن ئي احتجاجن ۾ حصو نه وٺندا هئا.

گل حسن ڪلمتي پنهنجي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي ماروي ۾ لکي ٿو ته: “هي عيد گاهه ٻه سئو پنجاهه ورهيه پراڻو آهي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ان جو بنياد رکيو ويو هو”. عثمان دموهي جو خيال ان جي بلڪل ابتڙ آهي هو پنهنجي ڪتاب “ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” لکي ٿو ته: ڪراچي تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ سڀ کان پهرين ٺهندڙ عيد گاهه بندر روڊ تي موجود مک عيد گاهه آهي، اهو تقريبن80-1879ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو. مون طئي ڪيو ته سڀ کان پهريان لياري ۾ موجود عيد گاهه وزٽ ڪريان ۽ ان جي قديم هجڻ بابت معلومات حاصل ڪريان. ان سلسلي ۾ منهنجي مدد صحافي دوست عارف بلوچ ڪئي. هن منهنجو رابطو عبدالعزيز نالي هڪ ماڻهو سان ڪرايو جيڪو اڃا تائين به لياري جي عيد گاهه ۾ رهي ٿو. سندس والد مولوي شهداد هوت هو، ان عيد گاهه ۾ ڊگهي عرصي تائين عيد نمازن جي امامت ڪندو رهيو،. هن جو لاڏاڻو هڪ سئو ڇهه ورهين جي عمر ۾ ٿيو، اسان ساڻس ملڻ لاءِ عيد گاهه پهتاسين، مک دروازي تي وڏو بورڊ لڳل هو جنهن تي مدرسي جو نالو “جامعه ترسيل القرآن، صديقيه عيد گاهه ٽرسٽ” لکيل هو” مون اندر پهچي عبدالعزيز کي فون ڪيو، هو ٿوري دير ۾ پنهنجي گهران ٻاهر نڪري آيو، مسڪرائي مون ڏانهن ڏسندي ئي چيائين ته نماز جو وقت ٿي ويو آهي توهان ڏهه 15 منٽ انتظار ڪيو مان نماز پڙهي اچان ٿو، پوءِ ڳالهايون ٿا. عيد گاهه جي ساڄي پاسي هڪ مسجد هئي جنهن ۾ ماڻهو نماز پڙهڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، کاٻي پاسي هڪ کليل ميدان هيو جتي ٻار فوٽ بال کيڏي رهيا هئا، ٿڌي پاڻي جو واٽر ڪولر به هنيو ويو هو.

مون سوچيو جيستائين عبدالعزيز نماز پڙهي وٺي تيستائين مان عيد گاهه جو جائزو وٺي ٿو وٺان. ڇا ڏسان ته 15 يا 16 سال جي عمر جا ٻه ٻار ٿڌي ڪولر ۾ زنجير سان ٻڌل هڪ گلاس ۾ پاڻي ڀري پيئڻ لڳا، اهو 28 هين روزي جو ڏينهن هو، مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي، مون ويجهو پهچي ٻنهي نوجوانن کان پڇيو ته ڇا پاڻي ٿڌو آهي؟ انهن آڱوٺي جو نشان ٺاهيندي چيو ته “بمبو”. بلوچي ۾ “بمبو” بانس کي چوندا آهن جيڪڏهن توهان ڪنهن جي وڌيڪ تعريف ڪرڻ چاهيو ٿا ته بلوچي ۾ “بمبو” لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.

مون به نل کولي گلاس ۾ يَخ ٿڌو پاڻي ڀريو مون کي ان وقت “بمبو” سمجهه ۾ اچي ويو ۽ گڏوگڏ اهو خيال به ذهن ۾ آيو ته بلوچن جو علائقو لياري آهي ان ڪري پاڻي جي ٿڌي مشين هلي رهي هئي ۽ ماڻهو به ٿڌو پاڻي پي رهيا هئا، جيڪڏهن ٻي علائقي ۾ هجن ها ته ٻئي نوجوان گهٽ ۾ گهٽ زخمي ضرور ٿي وڃن ها.

ٿوري دير کانپوءِ عبدالعزيز نماز پڙهي ٻاهر آيو، عبدالعزيز مونکي ٻڌايو ته لياري جو هي قديمي عيد گاهه جمهوريت جي بحالي لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙن جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪرڻ جي سلسلي ۾ به مشهور آهي، هن جي بقول افغانسان جي مقتول سربراهه نجيب الله ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سميت لاتعداد سياسي ڪارڪنن جو غائباڻيون جنازي نمازون به هتي ئي ادا ڪيون ويون هيون.

مون کائنس سوال ڪيو ته هن عيد گاهه ۾ اڳ ۾ ته ڪو مدرسو نه هو، ڇا سبب آهي جو هاڻي هتي وڏو مدرسو آهي. هن ٻڌايو ته هن عيد گاهه جي جاءِ تي قبضي لا ءِ اوقاف کاتي جي ملي ڀڳت سان تمام گهڻا گروپ سرگرم ٿي ويا هئا جيئن ته هن پلاٽ جي قيمت اربين روپيا آهي ان ڪري مختلف ماڻهن ڪوشش ڪئي ته ان جاءِ تي ڪو ڪاروباري مرڪز ٺاهيو وڃي. ڪراچي جي آخري قاضي نور محمد جي پٽ قاضي منير به 1993ع ۾ عيد گاهه تي قبضو ڄمايو هو ته جيئن هو هتي گدام ٺاهي ڪاروباري سرگرميون ڪري سگهي ليڪن عوامي احتجاج کانپوءِ کيس اهو پلاٽ خالي ڪرڻو پيو.

عيد گاهه کان ٻاهر نڪرندي ئي مون هڪ صاحب کان پڇيو ته “ بچا لوگ ڇا ڳالهه آهي”؟ مون کائنس معلوم ڪيو ته اڳ ۾ هتي ڪو مدرسو نه هيو ۽ هاڻي مدرسو آهي اهو ڪڏهن ٺهيو ۽ هتي ڪڏهن کان آهي، هن همراهه جواب ڏنو ته منهنجو نالو گل محمد آهي منهنجو والد به هتي نماز پڙهندو هو ۽ مان به هتي ئي نماز پڙهندو آهيان. عيد گاهه کي بچائڻ لاءِ سڀني محلي جي ماڻهن گڏجي مدرسو ٺاهيو، هاڻي توهان کي ته خبر آهي ته هن مدرسي ۾ سمورا ٻار وزيرستان ۽ سرحد جا آهن. هاڻي عيد گاهه ته بچي ويو ليڪن هي ٻار جيڪڏهن هتي رهجي ويا ته اسان جو بچڻ مشڪل ٿي ويندو. گل محمد موجب هن وقت مدرسي ۾ لڳل ڀڳ 250 کُٿابي پڙهي رهيا آهن، مون چيو ته مدرسو ته ويران لڳي رهيو آهي ته گل محمد جواب ۾ وراڻيو ته هن وقت سڀ ٻار عيد ملهائڻ لا‎ءِ وزيرستان ويل آهن. مسجد جي ٻاهران هڪ ٽيبل تي ٻاهران جهادي لٽريچر مفت ورهائجي رهيو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو