Home / ڪور افيئر / ڪراچي ۾ فرقيواريت جي باهه!
above article banner

ڪراچي ۾ فرقيواريت جي باهه!

Sameer Mandhoroسڄي پاڪستان ۾ مختلف هنڌن تي جيڪي ڏوهن جا قسم ملن ٿا، اُهي سمورا ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي هنڌ ملن ٿا. ٻين هنڌن تي شايد انهن جي شدت ۽ اثر ايترو نه هُجي، جيترو ڪراچيءَ ۾ ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جي معاشي اهميت سبب ئي شايد سڀني ڌرين اهو لازمي سمجهيو آهي ته جنهن جي هن شهر ۾ موجودگي هوندي اهو نه فقط پنهنجو بلڪه ملڪي، علاقائي ۽ بين الاقوامي سطح تي اهميت جو سڪو مڃرائي سگهندو. ڪو لساني گروهه هجي يا ڪو فرقو، ڪو جهادي گروهه هُجي يا ڪو بين الاقوامي جاسوس ٽولو-هر هڪ جا پيرا هن شهر ۾ ملن ٿا.

هونئن ته فرقيواريت ٻين شهرن جيان ڪراچيءَ ۾ به ضيا دور کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر 2007 کان لڳل اها باهه وقفي وقفي سان ڀڙڪو کائي ٿي. مختلف وقتن تي اهو جهيڙو ڪڏهن عروج تي ڪڏهن بلڪل به ٻُڌڻ ۾ ناهي ايندو. ظاهري طرح ته هن وقت تائين ايئن لڳي ٿو ته ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ ڪابه فرقيواريت جي باهه ناهي لڳل پر ڪراچيءَ ۾ گذريل سالن کان نهايت ئي منظم انداز سان ڪڏهن شيعا ۽ ڪڏهن سُني ماريا وڃن ٿا. ڪراچي ۾ قتل عام روز جو معمول هئڻ سبب قتل ڪندڙ ڌريون واضح پيغام ڏيڻ لاءِ اُهي ماڻهو ٽارگيٽ ڪن ٿيون جن سان منٽن ۾ هر عام ۽ خاص اهو سمجهي وڃي ٿو ته اها واردات فرقيواراڻي آهي. مثال طور شيعا ڀائرن، پيءَ پٽن وغيره کي ٽارگيٽ ڪرڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ جي پويان ڪهڙا مقصد ٿي سگهن ٿا يا ڪنهن مولوي يا مدرسي جي کُٿابي کي ڪنهن خاص علائقي ۾ ماريو وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهو تاثر عام ٿو ٿئي ته هن جي پٺيان ڪا خاص ڌر ئي ٿي سگهي ٿي.

گذريل سال سيپٽمبر ۾ شروع ٿيل آپريشن جو هڪ سبب فرقيواريت پڻ هو. پر سڄي سال ۾ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي ڪاررواين جي باوجود ڪو به فرق نظر ناهي آيو. ان جي ابتڙ انهيِءَ قسم جا قتل ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن. ڪي جوڳا اپاءَ نه وٺڻ مان ايئن ٿولڳي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڻڄاڻي ۾ آهن، کين مختلف علائقن ۾ ڪٽر تنظيمن جون آفيسو نظر نٿيون اچن. کين اهو به نظر نٿو اچي ته انهن مان ڪيترين ئي تنظيمن جا ڪارڪن ڀتي سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث به آهن.

قانوني طور انهيءَ ڳالهه جي تمام وڏي گنجائش رکيل آهي ته ڪو شخص جيڪڏهن ڪنهن به خيراتي تنظيم کي ڪيتري به رقم خيرات ۾ ڏيڻ چاهي ٿو ته انهيءَ جو نه حساب ٿيندو، نه ڪتاب! انهيءَ جو فائدو وٺندي ٻنهي فرقن سان لاڳاپيل تنظيمون نه صرف ملڪ اندر مالدار بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به ترسيل سڻڀين ڌرين کان به چڱي رقم وصول ڪن ٿيون. هاڻ انهيءَ ڳالهه جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته اهي رقمون جيڪي فرقي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿينديون هجن ته انهي جا نقصان ڪهڙي قسم جا ٿي سگهن ٿا.

هتي ان ڳالهه جو مقصد هرگز اهو ناهي ته ڀلائي جي ادارن کي ملندڙ رقمن تي پابندي لڳائڻ گهرجي، پر رياستي قانون اهڙي قسم جي پئسن جي چرپر تي ضابطو آڻي سگهي ٿو جيڪو صرف ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو هجي.

انهيءَ کان سواءِ اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته اهي تنظيمون جيڪي سڌي طرح سان دهشتگردي وارين ڪاررواين ۾ ملوث هيون ۽ ثبوتن جي آڌار تي حڪومت طرفان انهن تي پابندي مڙهي وئي، اهي ڪنهن ٻي نالي سان سرگرم ڇو آهن؟ اهڙين تنظيمن جا نه صرف دفتر کليل آهن پر انهن جا مک اڳواڻ مختلف قسمن جا جلسا جلوس به ڪندا رهن ٿا ۽ انهن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ڪنهن به طرح سان هم آهنگي ۽ رواداري واري نٿي هجي.

15   SEP 2014    12

جيتوڻيڪ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿيندڙ فرقيوار رتوڇاڻ جا سڌا پيرا کڻڻ ڪو آسان عمل ناهي پر هڪ سبب اهو به نظر اچي ٿو ته مختلف وقتن تي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ٻنهي فرقن جي چڱن مڙسن کي ايران ۽ سعودي عرب کان فنڊنگ ٿئي ٿي. انهيءَ قسم جا الزام ٻئي ڌريون هڪ ٻي تي هڻنديون رهيون آهن. ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي اها پرولي پروڙڻ رياستي ادارن جي ذميواري آهي.

ڪجهه وقت کان اها ڳالهه به گردش ۾ آهي ته ايران سان گئس پائيپ لائين واري اشو تي به ڌريون ناراض آهن. جنهن ڪري اهڙي قسم جي رتوڇاڻ ڪرائي وڃي ٿي ته جيئن معاملا منجهيل ئي رهن. انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ٿورو ڏکيو عمل آهي.

هتي هڪ ٻئي مسئلي جو پڻ ذڪر ڪيون ٿا ته اهڙي قسم جي فرقيواريت ۾ ڪجهه سياسي ۽ لساني ڌريون پڻ ملوث نظر اچن ٿيون. انهن سياسي ڌرين جا هڪ ٻي سان معاملا آهن ته ٻي طرف انهن جا پارٽي اندر پڻ فرقي جي بنياد تي ڪي معاملا سامهون ايندا رهيا آهن، جنهن ڪري اهو به نظر آيو آهي ته اهي پڻ پنهنجا پنهنجا ماڻهو استعمال ڪندا رهن ٿا. انهي ڳالهه جو واضح ثبوت ان بيان مان پڻ ملي ٿو جڏهن متحده اڳواڻ الطاف حسين ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو ته ڪي اهڙا عناصر پڻ موجود آهن جيڪي پارٽي ۾ فرقيواريت ڦهلائي رهيا آهن. جڏهن ته متحده جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اها متحده جي خلاف سازش آهي.

جيتوڻيڪ جنوري کان مختلف علائقن ۾ ٻنهي فرقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ماريو ويو ۽ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته واقعي ٽارگيٽڊ ڪلنگ ٿي آهي ڇو ته ٻنهي فرقن سان واسطو رکندڙ اهڙن ماڻهن کي ماريو ويو آهي جيڪي اهم آهن. مثال طور ڊاڪٽر، انجنيئر، پوليس آفيسر، واپاري، شاگرد يا مذهبي اڳواڻ.

جنوري کان هيستائين ٻه سو کان وڌيڪ ماڻهو فرقيواريت جي آڙ ۾ ماريا ويا آهن ۽ انهن مان اڪثريت انهن علائقن ۾ ٽارگيٽ ڪئي وئي جيڪي متحده جي اثر هيٺ آهن. انهن علائقن کي شهر جي سڌريل علائقن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن مان اها ڳالهه به ڪَرَ کڻي ٿي ته ڄاڻي واڻي حالتن کي خراب ڪرايو پيو وڃي . خيال اهو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪُڌو ڪم هٿرادو طور ڪرايو پيو وڃي.

هڪ دلچسپ ڳالهه هن مهيني سامهون آئي آهي ته جيئن ئي عمران خان ۽ طاهرالقادري جا ڌرڻا بي رنگ ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته ڪراچي ۾ فرقيواريت جي آڙ ۾ قتل عام شروع ٿي ويو. هن کان اڳ عام ماڻهو کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو رواج عام هيو. پر جيئن جيئن عام ماڻهو قتل عام ٿيندو ويو ايئن انهي جي اهميت به نه رهي. انهيءَ ڪري هاڻ خاص کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جنهن ڪري 10 ماڻهن جي قتل سان جيڪا سرڪار نه جاڳندي هئي اها هاڻ هڪ قتل سان ڇرڪي ٿي پوي ۽ اهڙي عمل مان ايئن پڻ لڳي پيو ته قاتل ايئن ئي چاهين ٿا.

جيتوڻيڪ اهڙي خطرناڪ قسم جي قتل عام کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه پيا ورتا وڃن ۽ نه ئي قاتلن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي پر حڪومتي سطح تي هر قتل کان پوءِ سخت قسم جا بيان ضرور منظر تي اچن پيا. ٻي پاسي اُهي گروه منظم ٿين پيا جن جي فرقي جي لحاظ سان هڪجهڙائي آهي. خيال اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هن نفرت کي نه روڪيو ويو ته اها ويڙهه گهٽين تائين به ڦهلجي ويندي، جنهن لحاظ سان هن تازي باهه کي ڀڙڪايو ويو آهي. انهي مان ائين لڳي ٿو ته اهو قتل عام وڌندو ويندو.

هڪ ٻيو به عنصر گذريل ڪجهه سالن کان واضح طور تي ڪراچي ۾ سامهون آيو آهي. اهو آهي مدرسن ۾ پڙهندڙن/رهندڙن جو وڌندڙ انگ، خيال اهو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهڙي قسم جي تعليم ۾ درسگاهن تائين انهيءَ نفرت کي پکيڙيو ويو ته حالتون بي قابو ٿي وينديون. ايئن ئي هڪ ٻيو عنصر به سامهون آيو آهي ته اهڙي خاص قسم جي ٽارگيٽ ڪلنگ کان پوءِ انهي فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو جيڪي مختلف سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن يا ميڊيا ۾ ڪم ڪن ٿا انهن جون همدرديون پڻ وڌنديون پيون وڃن جيڪا ويتر خطرناڪ ردِ عمل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.

تازي فرقيواريت جي باهه کان پوءِ با اختيار قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ کين آپريشن جي آڙ ۾ مليل ڪروڙين روپيه ضايع ٿيندي ٿا نظر اچن ۽ انهن ادارن جي بي وسي مان لڳي ٿو ته ڪنهن گهري سازش هيٺ ڪراچيءَ جون حالتون خراب ڪرايون پيون وڃن ته جيئن ڪي خاص مقصد حاصل ڪيا وڃن. جيڪڏهن اهو معاملو ٺري ويو ۽ مقصد حاصل نه ٿيا ته جلد هڪ ٻيو قتل عام جو باب کُلي پوندو. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي قتل عام جي اسٽڊي ڪبي ته انهيءَ جي پويان هڪ سياسي ڌر ڪنهن نه ڪنهن طرح ملوث ضرور نظر ايندي ۽ اهڙن وڳوڙن دوران اها ڌر پاڻ کي ڌار ڪرڻ جا جواز ڏيندي به هميشه نظر آئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو