Home / ڪئپيٽل افيئر / اسلام آباد: سياسي ٻائيتال ٻيهر شروع!
above article banner

اسلام آباد: سياسي ٻائيتال ٻيهر شروع!

Razak Khatiهن مهيني جو آخري هفتو گهڻو اهم آهي، هڪ اهم فيصلو اچڻ وارو آهي، جڏهن ته عمران خان به 30 نومبر تي حڪومت خلاف آخري جنگ جو اعلان ڪيو آهي، 14 آگسٽ تي جڏهن علامه طاهرالقادري سان گڏ عمران خان لانگ مارچ ڪري اسلام آباد لاءِ نڪتو هو تڏهن به هِن فيصلائتي جنگ جو اعلان ڪيو هو، پر اها جنگ ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهي، نه ان جنگ ۾ اڳواٽ طئي ٿيل رٿا موجب ماڻهو مئا، ۽ نه ڪو اهڙو ممڻ متو، جنهن سان عمران خان جي مرضي موجب نتيجا اچي سگهن، عمران خان پاران امپائر جي آڱر کڄڻ واري اعلان تي به عمل نه ٿيو، ان سڄي عرصي ۾ ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو مختلف سازشي ٿيورين تي پنهنجي وس ۽ فهم آهر بحث ڪندا رهيا، پر ميان نواز شريف کي گڏيل مخالف ڌر بچائي ورتو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، تحريڪ انصاف کانسواءِ سموريون پارٽيون ايوان اندر موجود هيون، سڀ ان ڳالهه تي متفق هيون ته هو ميان نواز شريف جي حڪومت نه پر جمهوريت کي بچائڻ لاءِ هڪ آواز آهن، جيڪڏهن ڪنهن به جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ پارٽيون ان عمل خلاف رستن تي نڪري اينديون. ميان نواز شريف هن ڀيري جمهوريت کي دعا ڪري ، جنهن جي نالي تي سندس حڪومت بچي وئي، نه ته جڏهن هنن سياست جي شروعات ڪئي ته هوئي جمهوريت جا سڀ کان وڏا دشمن هئا. سو خير ، جمهوريت ئي هڪ اهڙو نظام حڪمراني آهي، جنهن جي تڏا ويڙھ ڪندڙ آمرن جو اولاد به هن وقت انهي قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، ۽ هن دفعي اهي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ اڳين صفن ۾ موجود هئا، تنهن ڪري پاڪستان ۾ جتي گهڻيون برايون پنهنجي سموري آب ۽ تاب سان موجود آهن ته ان منظرنامي ۾ ڪجهه چڱيون ڳالھيون به سامهون آيون آهن، پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ جيڪي ڌريون آمرن کي دعوت ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿيون ،انهن کي عوامي سطح تي ڪابه پذيرائي نٿي ملي، ميڊيا جيڪڏهن “ زور بار” هجڻ جي باوجود ونگار وهڻ جي ڪوشش به ڪري ته ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ان چينل کي تبديل ڪرڻ جي سزا جو اختيار هاڻي عوام جي هٿ ۾ آهي، ان ڪري سازشون پنهنجي جاءِ تي پر هڪ ڳالهه ته واضح ٿي آهي،، ته هن دفعي امپائر جي آڱر نه کڄي سگهي، ۽ معاملو جيئن جو تيئن رهيو .

21 نومبر تي ملڪ جي اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف مٿان آئين ٽوڙڻ جو ڪيس هلائيندڙ خاص عدالت فيصلو ڏيڻ واري آهي. اهو فيصلو ڪو حتمي نه پر اهو فيصلو اچڻو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 6 جو ڪيس رڳو اڪيلي جنرل مشرف مٿان هلندو يا ان عمل ۾ سندس مدد ڪندڙ سمورن ماڻهن مٿان به هلندو. 21 نومبر تي خاص عدالت ان باري ۾ فيصلو ٻڌائيندي، ان باري ۾ هڪ ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن عدالت رڳو اڪيلي مشرف مٿان سنگين غداري جو ڪيس هلائي ٿي ته به معاملا اتي نه رهندا، جيڪڏهن آئين تحت سنگين غداري جي ان عمل ۾ مددگارن کي به شامل ڪيو وڃي ٿو ته معاملو گهڻو خراب ٿي ويندو، وچ وارو رستو آئين ۽ قانون تحت ممڪن نظر نٿو اچي. ان ڪري 21 نومبر واري ڏينهن جي اهميت آهي، خاص عدالت ۾ سرڪاري وڪيل ۽ مشرف جي وڪيل ان سلسلي ۾ دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، عدالت ان سلسلي ۾ ان باري ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ 21 نومبر تي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ان تاريخ جي ٺيڪ هڪ هفتي بعد عمران خان 30 نومبر تي هن حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي، ان سلسلي ۾ عمران خان جو موڊ ٺيڪ نظر نٿو اچي، وٽس واپسي جو باعزت طريقو ۽ ضدي طبيعت هجڻ ڪري هو پنهنجي ڳالھين مان اهو واضح ڪري چڪو آهي ته وٽس وزيراعظم جي وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.

15-Nov-2014   16

پارلياماني سياست ۾ ڪڏهن ان حد تائين اڳتي نه وڃبو آهي جو واپسي جو رستو ئي نه هجي، پر عمران خان پنهنجي سموري سياست پارلياماني روايتن جي ابتڙ ڪئي آهي، جڏهن ته آگسٽ کان لڳل سندس ڌرڻو ، جنهن کي هو ٻيهر جيئارڻ لاءِ 30 نومبر جو اعلان ڪري ويٺو آهي، ان ڌرڻي جي ڪاميابي جو وٽس ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، ته ان ڏينهن حڪومت سان جهيڙو ٿئي، ڪجهه ماڻهو ماريا وڃن، هن جا ڪارڪن به رد عمل ۾ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز مٿان حملا ڪن ، جيئن صورتحال خراب ٿئي، ۽ اهڙي ريت حالتون حڪومت جي هٿ مان نڪري وڃن ۽ ڪجهه ٻيو ٿي پوي. آگسٽ ۾ حڪومت عمران خان ۽ قادري کي ريڊ زون ۽ پوءِ وزيراعظم هائوس جي در تائين ان ڪري اچڻ ڏنو ته جيئن ماڻهو نه مرن، حڪومت پنهنجي حڪمت عملي ۾ ڪامياب ٿي، مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون به حڪومت سان گڏ بيٺل هيون، پر هاڻي مخالف ڌر جو ساٿ اهڙو نه رهندو جيڪو سيپٽيمبر ۾ حڪومت سان هو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف وفاقي ڪابينا اندر اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، وزيراعظم هن وقت سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ هيستائين ٻه اجلاس ڪري چڪو آهي، ڪجهه وزيرن پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي به ملٽي ميڊيا تي بيان ڪئي، پر سچ اهو آهي ته وفاقي ڪابينا اندر ميان شهباز شريف ۽ سندس پُٽ جي مداخلت سبب ڪي به وزير ڪم نه پيا ڪري سگهن. هنن جي مرضي سان ڪو آفيسر به تبديل نه پيو ٿي سگهي، صنعتن ۽ پيداوار جو وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مواصلات وارو مملڪتي وزير حڪيم بلوچ استيعفا ڏئي چڪا آهن، ڄام ڪمال، سڪندر بوسڻ استعيفيٰ ڏيڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. خواجا آصف ڪم نه پيو ڪري سگهي، ان ڪري وزيراعظم کي به اهو سوچڻ گهرجي ته جن وزيرن کان هو ڪارڪرگي جي اميد رکي ٿو انهن کي ڪيترو اختيار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ به سيپٽيمبر جهڙو رومانس نه رهيو آهي.

هن سڄي منظر نامي ۾ هڪ ڳالهه واضح آهي ته حڪومت کان معاملا نه پيا سنڀالجن، سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ حڪومت کي نومبر جو آخري هفتو ڏنو آهي، ۽ واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن 24 نومبر تائين حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نه ڪيو ته وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر جون خدمتون سپريم ڪورٽ واپس وٺي ڇڏيندي، اميد ڪئي پئي وڃي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪنهن به هڪ نالي تي اتفاق ڪري وٺنديون ۽ ممڪن آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ٿي وڃي. پر سوال هي آهي ته پاڪستان ۾ هن اهم عهدي تي ڪوبه ساک وارو جج اچڻ لاءِ تيار ناهي، راڻا ڀڳوان داس چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو قبولڻ کان ٻيو ڀيرو انڪار ڪري چڪو آهي، ان کان اڳ ۾ جڏهن حڪومت فيڊرل پبلڪ سروس جي قانون جو هڪ بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪرائي چڪي آهي، ان بل جو مقصد اهو هو ته راڻا ڀڳوان داس کي اهو عهدو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ايف پي ايس سي جي چيئرمين طور راڻا ڀڳوان داس ٽن سالن تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو نه پيو سنڀالي سگهي، جنهن ڪري حڪومت قانون ۾ ترميم ڪئي، پر انهن ڏينهن ۾ ئي راڻا ڀڳوان داس اهو عهدو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هن دفعي هن پاران انڪار ڪرڻ ڪا تعجب جي ڳالهه نه هئي، پر اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني پاران ان عهدي تي اچڻ کان انڪار اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي هن اهم آئيني اداري جي اهم منصب تي اچڻ لاءِ ڪوبه ساک وارو ماڻهو اچڻ لاءِ تيار ناهي. هن سڄي مرحلي ۾ حڪومت جيڪڏهن ڪوشش ڪري ها ته رڳو چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ رٽائرڊ جسٽس جي مقرري جو شرط ختم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرائي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ان ڳالهه تي راضي هيون ته ان شرط کي ختم ڪري ان ۾ رٽائرڊ ڪامورن ، ۽ سينيئر سياستدانن کي به شامل ڪيو وڃي. حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڏنل آخري ڊيڊ لائين موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس سڏائي آئين ۾ ترميم ڪري ها ته حڪومت وٽ گهڻا آپشن موجود هجن ها، ان ڪري هاڻي حڪومت وٽ آپشن ناهن، ۽ حڪومت هڪ اهم موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. جيڪڏهن رٽائرڊ جسٽس چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ٿي ويو ته پوءِ اهو معاملو وري تڏهن غور هيٺ ايندو جڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجا 5 سال پورا ڪندو يا هو فخرالدين ابراهيم جيان استيعفي ڏئي وڃي، جڏهن ته عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي جنهن ڪري جيڪو به چيف اليڪشن ڪمشنر ٿيندو ان کي به سئو دفعا سوچڻو پوندو.

ٻئي طرف موٽر وي تي پوليس سان جهيڙا ڪرڻ ۽ ايس ايس پي اسلام آباد عصمت الله جوڻيجي مٿان حملا ڪرڻ جي ڪيسن ۾ ڊاڪٽر قادري ۽ عمران خان کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، پر اهو اشتهاري عمران خان پوليس پنجاب پوليس جي پروٽوڪول ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿي رهيوآهي، عمران خان هاڻي مڪمل ان موڊ ۾ آهي ته حڪومت کيس گرفتار ڪري جيئن هو پنهنجي تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرائي. هن دفعي حڪومت 30 نومبر کان اڳ ۾ اسلام آباد کي هڪ دفعو وري سيل ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويٺي آهي، صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خراب ٿيندي نظر پئي اچي. اسلام آباد جي شهرين لاءِ وري عذاب جا ڏينهن شروع ٿيڻ وارا آهن، اطلاعن موجب هڪ دفعو وري سڄي شهر کي ڪنٽينرن سان سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 25 نومبر کان ئي اسلام آباد ڏانهن ايندڙ رستن کي سيل ڪيو ويندو جيئن مختلف شهرن مان پي ٽي آءِ جا ڪارڪن گادي واري شهر نه پهچي سگهن، مشرف واري ڪيس جو فيصلو ۽ عمران خان پاران جنگ جي اعلان واريون تاريخون گڏ ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڳالهه واضح آهي ته حڪومت جيڪڏهن عمران خان مان جند آجي ڪرائڻ چاهي ٿي ته مشرف مان هٿ ڪڍڻا پوندا.

پاڪستان جي اسٽيبلشميٽ ممڪن آهي ته مشرف مان هٿ ڪڍي به وڃي پر جيڪڏهن قانون موجب خاص عدالت اهو فيصلو ڏئي ٿي ته سنگين غداري جي ڪيس ۾ ان وقت جي ڪورڪمانڊرن، وفاقي ڪابينا ۽ 6 نومبر جي ايمرجنسي جي توثيق ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي ته نه رڳو حڪومت جا اهم ماڻهو ان ڪيس ۾ شامل ٿيندا. ان صورتحال مان حڪومت پاڻ کي ڪيئن آجو ڪرائيندي، اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب ڳولهڻ لاءِ حڪومت پريشان آهن، ۽ کيس ڪنهن معجزي جو انتظار آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو