Home / ڪئپيٽل افيئر / اسٽيبلشمينٽ جو نئون کيڏاڙ!
above article banner

اسٽيبلشمينٽ جو نئون کيڏاڙ!

پاڪستان ۾ اڄ به انيڪ ماڻهو اهو سوال ڪن ٿا ته “ اسٽيبلشمينٽ ” ڇا آهي، انهي سوال جو جواب اولھ جي هڪ ليکڪ ۽ دانشور اسٽيفن پي ڪوهن انتهائي جامع ۽ آسان انداز ۾ ڏنو آهي. ٻن لفظن واري هن جملي جي تشريح ڪندي هو پنهنجي ڪتاب “ آئيڊيا آف پاڪستان ” ۾ لکي ٿو ته پاڪستان جي نظر نه ايندڙ هي طاقتور قوت، جنهن ۾ عدليه، سول سروس۽ فوج جا اهم ۽ ٻيا سياسي ماڻهو شامل هوندا آهن، هي قوت اصل ۾ وچ واري رستي جي نظرئي تي قائم آهي، ڪوهن موجب انهي اڻ قبول ڪيل آئيني نظام جو حصو بڻجڻ لاءِ چند مفروضن کي مڃڻ ضرور ي آهي، جن مان ڪجھ، هو هن ريت ڄاڻائي ٿو.
1 هندستان جي هر قدم ۽ چال جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ انتهائي لازمي آهي،
2 پاڪستان جا جوهري منصوبا ئي اصل ۾ پاڪستان جي بقا ۽ ان جي وسيع تر حفاظت جي ضمانت آهن.
3 ڪشمير جي آزادي واري جنگ ،جيڪا هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ شروع ٿي اها ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ گهرجي،
4 وسيع پئماني تي ٿيندڙ سماجي سڌارا، جن ۾ زمينن جي مفت ورهاست( زرعي سڌارا) وغيرا انتهائي ناپسنديده عمل آهن
5 اڻ پڙهيل ۽ وچئين ڪلاس جي طبقي کي سدائين چٿي رکڻ ۾ ئي حڪمت آهي
6 اسلام پسند نظريو هجڻ انتهائي موزون ڳالھ آهي ، پر ان جو مڪمل لاڳو هجڻ ممڪن نه هجي.
7 آمريڪا سان لاڳاپا هجڻ گهرجن پر ڪڏهن به آمريڪاکي پاڪستان مٿان گرفت حاصل نه ٿيڻ گهرجي.
هو لکي ٿو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي انهن اهم نقطن ۾ هي نقطو به شامل آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ رياست جي انتظام ، سياست ۽ ٻين معاملن مٿان سدائين پنهنجي گرفت مضبوط رکي، جڏهن ته چونڊن ۽ انتظام تي اثر انداز ٿيڻ به شامل آهي،
اسٽيبلشمينٽ جي لفظ جي معنيٰ ٿوري گهڻي ته سمجھ ضرور اچي وئي هوندي، ٿلهي ليکي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جن بنيادي نقطن تي ڪم ڪري ٿي ان کي جيڪڏهن غور سان ڏسجي ٿوته نه رڳو اسان کي ڪوهن جي ان ڳالھ ۾ سچائي نظر اچي ٿي، پر انيڪ اهڙا پاسا آهن ،جن جي وضاحت اڃا به باقي آهي، جن ۾ پاپولر سياستدانن جا قتل، جلاوطنيون، سزائون، جيل، ڪوڙا ۽ ٻيا انتقام شامل آهن، جن جو ذڪر ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان هِن جي ايجنڊائن جي گهرائي ۾ وينداسين، پر هڪ ڳالھ ته طئي آهي ته هي نظام جيڪو پاڪستان ۾ هن وقت موجود آهي، اهو جيستائين بنياد کان نٿو پٽجي، تيستائين هن ملڪ ۾ رهندڙ 20 ڪروڙ انسانن جي ذهني ، معاشي ۽ سماجي آزادي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اسان جيڪڏهن پاڪستان جي 66 سالن جي مختصر تاريخ جو ئي جائزو وٺون ٿا ته اسان کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت مٿان اها اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جا نمائندا ڪڏهن سڌي ريت ته ڪڏهن اڻ سڌي ريت ئي مڙهيل رهيا آهن، جنهن ڪري تبديلي سواءِ ديواني جو خواب هجڻ جي ٻيو ڪجھ نٿي لڳي، پاڪستان جي موجوده سياسي منظر نامي تي اسان ڏسون ٿا ته روز اوچتو نوان معاملا سامهون اڀري اچن ٿا ۽ اهي پوءِ ڪهڙو رُخ اختيار ڪن ٿا، ان جو اندازو رڳو انهن کي ئي آهي جيڪي اهي معاملا پاڻ مارڪيٽ ۾ کڻي اچن ٿا،
پاڪستان دنيا جو اهڙو اڪيلو ملڪ آهي،جنهن جو هڪ سگهارو ادارو پنهنجي حق ۾ ملڪ اندر دهشتگردي جي ذميوار قرار ڏنل پابندي پيل تنظيمن کان پنهنجي حق ۾ مظاهرا ڪرائيندي نظر اچي ٿو، دنيا ۾ ان سگهاري اداري لاءِ اها ڳالھ هٿ وٺي مشهور ڪرائي وئي آهي ته هو سي آءِ اي، موساد، ڪي جي بي کانپوءِ اهم ايجنسي آهي، جيڪا طاقتور آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته اها به دعوا ڪئي ويندي آهي ته اسان جي هن ايجنسي سي آءِ اي سان به پٽيون ڪيون آهن ،
هن سگهاري اداري جي وڪيلن جي بقول ته هڪ ٽي وي چينل آءِ ايس آءِ جي سربراھ جي تصوير لڳائي پاڪستان جي توهين ڪئي ، ملڪ جي هڪ اهم اداري کي بدنام ڪري سازش ڪئي وئي، اها ملڪ سان غداري آهي، ان ڪري غدارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو وڃي. سوال ته هن ملڪ ۾ اهو به اٿڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ مقدس ڪير آهي؟ جيڪڏهن ڪير آهي ته انهن ۾ ڪير ڪير آهن؟ عدليه آهي، پارليامينٽ آهي، آءِ ايس آءِ آهي، يا فوج آهي؟ پاڪستان جو آئين ته اها ڳالھ ڪري ٿو ته جيڪو ماڻهو پاڪستان جو آئين ٽوڙِيندو يا ان ۾ شامل ٿيندو اهو سنگين غداري جو ڏوھ ڪندو، ۽ سنگين غداري جي سزا ملڪ جو آئين موت جي سزا جو تعين ڪري ٿو، اهو آئين پاڪستان جي عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ٺاهيو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهي آئين جي ئي ڪري اها پارليامينٽ پاڪستان مٿان حڪمراني جو حق رکي ٿي ، پر اها ڳالھ ڪنهن کان لڪل آهي ته پاڪستان جي هي پارليامينٽ جنهن آئين کي تخليق ڪيو، اها ڪيترا ڀيرا فوجي آمرن جي هٿان ٽٽي چڪي آهي ؟ انهن جي ميمبرن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، پر ان عمل کي ڪڏهن به غداري جي زمري ۾ شامل نه ڪيو ويو، هاڻي جڏهن ڪنهن آمر کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ڪوشش شروع ٿي آهي ته ملڪ جي سلامتي کي خطرا پيدا ٿيڻ جو قصو شروع ٿي ويو آهي. حيرت جي ڳالھ اها آهي ته جنهن اداري جو سڌو نالو کڻڻ بدران اسان ان کي “ ڳجها ادارا يا حساس ادارا” ڪري پڪاريندا هئاسين اها پاڻ پنهنجي نالي سان پنهنجي حق ۾ مظاهرا ڪرائي رهي آهي، ڇا هو واقعي مقدس آهي؟ اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ،جيڪا هر جمشيد دستي جهڙن نپٽ جاهلن جي الزامن کي جواز بڻائي روز ٽي وي چينلن تي نوان بحث ڪري ٿي ۽ پارليامينٽ ۽ پارليامينٽرين کي بي عزتو ڪري ٿي، ان کي اڃا تائين اهو خيال نه آيو آهي ته هو پنهنجي پروگرامن ۾ اهو ئي بحث ڪرائي وٺي ته پاڪستان ۾ مقدس ڪير آهي، ڇا هن ملڪ جي آئين جي ڇٽي هيٺ رهندڙ عوام کي هن ملڪ جو آئين اهو حق نٿو ڏئي ته هو پاڻ سان ٿيل زيادتي جو الزام ڪنهن تي به هڻي سگهي، اهو الزام جيڪڏهن ڪنهن هنيو آهي ته ان کي هڪ طرفو رکي ملڪ جي بدنامي جي آڙ ۾ هڪ اهڙي مهم شروع ڪئي وڃي، جيڪا ملڪ ۾ موجود جڏي جمهوريت جا به پير ڪڍي ڇڏي، پر بدقسمتي اها آهي ته ميڊيا دهل وڄائي رهي آهي ۽ دوسو نچي رهيو آهي، ۽ هن ملڪ ۾ ميڊِيا ۽ جمهوريت جو سِر وڃڻو آهي، هي جيڪي ان ڳالھ ۾ خوش آهن ته ملڪ جي هڪ وڏي ٽي وي چينل کي بڇڙُو ڪري يا بند ڪرائي هو پاڻ وڏا چينل بڻجي ويندا، پر کين اها ڀل آهي، سڀاڻي هنن جو به وارو اچڻو آهي.
اسلام آباد لاءِ هاڻي اهو به مسئلو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هو پاڻ مٿان ڪهڙي سڃاڻپ جو ليبل لڳائي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي مٿان سولين حڪومت جڏهن پنهنجي مرضي جي فيصلن جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته اها ڳالھ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪري ڇڏي ٿي، پاڪستان جي اسيٽيبلشمينٽ، جيڪا مشرف جي معاملي تي اڳي ئي ڪاوڙيل آهي، اها هاڻي سويلين جي وڌيڪ “ منهن زور” ٿيڻ کي برداشت نه پئي ڪري سگهي، پاڪستان جي سويلين حڪومت کي ان ڳالھ جو به احساس آهي ته افغانستان ۾ عبدالله عبدلله ، انڊيا ۾ نريندر مودي جي سرڪار سان معاملا سڌا ڪري نه هلبا ته پاڪستان ۾ حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن. جيئن پاڪستان ٻين ملڪن ۾ اسلامي جذبي سان سرشار ٿي مداخلت ڪندو رهيو آهي تيئن ٻيا به اسان جي ملڪ ۾ ساڳيو ڪم ڪندا رهيا آهن، انڊيا جا مسئلا ايترا ناهن جيترا اسان پنهنجي لاءِ پاڻ مسئلا پيدا ڪيا آهن، پاڪستان ۾ جهادي فورسز جي طاقتور هجڻ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ملتان ۾ انساني حقن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راشد رحمان کي ٻولائي چولائي سندس آفيس ۾ قتل ڪيو ويو ، پر اهو اشو خوف وچان گم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته راشد رحمان توهين رسالت جي هڪ ڪيس جي جوابدار جو وڪيل هو. کيس هڪ مهينو اڳ ۾ چيو ويو هو ته هن جيڪڏهن انهي ڪيس ۾ وڪالت تان هٿ نه کنيو ته قتل ڪيو ويندو، قاتلن پنهنجو واعدو پورو ڪيو، پر پاڪستان جي رياست ، جنهن مذهبي معاملن جا، ڪُن پاڻ پنهنجي لاءِ ٺاهيا آهن، ان ۾ ڦاٿل آهي ، ۽ ڪو به داد فرياد نٿو ٿئي، پنجاب هن وقت مڪمل طور تي جهادي قوتن جي هٿ هيٺ آهي، ن ليگ جي کيس سياسي حمايت حاصل آهي، اهي دهشتگردي ۾ ملوث قوتون هٿيارن جي زور تي پيدا ڪيل خوف جي ڪري ن ليگ لاءِ ڪاميابي لاءِ راھ هموار ڪن ٿيون، انهن مان ڪي اڄ به اسان جي رياستي ادارن جي هٿ هيٺ آهن ته ڪي انهن جي هٿ مان به نڪري ويون آهن، اهي سموريون فورسز هڪ نقطي تي هڪ ٻئي جي مدد به ڪن ٿيون،جڏهن ته اسان جي رياست جي طاقتور ادارن جي حالت اها آهي ته اهي ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نٿا اچن. دنيا ۾ تيزي سان ٿيندڙ تبديلي کي هو اڄ به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري پاڪستان جي پرڏيهي ۽ اندروني پاليسي ۾ ڪابه واضح تبديلي نٿي اچي، جنهن ڪري پاڪستان جو عام ماڻهو سڌي ريت ان کي ڀوڳي ٿو، پاڪستان لاءِ هي سال انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ کيس اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڇا ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان جيئن پاڙيسري ٿي هلبو آهي ائين ڪري ٿو يا ساڳي ڪرت برقرا رکي ٿو جيڪا ماضي کان هلندي اچي، هن وقت هندستان ۾ مودي جي مضبوط حڪومت اچي وئي آهي، افغانستان ۾ عبدالله عبدالله جي صدر ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن، افغانستان جي اپريل وارين صدارتي چونڊن جي ڪري دنيا حيران آهي، ڇاڪاڻ ته اهي چونڊون نه رڳو پرامن ٿيون آهن، پر انهن ۾افغان طالبان جي ڌمڪين باوجود عورتن جي وڏي پئماني تي شموليت ان ڳالھ جي شاهدي ڏني آهي ته افغان طالبان مڪمل طور تي پنهنجي حمايت هن خطي ۾ وڃائي چڪا آهن ، جڏهن ته اسان جا ميڊيائي ادارا اها دعوا ڪندا رهيا آهن ته افغانستان ۾ اڄ به طالبان جو اثر آهي ان ڪري ايندڙ ڏينهن واري افعانستان ۾ پاڪستان جي رياستي ادارن جي مداخلت ۽ اتان جي حڪومت تي اثر انداز ٿيڻ وارا امڪان نظر نٿا اچن، هندستان ۾ مودي سرڪار به بمبئي حملن جي جوابدارن جي حوالگي جو مطالبو ڪندي، جيڪو پاڪستان جي حڪومت جي ان ڪري به وس ۾ ناهي ته انهن تي هٿ وجهڻ لاءِ حڪومت کي سئو دفعا سوچڻو پوندو، هلندڙ سال آمريڪا ۽ نيٽو فورسز افعانستان مان وڃي رهيون آهن. ٻئي طرف ايران سان هن حڪومت پاران ماضي جي معاهدن کي برقرار رکڻ جي خواهش جو اعلان ڪرڻ مان به ڪافي ڳالھيون واضح ٿي رهيون آهن ته هن حڪومت جا ايندڙڏينهن ۾ پاڪستان جي دفاعي اداري ۽ ان جي ٻين ادارن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿيندا، جنهن ڪري هينئر ساڻ ئي ڄار وڇائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، عمران خان کي به ڌندي سان لڳايو ويو آهي، عمران خان جا مطالبا ٺيڪ آهن، پر سوال هي آهي ته انهن مطالبن جو نتيجو ۽ فائدو ڪهڙي ڌر کي ٿيندو، اهڙي ريت جهادي فورسز کي به ڪم سان لڳايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي رياستي ادارن کي ان ڳالھ جو اندازو آهي ته جيڪڏهن سويلين حڪومتن کي سندن پاليسين تي هلڻ ڏنو ويو ته سندن دڪان بند ٿيڻ شروع ٿي ويندو، اهوئي سبب آهي ته موجوده حڪومت غيررياستي عنصرن ذريعي پاڙيسري ملڪن جي مداخلت واري پاليسي کان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي جڏهن ته اسان جا ادارا ائين ڪرڻ نٿا چاهين،
پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ بابت ڪوهن جي وضاحت بعد هاڻي اها ڳالھ واضح ٿي وئي آهي ته هو پنهنجي ايجنڊا تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪڏهن سويلين حڪومت پنهنجي “ خواهش ” تان هٿ کنيو ته پوءِ هو ڪجھ وقت ڪڍي ويندي، پر عالمي سطح تي وڌندڙ ڌٻاء کي منهن ڏيڻ هن لاءِ وڏو مسئلو هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو