Home / اسپيشل افيئر / اڳتي ڪائي وَاهَه به آهي؟
above article banner

اڳتي ڪائي وَاهَه به آهي؟

Irshad Memonمانواري جاويد کوسي جي مهرباني جِن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچهري ۾ ليکڪ کي محاورو ڪَل ڊِي سَيڪ ياد ڏياريو. گفتگوءَ جو محور ڌرتي ۽ ان تي وسندڙ انسان هئا. فرئنچ اصليت رکندڙ اهڃاڻ جو ميڊيڪل سائنس ۾ استعمال پنهنجي جاءِ تي، راويءَ وٽ سا ساروڻي پڻ ته ٽيهارو ورهيه اڳ گروءَ کيس ويهاري انگريزي شاعره جان اسٽروٿر جي ساڳي اصطلاح سندي عنوان سان نظم The Cul-De-Sac پڙهي ٻُڌايو. خاص طور تي آخري سٽون. انٽرنيٽ جي مُحابي تُرت تنهن بيت تائين پهچ ٿي وئي ۽ هاڻ ڪويتا جو ڄاڻايل ڀاڱو فاضل قاري روبرو عرض ڪجي ٿو:

They may a long while cheat

Themselves into content,

And not too deeply care

The Fate accross the threshold of their street

Has scrawled “No Thoroughfare”

15-Nov-2014   46

(هو ڀَل ڊگهي عرصي تائين

اطمينان جي دوکي ۾ گم هجن

۽ پرواهه نه رکن جيڪڏهن ته

بند گهٽيءَ جي آخري ديوار تي

مُقدر هيئن تحرير ڪيو-

اڳتي ڪائي وَاهَه ناهي)

ٻي پئرا هتان ٿي شروع ڪجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ اسلام آباد جي ريڊزون ۾ جو ناٽڪ رٿيو ويو تنهن منجهان هيءُ سبق پڻ مليو. لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي وزيراعظمن ۾ تفاوت باقي نه رهيو. سگهارين ڌرين وٽ نواز شريف جو پنجابي هجڻ اهميت وارو عنصر ڪين چئجي. سول سرڪار ڪنهن جي به هجي،. مٿاهون هٿ خاڪيءَ وارن جو هوندو. سندن ايجنڊا جي پورائيءَ ۾ پنجاب جو سياستدان رُڪاوٽ ٿيو ته سندس آخرت ڳڙهي خدابخش جي رهاڪن کان مختلف نه هوندي. شهادت جو درجو پائين يا حال حيات هجن. اهي جيڪي چون ٿا ته هيءَ رياست بنيادي طور تي پنجابي حاڪميت جي بقا لاءِ ڪم ڪندڙ آهي سي ڇا چوندا؟ ڌرڻي بازي کانپوءِ ثابتي ملي ۽ اها ته پاڪستان بنيادي حساب سان، سڀ کان پهريائين دفاعي اسٽيٽ آهي. پنجابي، اسلامي پوءِ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا قوم پرست ڇا اڃا به پنجاب مخالف جهيڙيندا؟ ڪَل ڊِي سَيڪ.

ڪجهه ورهيه ٿيا جو ميرپور خاص مان ٽي ڪاليجي هندو ڇوڪريون، پڙهي موٽندي اغوا ڪيون ويون. وڏي مَٿا ڪُٽ کانپوءِ مالڪن کي جا معلومات ملي، هيئن هُئي. نوجوان نياڻيون ڪراچيءَ ۾ مُسلمان مڙسن وٽ آهن. ڌرم بدلائي چُڪيون. سندن پيڇو ڪرڻ جو صِلو موت هوندو. ويچارا ديوان چُپ ڪري ويهي رهيا. رِنڪل ڪُماري هجي يا ٻارهن سالن جي انجلي. اُتر سنڌ ۾ ڀرچونڊي پيرن ۽ ڏکڻ منجهه سرهندين رڻُ ٻاري ڏنو آهي. سيڪيولر هئڻ جي خوش فهميءَ ورتل قومي ڪارڪنن ۾ ساهه آهي جو انهن ٻن دوزخن جو گهيراءُ ڪري سگهن؟ ٻُڌائي سگهندا ته پاڻ ڏوڪڙن خاطر ڪيترن هندو سرنديءَ وارن کي کنڀي کڻي ويندا رهيا آهن؟ واڻيا لڏپلاڻ ۾ آهن. سنڌي، سنڌ ۾ 52 سيڪڙو وڃي بچيا آهن. تن ۾ وري 6 سيڪڙو هندو آبادي ڳڻجي. سندن ڀارت پڌارڻ کانپوءِ سنڌي ڳالهائيندڙ مُسلمان باقي ٻولين جي گروهن جي ڀيٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويهندا. ڌرتي جي ٽوٽا ٽڪرا ٿيڻ جو جواز ڪَرُ کڻندو. ڪير آهي جو صورتحال کي سُڌاري طرف هڪلي؟

اسڪاٽلينڊ ۾ نيشنلسٽ، آزادي پسند سوچ کي ووٽ هٿاران ناڪامي نصيب ٿي. اسڪاٽش خلق کي انگلينڊ جي قبضي کان نفرت جي حد تائين چڙ آهي. سوين سالن کان ڦر مار جو نظارو اکين سان نهاريندا آيا آهن. ٻئي درجي جي شهري هئڻ سندي ذلت ڪارڻي ئي هو. اڄ هَا يا نَه جهڙي ريفرنڊم جي مرحلي تي رسن ٿا. فيصلي گهڙيءَ پَرَ پاڻ پَرمار جي ڀڪ وٺي بيهن ٿا. ڇوٽڪاري پائڻ کان نابري ڏيکارين. الڳ مالڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي وطن جي آئيندي بابت چنتا سندن من ۾ هجي. استحڪام، سسٽينبلٽي کي اوليت حاصل ٿئي. نجات پائڻ بعد رياست کي پختن بنيادن تي هلائي سگهبو يا نه، سو سوال هنن آڏو هجي. اونداهه انڌوڪار ۾ هٿوراڙيون ڏيڻ بجاءِ عمليت جو رستو اختيار ڪيو ويو. ڌوپار ٿيڻ کان پاسو ڪندي اسڪاٽ ماڻهن وقتي طور ديش جي ڀلائي ان ۾ ڄاتي ته موجود زمان ۽ مڪان ۾ آزاديءَ جي راهه نه وٺجي، پبلڪ جو موقف. اسان وٽ ان نموني جا مُشڪل فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت سانڍيندڙ ڪيترا منش هوندا؟ پنجيتاليهه ورهيه پهريائين اسٽيٽ جا ڀاڱا ڪرڻ جو هوڪو ڏيندڙ ڪيڏانهن ويا؟ سنڌ کي جنهن اوڙاهه اڇلايو ويو، اُتان کيس ڪير ڪڍندو؟ نه ڇوٽڪارو پلئه پيو ۽ نه وري ڏاڍاين ۾ گهٽتائي آئي.

هينئر ڪنهن مڊل ڪلاس سياسي پارٽي جي طلب محسوس ڪئي پئي وڃي. پارليامينٽ ۾ سنڌ دوست ميمبرن جي اڻ هوند اسان لاءِ انيڪ مصيبتون پيدا ڪيون. شهري واگهن جي تنظيم هر سطح تي وطن جي ورهاڱي جون اونايون پئي سُڻائي. هيءُ ويڙهاند جو سمئه ناهي. سياسي مونجهارن کي سياسي حرفتن سان سلجهائڻو آهي. ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ جڏهن پاڻ وچولي طبقي جي پارٽي ٺاهي ٿي سگهياسين، تڏهن اسان جي دماغ ۾ آزادي جو جن ويهاريو ويو. نجات ته ٺهيو هاڻ ديس جو ايڪو بچائڻ ڪاڻ اچي اچي ۾ آهيون. ويرم ڪا نه لڳندي ته بلوچ پڻ ساڳئي نتيجي تي پهچندا. هيءَ دنيا هڪٻئي تي اندازي کان ڏور آڌاريل آهي. بنگلاديش ٺهڻ سمئه حالتون ايتريون انگڻ وِنگڙ نه هيون جيئن هاڻ آهن. احمق ماڻهو ڪڻڇيون ڪُلهي کڻي، سموري قوم کي ڏچي ۾ وجهي چُڪا آهن. قومي سوال حل ٿيڻ جي آهي ڪا وَاهَه؟

رياست جي پنجابي سڃاڻپ ۾ تبديلي. مذهبي جُنون سامهون ساڃاهه جي ساڻائي، بي وسي. سياسي ڌرين جون ٻاراڻيون، ڪُٽڻپو. آباديءَ جي ساهميءَ جو سنڌين مخالف وڌندڙ جُهڪاءُ. ڏوهه جو راڄ. سماجي ڀڃ ڊاهه. تعليمي تباهي. زندگيءَ جي بنيادي سهولتن جي اڻاٺ. ڄاڻايل سڀني بلاڪن گڏجي. ڪل ڊي سيڪ جي لقاءَ کي جنم ڏنو آهي. عقل رکندڙ مٿي کي هٿ ڏئي ويهندا رهن. نيون راهون ويچاريون پيون وڃن. پر مجموعي طرح بند گهٽيءَ جا رهواسي انوکي اطمينان کي ڀاڪر ۾ وٺي آرامي آهن. ڪڙي حقيقت ته رستي جي آخر ۾ اُڀي ٿيل ديوار کي ڊاهڻ ڪنهن جي وَسَ ۾ ڪونهي. ڪيئن ڪجي. ڪيڏانهن وڃجي. سول سوسائٽي جون پنهنجون ڪمزوريون آهن. ڪرپشن جو دق هر پڙهيل لکيل فرد کي اندران ئي اندران ڍانڍو ڪري رهيو آهي، وري ٻي ڳالهه. سنڌ جي ڊايا سپورا وطن واپس موٽي پئي. کائي پي، عياشيون ڪري اها اڌڙوٽ پود بنهه اوپري ماحول ۾ پير رکي رهي آهي. 80 ع سندي ڏهاڪي تائين هُو اسان کي جنهن حال ۾ ڇڏي، دنيا جي ٻين کنڊن طرف ڀڄي ويا. اسين تنهن کان گهڻو سرس برباديءَ جو شڪار آهيون. سنڌ کي جڏهن سندن اشد ضرورت هُئي، الوپ ٿي ويا. آمريڪا ۽ يورپ جي اڪيلائيءَ کان بيزار ٿي موٽيا آهن. هنن جي ويچارن کي ڇاتيءَ ۾ جاءِ ڏيندڙ نسل هاڻ هتي ڪونهي. مقدر پَاڻَ پارن لاءِ ايئن ئي لکي چڪو جيئن لائق شاعره مٿي بيان ڪيو آهي.

راوي هنن ئي صفحن تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چئي چُڪو آهي. سنڌ جي تاريخ جنهن بند گهٽي، ڪَل ڊِي سَيڪ ۾ ڦاٿل چئجي ان جون مکيه خاصيتون هيئن ڳڻائجن. رياست جي وفاقي سرشتي، فيڊريشن ۾ برابريءَ واري حيثيت ملڻ جا امڪان ڪين پسجن. سينيٽ، قومي اسميبلي کان سرس اختيار رکندڙ ادارو هجي يا وٽانئس حڪومت جي چونڊ ٿئي يا وري نيشنل اسيمبلي ۾ سڀني صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ملي وڃي. آئين ۾ ريڊيڪل تبديليون آڻي، ڪنفيڊرل يا يونين طرح جو نظام لاڳو ٿئي. چريائپ سنديون ڳالهيون آهن. گهڙي کن لاءِ فرض ٿا ڪريون ته پاڻ يونائيٽيڊ قسم جو مُلڪ ٿي وياسين. تڏهن پڻ آباديءَ جي نسبت ۾ تفاوت سنڌي ماڻهن جي آواز مان ساهه ڪڍڻ ڪاڻ کوڙ آهي. سنڌ جي حصي ۾ اڌ جي آسپاس انگ ۾ چونڊيل ميمبر سنڌي ڳالهائيندڙ، اصليت رکندڙ نه هوندا. گهڻي ڀاڱي شهري علائقن مان اُڀري ايندا. منجهن پٺاڻن کي به شامل ڪجي. صوبي جي ڪنهن ٻرندڙ مسئلي تي هتان کان اُماڻيل ايلچين جو هڪ راءِ هجڻ امڪان کان ٻاهر نظر اچي.

هورڙيان هورڙيان اسان کي سَا بات سمجهه ۾ ايندي وڃي. پنجاب جي وڏي ڀاءُ واري درجي بابت. کائنس هڪڙو برادر اڃا پڻ وڏو آهي. مُربي. پاڻ هن مهل تائين اسٽيٽ کي پنجابي مفادن جي چوڪيدار ڄاڻيندارهياسين. غلط به ڪونهي. بنهه ٿڌائپ سان ۽ ڳوڙهي انداز ۾ جائزو وٺڻ بعد معلوم ٿيو. اهو ته رياست پنجابي، اسلامي، ناڻي واد پوءِ آهي. بنيادي طرح هُوءَ دفاعي فطرت رکندڙ ملندي. پنجاب جي قبضي گير نيت پنهنجي جاءِ تي. ان کان به پوتر سيڪيورٽي ۽ تَنهن جي هَامَ هڻندڙ جوان ۽ دفتر آهن. سنڌ ضرور برابري طلبي پر ڪنهن کان؟

فيڊريشن جي هاڻوڪي جوڙجڪ خود اهڙي ڇُوٽ ڏيو ويٺي آهي ته ڪير ڪٿي به وڃي رَهي، ڪاروبار ۽ نوڪري ڪري. ووٽ ڏيڻ جي اهليت ڪليم ۾ آڻي. پنهنجي شهريت ڪمال سولائيءَ سان هڪ صوبي مان ٻئي ۾ کڻي وڃي. بندرگاهه هئڻ ناتي سنڌ ان ٽڪساٽ ڪارڻي سڀ کان سرس متاثر ٿيندڙ علائقو آهي. طرح طرح جا ماڻهو جتي جَهل پل کانسواءِ وَسي چُڪا آهن. اردو ڳالهائيندڙ مسلمان هجن يا پشتو ٻوليندڙ پٺاڻ، ڪراچي ٻنهي مان هر ڪنهن جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. مادري زبان سنڌي وارا يا صوبي ۾ 1947ع کان اڳ آباد ٻيا گروهه اقليت جو طوق ڳچيءَ ۾ پائڻ جي ويجهو پهچي چُڪا آهن. همت هوندن ته فقط معاشي لحاظ کان چٽاڀيٽي جي عياشي ڪري جياپو بچائي ويندا. ڪلچر، جاگرافي ۽ تاريخ تي سندن هڪ هٽي نه رهندي. ساڻن گڏ هاڻ ٻين جي اتهاس پڻ جُڙي رهي آهي. ساڳي ڌرتي تي سنڌين جي هسٽري ليکبي ته اردو ڳالهائيندڙ ۽ پختون جي به هوندي.

ڏُک وچان لکجي ٿو. عملي طور سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ٿي چُڪي آهي. اگرو سچ آهي. حقيقتن سان مُنهن سامهون ٿبو ته تدارڪ جي واٽ نصيب ٿيندي. آباديءَ جي وڌندڙ دٻاءَ ۽ خاص طور تي ٻاهران ايندڙ اڻکٽ لوڌ کي ٻُنجو ڏيڻ واسطي سياسي سطح تي ارادو ۽ جاکوڙ گهرج ۾ آهن. بيمار وڏيرڪي سوچ کان پاسائتي وچولي طبقي جي وطن دوست پارٽي ئي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي. سياسي تنظيمون رات وچ ۾ ڪو نه ٺهنديون آهن. 70ع ۽ 80ع وارن ڏهاڪن ۾ پاڻ اهڙي سگهه گڏ ڪري پئي سگهياسين. تڏهن وري آجپي سَندي آخري ڏاڪي کي ايئن چمڪايو ويو جو ٻيو ڪو طرف نهارڻ کان لاچار هئاسين. ميدان پيپلز پارٽي کي خالي مليو. سندن ونجهه وٽي کي جيترو داد ڏجي گهٽ آهي. جيالن جي مثالي ڀينگ سبب ئي سنڌ ويرانگي جو اهڃاڻ اُڀري، عجب ڇا لاءِ وٺي.

صوبن وچ ۾ نئين سماجي معاهدي جي هينئر نه ته خاص طلب آهي ۽ نه وري ان منجهان لاڀ پائڻ جي آشا سانڍڻ کپي. پاڻ جنهن بند گهٽيءَ ۾ آهيون تنهن کي نظر ۾ ڪندي چئجي ٿو. سنڌ اندر جيڪو نقصان ٿيڻو هئو سو ٿي چُڪو. اڄ اسان شهري توڻي ٻهراڙي جي علائقن مان ڪنهن ڪنهن کي واپس موٽائي سگهنداسين؟ ڪيترا آهن جن جا نسل هتي جنم وٺي چُڪا. هيءَ ڌرتي سندن ماتر ڀومي ٿي چُڪي. هُو پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جو ڌاڪو ويهاري ويا. کين بي دخل ڪرڻ جي سَئي وڏي رتوڇاڻ کي نينڍ ڏيڻ برابر هوندي. امڪاني ڪاميابي جنهن جنگاڻ جي آخري حاصلات ڳڻجي. مذهبي ڪٽر پڻي ۾ واڌ سندو وهڪرو سنڌي مسلمانن کي اڃا ٻئي مَچَ پاسي ڌِڪي رهيو آهي. 6 سيڪڙو هندو آباديءَ جي ٻَلَ تي صوبي ۾ قائم پنهنجي اڪثريت جي ڌَاڪَ پويان هٿ ڌوئي اچي پيا آهن. واڻين جي انڊيا طرف لڏپلاڻ کين تُرت ٿورائيءَ جي تذليل جو مُهانڊو بخشي وجهي، تنهن کان اڳ اک پٽڻ جي ضرورت آهي. هُو اسان جو اٽوٽ حصو آهن. وٽن ويڳاڻپ جو احساس پاڻ پئدا ڪيو اٿائون. وقت گهر ڪري ٿو ته انهن ڏانهن ڌرم، مَت جي بنيادن تي جوڙيل عناد وارو رويو تبديل ڪري، سندن ڀَرجهلا ثابت ٿيون. قوم جي آئيندي کي بچايون. حقيقت اها به ته، مٿيان جملا ڪنهن تي اثر ڇڏين-ٿيندي نظر ڪو نه اچي.

ڇوٽڪاري جي واٽ، ڪنڌ ۾ ڪڻڇي، چچريل لاش ڪَل ڊِي سَيڪ جي چوٿين ڪنڊ آهي، سنڌ جي تاريخ جت گُهٽيل پسجي. رياست جي ڪار وهنوار ۾ ڏهاڪن کان جاري ڀونچال، پنجاب کان به وڏي ڀاءُ جو نسري نروار ٿيڻ، اسان جي صوبي منجهه آباديءَ جي نسبت ۾ موتمار تفاوت اهڙا اِسم آهن جي آجپي جي فئنٽسي پويان ڊُڪندڙ مانوارا سائين اَوس به ڌيان ۾ رکن. پنهنجي ماڻهن کي سرابن خاطر آتو نهاري، ليکڪ رنج ٿئي ٿو. 45 ورهيه گذري وياآهن، پاڻ ديش، ديش پُڪاريندا رهياسين. نجات ڪانه ملي پَر هاڻ ڌرتيءَ جو ايڪو سلامت رکڻ خاطر آجرت آهيون. ڪوئي آهي جو اُڀو ٿي چوي-اچو ته نئين تدبير ٿا ڪريون.

جي هائو، قِبلا! مُشڪل سمئه مُشڪل فيصلا گُهرندو آهي. بند گهٽيءَ ۾ ڦاٿل سنڌ لاءِ نئون نُسخو ئي چَارو ڪري سگهي ٿو. جن اسان کي هِنَ منزل رسايو آهي تن ڌپيارن وجودن ۽ ويچارن مان جان ڇڏائڻ جي وينتي آهي. راوي جَا اوهان روبرو عرض رکي ٿو. اچو ته گڏجي ويهون. مٿي کي هٿ ڏئي فڪر جا گُرَ آزمايون. ڪَائي نِڪور ڦڪي، دَرمل ڳولهي ڪڍئون. وطن جو بچاءُ سڀ کان اُتم ڄاڻون. رستي جي آخر ۾ کڙي ٿيل ديوار ڊاهي وجهئون. ان کان پهريائين جو رَکَ کوٽيندارهون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو