Home / اسپيشل افيئر / جمشيد نسروانجي ڪير هو؟ (II)
above article banner

جمشيد نسروانجي ڪير هو؟ (II)

Akhtar Balochگذريل ڀيري جمشيد نسروانجي جي حوالي سان ٻڌايو هو ته کيس ميٽرنٽي هومز قائم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي، حاتم علوي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته هو پنهنجي والد لاءِ تمام گهڻي عقيدت رکندو هو شايد اهو ئي سبب هو جو هو ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ ميٽرنٽي هومز قائم ڪرڻ پيو چاهي. جمشيد پنهنجي امڙ جي ياد ۾ جهانگير باغ جي ويجهو هڪ ميٽرنٽي هوم ٺهرايو هو. حاتم علوي وڌيڪ لکي ٿو ته: هو هميشه خوشحال ماڻهن جي ڳولا ۾ رهندو هو جن هلندڙ سال ۾ وڌ کان وڌ دولت ڪمائي هجي ته جيئن ميٽرنٽي هومز جي اڏاوت لاءِ رضامند ڪري سگهجي. هي ڪو آسان ڪم نه هو ليڪن جمشيد ان لاءِ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي هئي جنهن مان ڪو به مالدار شخص بچي نه پئي سگهيو.

هڪ ڀيري مون کيس ٻڌايو ته موت جو فرشتو هڪ بوهري سيٺ جو ساهه وٺڻ لاءِ تيار آهي سندس مرڻ کانپوءِ ان جا مٽ مائٽ سندس جائداد بابت دعويٰ داخل ڪندا جمشيد چيو ته هو ڪوشش ڪندو. مون کيس چيو ته انهن فرشتن ۽ سندس وچ ۾ مقابلو هوندو، هو ڪامياب ٿي ويو، ان جي نتيجي ۾ عيدگاهه ميدان ۾ سيٺ اسماعيل جي، امين جي، ناٿاڻي ميٽرنٽي هوم جو قيام عمل ۾ آيو. مون سوچيو ته ٻئي هومز ڏٺا وڃن ڇو ته منهنجي زال جو گهر به عيدگاهه ميدان ۾ آهي جنهن ۾ اسان رهون ٿا. جي ها منهنجي گهرواري نرس آهي ۽ کيس هڪ سرڪاري ميٽرنٽي هوم ۾ گهر مليل آهي. خير مون ميٽرنٽي هوم جي ڳولا پنهنجي گهر کان شروع ڪئي. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي بيگم کان پڇيم ته “سيٺ اسماعيل جي، امين جي، ناٿاڻي ميٽرنٽي هوم” بابت کيس ڪا خبر آهي؟ هن چيو ته ويهن سالن کان ملازمت ۾ هن اهڙي ڪنهن ميٽرنٽي هوم جو نالو نه ٻڌو آهي. اسان جو پٽ علي حسن جيڪو ان وقت موجود هو ان چيو ته کيس ان بابت خبر آهي. اها اسان لاءِ عجب جي ڳالهه هئي. علي حسن کي اسان جي پاڙي ۾ ماڻهو حسن “مڪانه” جي نالي سان سڃاڻن ٿا مڪانه، بلوچي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي “نه ڪر”.

علي حسن شروع کان ئي ڏاڍو شرارتي ثابت ٿيو آهي، ڪڏهن اسپتال جي ڇتين تي چڙهي ويندو آهي ۽ اهو ڪهڙو ڪم آهي جيڪو هو نه ڪندو آهي. علي حسن ڇهين جماعت جو شاگرد آهي مون کائنس پڇيو ته وٽس ان ڳالهه جو ڪهڙو ثبوت آهي، هن شرمائيندي چيو ته مون سان گڏ هو، آءُ ساڻس گڏ هلي پيس. هو مونکي اسپتال جي ڇت تي وٺي ويو اتان وري ٻي ڇت تي ۽ پوءِ هن انگريزي ۾ لکيل هڪ تختي ڏانهن اشارو ڪيو جتي صاف صاف اسماعيل جي، امين جي، ناٿاڻي ميٽرنٽي هوم لکيل هو! علي حسن جي منهن تي فاتحانه مسڪراهت هئي ۽ آءُ به شرم ۾ ٻڏي ويس.

15-Nov-2014   54

جيڪڏهن توهان ڪڏهن صدر ٽائون جي يونين ڪائونسل جي دفتر نمبر پنج ۾ ايندا ته ان سان گڏ ئي عيد گاهه ميٽرنٽي هوم جي عمارت موجود آهي. يونين ڪائونسل جي ويجهو ڇريون تيز ڪندڙن جا دڪان آهن منهنجو خيال آهي ته جتي تختي لڳل آهي اهو گهڻو ڪري ميٽرنٽي هوم جو مک دروازو هوندو ليڪن قبضن جي ڪري بند ٿي ويو آهي. اهو ميٽرنٽي هوم هاڻي عيد گاهه ميٽرنٽي هوم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سيٺ اسماعيل جي، امين جي، ناٿاڻي کي افسوس ته هاڻي ڪير به نه ٿو سڃاڻي. هاڻي اچون ٿا ٻئي پاسي، جمشيد صاحب جي امڙ جو نالو ته مون کي معلوم هيو يعنيٰ “گل ٻائي” ۽ ان جي نالي سان منسوب ميٽرنٽي هوم جو علائقو به. حاتم علوي لکي ٿو ته هي ميٽرنٽي هوم جهانگير باغ جنهن کي جهانگير پارڪ چيو وڃي ٿو ان جي ويجهو آهي، خير مون ميٽرنٽي هوم جي ڳولا جهانگير پارڪ کان شروع ڪئي. شايد ڪڏهن اهو پارڪ هوندو، پر هاڻي اجڙيل جهنگ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اندر هيروئن پيئندڙ موالي وڏي تعداد ۾ ستل هئا، يا هيروئن پي رهيا هئا.

آءُ جيئن ئي مک دروازي کان داخل ٿيس ته کاٻي هٿ تي هڪ گول ڪمرو نظر آيو جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو اخبار پڙهي رهيا هئا. هڪ همراهه انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍي ڪيبن ۾ ويٺو هو. مون ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايو جواب ۾ هن وراڻيو ته هو ڪي ايم سي جو ملازم آهي ۽ هن لائبريري جو نگران پڻ. مون کائنس گل ٻائي ميٽرنٽي هوم بابت پڇيو هن ان باري ۾ لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته پارڪ جي آخر ۾ يونين ڪائونسل جي آفيس آهي شايد اتان ڪا معلومات ملي وڃي آءُ يونين ڪائونسل جي آفيس پهتس اتي موجود هڪ ڪلارڪ ٻڌايو ته گل ٻائي ميٽرنٽي هوم جي نالي سان ڪا به عمارت سندن حدن ۾ موجود نه آهي. آءُ مايوس ٿي آفيس کان ٻاهر نڪري آيس پوءِ سوچيم ته اڄ ون وي ٽوڙي بندر روڊ وڃان ٿو. اڃا مون يونين ڪائونسل جي آفيس ڪراس ئي مس ڪئي هئي ته مون کي رستي جي کاٻي پاسي هڪ پراڻي عمارت نظر آئي، آءُ اندر داخل ٿي ويس سامهون منهنجي منزل گل ٻائي ميٽر نٽي هوم موجود هو. عمارت ۾ مڪمل سناٽو هو، داخلي دروازي تي هڪ ڪٽيل لوهه جي گرل لڳل هئي جنهن تي هڪ وڏو تالو لڳل هو. آءُ هوريان هوريان عمارت جي پٺئين حصي ۾ پهچي ويس اتي زندگي جا آثار نظر آيا هڪ کٽ تي هڪڙو پوڙهو ۽ پوڙهي ويٺا هئا، انهن پڇڻ تي ٻڌايو ته اهي گذريل چاليهه سالن کان اتي آباد آهن ميٽر نٽي هوم ڪڏهن بند ٿيو ان باري ۾ کين ڪا به خبر نه آهي ان باري ۾ روني بابا کان معلومات ملي سگهي ٿي. جيڪو پارسي آهي ۽ هن عمارت جو نگران آهي. انهن وٽ روني بابا جو ڪو ٽيليفون نمبر به نه هو بس کيس اها خبر هئي ته ان جي آفيس ڊينسو هال ۾ آهي.

بحرحال ڇا ته هي عمارت آهي جيئن ئي عمارت ۾ داخل ٿيندا ته توهان جي نظر سڀ کان پهريان ئي خوبصورت ڦوهاري تي پوندي ان کانپوءِ عمارت جي مهاڙي تي شيشن جي گل ڪاري سان لکيل گل ٻائي ميٽرنٽي هوم لکيل نظر ايندو، کاٻي پاسي کان هڪ يادگار آهي عمارت جي ٻنهي ڪنارن تي افتتاح جي حوالي سان يادگار تختيون آهن، ڏاڪڻن تي ڪاٺي جون تختيون آهن جن تي چندو ڏيندڙن جا نالا لکيل آهن. هن عمارت جي خوبصورتي کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، هن عمارت کي ڏسي هڪ پٽ جي ماءُ سان محبت جو اندازو چڱي ريت ٿئي هو.

منهنجي دل ئي نه پئي چوي ته اتان ٻاهر نڪران مون کي ايئن لڳي رهيو هو ته جمشيد منهنجي ڀرپاسي موجود آهي ۽ چئي رهيو آهي ته ڪيئن لڳو. مون ڪيڏي نه محنت سان هي ميٽرنٽي هوم ٺهرايو هو ۽ هاڻي ان جو ڇا حال آهي. خير آءُ ڳرن قدمن سان ٻاهر نڪري آيس، ايتري دير ۾ هڪ رڪشو منهنجي اڳيان گذريو ان جي پويان شعر لکيل هو جيڪو مون کي حسب حال ٺيڪ لڳو، جيڪو هن ريت آهي.

همي اپنون ني لوٽا غيرون مين ڪهان دم ٿا

ميري ڪشتي وهان ڊوبي جهان پاني ڪم ٿا

جمشيد نسروانجي جو هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو ڪراچي ۾ آباد ماڻهن کي رهائش جون سهولتون مهيا ڪرڻ هو جمشيد ڪراچي ۾ ڪو آپريٽنگ هائوسنگ جي شروعات، ڪئي 1922ع ۾ اهو علائقو جيڪو هاڻي جمشيد ڪوارٽر سڏجي ٿو، هڪ ويران جاءِ هئي. ڪراچي ۾ اميرن جو تعداد ڪو گهڻو نه هو. سندن گهڻائي ڪلفٽن، فريئر ۽ گارڊن ڪوارٽر ۾ آباد ٿي چڪي هئي ليڪن ان جي باوجود انهن علائقن ۾ تمام گهڻن پلاٽن تي اڏاوت نه ٿي هئي. ان دور ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ گهر ٺاهڻ ممڪن نه هو، جمشيد طئي ڪيو ته ڪو آپريٽو سوسائٽي کي زمين مفت مهيا ڪئي ويندي ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏنا ويندا، ان دور ۾ وچولي ۽ غريب طبقي کي اهڙيون سهولتون مهيا ڪرڻ جو مقصد اهو سمجهيو ويندو هو ته اهو شخص ضرور ڪو سرخو “ڪميونسٽ” هوندو. ان حوالي سان ان کي زميندارن ۽ واپارين طرفان سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. انهي حد تائين جو ميونسپل ڪائونسلرز به، جن جي گهڻائي خود وچولي طبقي مان هئي، پنهنجي امير واسطيدارن جي ڪري انهن به ان منصوبي جي حمايت نه ڪئي.

شايد ان وقت به بلڊر مافيا جو وجود هو، ليڪن ان جي باوجود جمشيد ان منصوبي کي منظور ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ڪجهه ئي ورهين ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽي هن علائقي جي وچولي ۽ غريب طبقي جي ماڻهن لاءِ خوبصورت گهر تيار ڪيا. گهر مالڪن جي 95 سيڪڙو جو تعلق وچولي طبقي سان هو.

ڪراچي ميونسپل ان علائقي جو نالو جمشيد ڪواٽرز رکيو. هڪ ڀيري هڪ دوست سان ملاقات لاءِ جمشيد ڪوارٽر وڃڻو پيو مون عادت کان مجبور ٿي پڇيو هن علائقي جو نالو جمشيد ڪوارٽر ڇو آهي؟ هن وراڻيو، ڀائو جيئن شهر جي ٻين علائقن جا نالا آهن ايئن هي به ڪو نالو هوندو…!! ڏاڍو افسوس ٿيو. (پورو ٿيو)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو