Home / سنڌ افيئر / خيرپور المناڪ حادثو-ذميوار ڪير؟
above article banner

خيرپور المناڪ حادثو-ذميوار ڪير؟

Sana Abbas Dashtiڪجهه ڏهاڙا اڳ سوات کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس اسر ويل خيرپور جي ٺيڙهي باءِ پاس ويجهو ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن کانپوءِ ان کي باهه لڳي وئي جنهنجي نتيجي ۾ 58 ماڻهن ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو جن ۾ عورتن جو تعداد 17 ۽ 18 معصوم ٻار به هئا، جن کي سکر ۽ خيرپور جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن سول هاسپيٽل خيرپور جو قيامت صغريٰ وارو اهو منظر ڏٺو هجي ۽ نير نه وهايا هجن. پر افسوس جو اسانجي حڪمرانن جي اکين جو پاڻي به سڪي ويو آهي ۽ سندن دليون به پٿر ٿي ويون آهن. جيڪي اهڙن واقعن تي ڦوٽو سيشن ڪرائي ۽ افسوس جا ٻول ٻولي واپس وريا. اهي ئي بدنصيب مسافر جڏهن پنهنجي منزل جو يقين ڪري نڪتا هوندا ته کين خيرپور پهچڻ تي اهو قطعي علم نه هوندو ته سندن ساهه جي تند اتي ٽٽي ويندي.

خيرپور سول هاسپيٽل جيڪا وڏي وزير جي ميگا پراجيڪٽ ۾ شامل آهي، جنهن ۾ ان واقعي کانپوءِ اها خبر پئي ته هڪ ارب روپين جي لاڳت سان ٺهيل هن اسپتال ۾ ايمرجنسي جي سهولتن جو فقدان آهي. حادثي کانپوءِ رت جي گهٽتائي جي ڪري جيڪا اسپتال ۾ “بلڊ بئنڪ” ۾ هجڻ گهرجي پر نه هئڻ ڪري زخمي تڙپندا رهيا ۽ مرندا رهيا. ڏسندي ڏسندي 45 فوتين مان تعداد وڌي 58 ٿي ويو. ان کان وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايتري وڏي اسپتال ۾ “مرده خانو” به ڪونهي، تنهنڪري انهن لاشن کي ٻاهر پڌر تي رکيو ويو.

مسجد ۾ اعلان شهرين پاران ڪرايا ويا ۽ فوري رت جي عطيي جو چيو ويو، شهرين پنهنجي وس آهر لبيڪ چئي بچي ويل مسافرن جي مدد ڪئي. ايترو وڏو حادثو ٿيڻ وقت خيرپور جو ڊي سي ۽ ڪمشنر به موجود نه هئا تنهنڪري وارثن جي مائٽن کي امدادي ڪاررواين ۾ مدد نه ملي. جڏهن مري ويلن جا لاش ايئن ٻاهر پيل هيا ته ميڊيا جي نشاندهي تي اسپتال جو هڪ حصو خالي ڪرائي اتي لاش رکيا ويا پر کين ڪفن پارائڻ ۽ تابوت جو انتظام ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميه جا مک اهلڪار موقعي تي موجود نه هجڻ ڪري تلاش ۽ ڳولا لاءِ ايندڙ وارثن کي تڪليف پيش آئي. وارثن لاءِ قيامت ٻي ڪهڙي هوندي جو وارث پنهنجي پيارن جي بنا ڌڙ، سسي يا ٻانهن جي ڳولا ڪن ۽ انتظامي اهلڪار هيليڪاپٽرن ۾ اچن؟ ڇا اهو زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر نه آهي؟

مسجدن ۾ رت جي اعلان ٿيڻ کانپوءِ جڏهن شهري رت ڏيڻ آيا ته اتي ميڊيڪل عملي جي ڪمي ڪري فوراََ رت جي چڪاس ۽ جووينٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه هئي. ان دوران ايس پي خيرپور ناصر آفتاب پاران مسافرن سان تعاون ڪيو ويو ۽ سندن وارثن جي خاص رهنمائي به ڪئي وئي. معزز شهرين پاران مري ويلن لاءِ ڪفن ۽ تابوت جو به بندوبست ڪيو ويو ۽ 58 لاشن جا تابوت جڏهن لائين ۾ رکيا ويا ته ڳولا لاءِ ايندڙ وارثن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪنهن نئين ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيون هيون. خيرپور ضلعو جيڪو اڳ بدامني جي ڪري مشهور هيو پر هاڻ حادثن جي هوا جڏهن کان هلي آ تڏهن به اڳڀرو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ پوليس طرفان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اداري خلاف ان واقعي جي F.I.R ڪٽي وئي پر ان ۾ ايندڙ موقف جا تضاد پهرين ڏينهن کان موجود آهن. NHA مطابق ته هي واقعوموٽر وي پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ موڙ نه ڏيڻ جي ڪري پيش آيو آهي ۽ موٽر وي پوليس مطابق هي حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو. سنڌ پوليس مطابق هي واقعو NHA جي غفلت ۽ مٽي جي دٻيل ڍيرن ۽ روڊن ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص مٽيريل جي ڪري پيش آيو آهي.

15-Nov-2014  29

سوال اهو آهي ته روڊ جيڪي سنڌ ۾ ٺهندي ئي ڊهي ٿا وڃن ۽ شاهراهه تي کوٽائي ناقص مٽيريل جي دانهن لڳي پئي آهي. ان کي سڌارڻ جي نيت ۾ ڪيتري سچائي آهي جو اهڙا حادثا روڪڻ ۾ مدد ڪن. سوال اهو به آهي ته ايترين وڏين اسپتالن جي جڏهن رٿابندي ٿئي ٿي ته ڇا انهن صلاحڪارن کي عملو وڌائڻ ۽ ايمرجنسي سهولتون رکڻ لاءِ تجويزون ذهن ۾ نه ٿيون اچن.

اهڙا حادثا هاڻ روز جا معمول بڻجي چڪا آهن. اهڙن واقعن مهل اسپتالن ۾ ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 500، 600 رت جي ٿيلهين جو گهربل انتظام هجڻ گهرجي. شهيد بيبي جي نالي تي ورتل رت جو عطيو جيڪو لکن ٿيلهين جي تعداد ۾ آهي اهو آخر وڃي ڪيڏانهن ٿو! يا وري ايئن ته نه آهي ناقص رت شهيد بينظير آباد تي جڏهن زمين هيٺان پوريل ڏٺو ويو ته اڪثر اهڙيون ئي رت جون ٿيلهيون اڃا به موجود ته نه آهن. اهي بسون جيڪي ماڻهن کي کڻي گهمن ٿيون هاڻي تابوت نما بسون آهن. اهي حادثا ڊرائيورن جي غفلت ۽ روڊ جي خراب حالتن جي ڪري به ٿين ٿا.

انهن بسن ۾ جنهنجي گنجائش 45 ماڻهن ويهارڻ جي هوندي آهي پر اسٽول ۽ ننڍيون ڪرسيون رکي اهي وڌائي 50، 60 مسافر ڪندا آهن. اسين ڪنهن ترقي يافته ملڪ ۾ ته نه ٿا رهون پر خيرپور ۾ پيش ايندڙ اهڙي واقعي لاءِ هر طرف کان امڪاني جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت غفلت نه ڇڏي ته اهڙا موتمار واقعا اڳتي به پيش ايندا رهندا.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو