Home / سنڌ افيئر / ذوالفقار مرزا جي سياسي ميدان ۾ واپسي!
above article banner

ذوالفقار مرزا جي سياسي ميدان ۾ واپسي!

Allah Bachayoبدين ضلعي جا ماڻهو گذريل 40 سالن کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هڪ ئي پارٽي پ پ کي هر اليڪشن ۾ پنهنجا قيمتي ووٽ ڏئي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته پ پ جا اڳواڻ بدين ضلعي کي پنهنجو مضبوط سياسي قلعو سڏين ٿا. 70 واري ڏهاڪي کان ئي بدين ضلعي جي سياست تي مقامي خانداني جاگيردار قابض رهندا آيا آهن، جيڪي چڙهندڙ سج جا سلامي ۽ حڪومت سان گڏ رهڻ، پارٽيون تبديل ڪرڻ ۽ لوٽا بڻجڻ جا ماهر آهن. بدين جا اهي ڪي ڀوتار وڏيرا جيڪي پهرين 70 واري ڏهاڪي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به گڏ هئا اهي پوءِ وري آمر جنرل ضياءُ الحق سان به گڏ هئا، اهي ساڳيا ڀوتار وري 1988ع ۽ 1990ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽن تي چونڊجي وڃي اسيمبلين ۾ پهتا. 1993ع تائين ڦلڪارا جا هاليپوٽا وڏيرا بدين جي سياست تي قابض ٿي ضلعي تي راڄ ڪرڻ لڳا.

1993ع ۾ اوچتو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي زماني کان پڳ مٽ يار هو. ان بدين ۾ اچي ديرا ڄمايا ۽ 1993ع جي اليڪشن ۾ هو پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي بدين ۽ گولاڙچي جي تڪ تان ايم اين اي چونڊجي ويو، جنهن تڪ تان ان کان اڳ وڏيرو بشير هاليپوٽو ٻه ڀيرا پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي بڻيو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين جي سياست ۾ نواڻ آندي ۽ هن نه فقط بدين جي مٿئين قومي تڪ تان وڏيري بشير هاليپوٽي کي چونڊ وڙهڻ کان هٿ کڻايو پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اثر رسوخ سبب هن ڪيترن ئي سالن تائين سياست کان ڪناراڪشي اختيار ڪري خاموشي اختيار ڪئي. 1997ع کان لاڳيتو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا بدين- گولاڙچي جي ساڳي قومي تڪ تان پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي بڻي آهي ۽ 2008ع کان ڊاڪٽر فهميده مرزا پنجن سالن تائين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اهم عهدي تي فائز رهي ۽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت ۾ آصف علي زرداري صدارت جي ڪرسي تي براجمان رهيو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ٽنڊي باگي جي صوبائي تڪ تان سيد پپو شاهه کي شڪست ڏئي ايم پي اي ٿيو ۽ بعد ۾ سنڌ جو سگهارو گهرو وزير بڻيو.

15-Nov-2014   40

1993ع کان آمر جنرل پرويز مشرف جي 8 سالن جي راڄ کانسواءِ ٻيو سمورو عرصو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو بدين ضلعي ۾ دٻدٻي وارو راڄ رهيو. 2011ع ۾ اوچتو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي ويجهي دوست آصف علي زرداري سان ڪن اندروني معاملن تي سخت ناراض ٿي پنهنجي گهرو کاتي جي اهم وزارت، پيپلز پارٽي جي عهدي ۽ ايم پي اي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ايم ڪيو ايم خلاف اعلان جنگ ڪري ميدان تي لٿو ۽ پوءِ هڪ ڳجهي ٺاهه تحت خاموشي اختيار ڪري سياسي منظر تان گم ٿي ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ان سياسي سرڪشي وارن ڏينهن ۾ هن جا اويس مظفر ٽپي، منظور وساڻ، آغا سراج دراني، گولاڙچي مان چونڊيل پ پ جي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو پيپلز پارٽي بدين جي ڪن جهونن جيالن سان پيدا ٿيل اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا ۽ هلندڙ تڪرار ميڊيا جي خبرن کانسواءِ جهيڙي جي حد تائين وڃي پهتو هو ۽ سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه پڻ ان جهيڙي ۾ مرزا مخالف پ پ جي ڌڙي جي کليل حمايت ڪرڻ لڳو هو. جيتوڻيڪ پ پ اڳواڻن جي ان اندروني جهيڙي جو ٺاهه ٿيڻ بعد سيز فائر ٿي ويو هو پر پيپلز پارٽي جي هاءِ ڪمان بدين ضلعي مان مرزا خاندان جا سمورا انتطامي ضلع ڪائونسل، ٽي ايم اي ۽ ٻين سڻڀن کاتن تان اختيار ختم ڪري ڊاڪٽر مرزا جي انهن انتظامي ۽ سڻڀن ادارن تي مقرر ماڻهن کي اتان هٽائي مرزا مخالف ڌڙي جي ماڻهن حوالي ڪيا ويا.

2013ع جي اليڪشن ۾ بدين ضلعي جي سيٽن تي پ پ جي ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي تي پڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي مخالف ڌڙي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. ان اليڪشن ۾ غير متوقع طور تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو بنهه ويجهو ماڻهو ڪمال خان چانگ جنهن کي ڊاڪٽر مرزا ضلعي ڪائونسل بدين جو چيئرمين بنائڻ کان سواءِ پيپلز پارٽي ضلعي بدين جو جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڏياريو. اهو ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجون وفاداريون بدلائي وڃي پ پ جي مرزا مخالف ڌڙي سان گڏيو، اويس مظفر ۽ فريال ٽالپر جي مدد سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان بدين جي ماتلي ٽنڊو باگو جي قومي تڪ تان پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪري ايم اين اي چونڊيو ويو. جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا کي ساڳي قومي تڪ 225 تي ۽ ڊاڪٽر مرزا جي پٽ حسنين مرزا کي ٽنڊي باگي واري صوبائي تڪ تي پ پ جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون جيڪي ٻئي ماءُ پٽ چونڊون کٽي سوڀارا ٿيا پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا پ پ جي اعليٰ قيادت سان پيدا ٿيل اختلاف مڪمل طور تي ختم ٿي نه سگهيا، جنهنڪري مرزا خاندان کي گذريل اٽڪل اڍائي سالن کان نه بدين ضلعي جا اختيار واپس مليا ۽ نه ئي ڊاڪٽر مرزا جي پٽ حسنين مرزا کي سنڌ حڪومت ۾ ڪا وزارت ڏني وئي. جڏهن ته پ پ ضلعي بدين جو صدر ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جنهن سان گذريل اليڪشن ۾ بدين واري تڪ تان تاج محمد ملاح ڪانٽي جو مقابلو ڪيو هو. ڊاڪٽر مرزا ان چونڊن ۾ سياسي طور تي خاموش رهڻ جي باوجود ڊاڪٽر فهميده مرزا جي چونڊ ورڪ سان گڏ ڊاڪٽر سڪندر منڌري کي کٽائڻ لاءِ ڳوٺن ۾ وڃي ڀرپور انداز سان ورڪ ڪري کيس کٽايو پر اليڪشن بعد ڊاڪٽر منڌرو مرزا مخالف پ پ اڳواڻ جي ڌڙي ۾ شامل ٿي ويو. ڪمال چانگ سان ملي هن نه فقط بدين ضلعي جي انتظاميه، تعلقا ۽ ضلعي ڪائونسل سميت سمورن سڻڀن کاتن تان ڊاڪٽر مرزا جي مقرر ڪرايل آفيسرن ۽ ماڻهن کي هٽائي پنهنجي پسند جا آفيسر ۽ پنهنجا ذاتي ماڻهو مقرر ڪرائي بدين ضلعي کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ لڳو. پر ڊاڪٽر منڌرو سنڌ حڪومت ۾ پارلياماني معاملن ۽ ماحوليات جون وزارتون وٺڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن وقت ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سنڌ جي وڏي وزير جو اعتماد جوڳو بااثر وزير آهي.

ڪجهه مهينا اڳ هڪ واقعو پيش آيو ته 1993ع کان لاڳيتو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو يار غار رهندڙ خاص ماڻهو ڊاڪٽر عزير ميمڻ جنهن کي يو سي جي ناظمن کان وٺي پ پ تعلقي بدين جي صدر جو عهدو ڏيارڻ کانسواءِ ٽي ايم اي بدين جو نگران اعليٰ مقرر ڪرڻ کانسواءِ مرزا ڄڻ ته بدين ضلعي جو بااختيار ڪرتا ڌرتا بڻائي ڇڏيو آهي. آفيسرن ۽ ملازمن جي مقررين بدلين، نوڪرين ۽ اٽڪل سمورن ٺيڪن جا اختيار ڊاڪٽر عزير ميمڻ حوالي ٿيل هئا. 2013ع جي چونڊن ۾ جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تڪ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر سڪندر منڌري کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي قائل لڳو تڏهن هر هنڌ هن جي اڳيان بدين ضلعي جي عوام ڊاڪٽر عزير ميمڻ جي شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا هئا. ان اليڪشني مهم دوران ڊاڪٽر مرزا شڪايتي ماڻهن سان واعدو ڪيو هو ته هو اهڙين عوامي شڪايتن جو جلدي ازالو ڪندو. ان بعد اوچتو چند مهينا اڳ ڊاڪٽر عزير ميمڻ جي مور جهر واري مرزا هائوس کان رخصتي واريون خبرون ميڊيا ۾ آيون ۽ ٻنهي يارن ۾ اچانڪ وچوڙو ٿي ويو. معاملو عوامي شڪايتن وارو هو يا اڃا ڪي ٻيا ڪاروباري اختلاف هئا پر ڊاڪٽر عزير ميمڻ جو پتو مرزا هائوس کان ڪٽجي ويو ۽ ڊاڪٽر عزير ميمڻ به پنهنجي مهربان محسن کي ڇڏي وڃي مرزا مخالف ڌڙي جي ڪئمپ ۾ وڃي شامل ٿيو، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر مرزا جو اڳوڻو ويجهو دوست ايم اين اي ڪمال چانگ ڪري رهيو آهي جنهن کي وري فريال ٽالپر ۽ ايم اين اي اويس مظفر جي آشيرواد حاصل آهي. “افيئر” سڀ کان پهرين اهي رپورٽون شايع ڪيون ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جلدي پنهsxنجي پراسرار سياسي خاموشي کي ٽوڙي سندرو ٻڌي سنڌ جي سياست جي ميدان تي لهڻ وارو آهي، هن جا سندس ويجهي دوست آصف علي زرداري سان پيدا ٿيل اختلاف ختم ٿي يا گهٽجي ويا آهن. ڊاڪٽر مرزا کي سنڌ جو ڪو اهم عهدو ۽ سندس پٽ حسنين مرزا کي سنڌ حڪومت ۾ وزارت ملڻ واري آهي. هن رپورٽر جي اهڙي معلوماتي رپورٽ کي ڪن ماڻهن غلط سمجهيو ۽ بدين جا ڪيترائي سڄاڻ ماڻهو پڻ ان تي هرگز اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. پر پوءِ سگهوئي سڀني ڏ‎ٺو ته 18 آڪٽوبر واري ڪراچي جي بلاول ڀٽو زرداري جي پ پ واري وڏي جلسي جي تيارين دوران ڊاڪٽر مرزا اوچتو تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو. مرزا فارم مورجهر تي ماڻهن جا ميلا مچي ويا. رپورٽ موجب ان جلسي ۾ گهڻا ماڻهو کڻي پهچائڻ لاءِ مرزا فارم تي هزارين ماڻهن جي کاڌي لاءِ سوين ديڳين جا لنگر لڳي ويا ۽ جلسي ۾ گهڻا ماڻهو پهچائڻ لاءِ مورجهر بدين کان ڊاڪٽر مرزا اٽڪل 1200 گاڏيون ماڻهن سان ڀرائي جلسي ۾ پهتو. جڏهن ته مرزا مخالف ڌڙي جا ڪمال چانگ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ ٻيا سڀئي پ پ اڳواڻ جلسي لاءِ بدين مان فقط 250 گاڏيون ڪڍي سگهيا. ان بعد ۾26 آڪٽوبر تي بدين شهر ۾ ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ڏنل هڪ آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مرزا چيو ته بدين ۽ سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ٿيڻ جي هاڻي هرگز ضرورت ناهي. آءُ اڍائي سالن جي خاموشي وارو قيد ڪاٽي هاڻي آخرڪار ميدان تي اچي ويو آهيان. بلاول ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سنڌي عوام جي حقن لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيندس. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ گو نواز گو جو نعرو لڳي رهيو آهي پر بدين جي عوام کي هاڻ گو يزيد گو جو نعرو هڻڻ گهرجي. هن جو اهو اشارو سندس بدين جي مخالف ڌڙي ڏانهن هو.

هن پنهنجي تقرير ۾ اهو پڻ چيو ته کيس هر قسم جا جانور پالڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، هن بدين ۾ ٻه نانگ پڻ پاليا هئا، انهن مان هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪاري رنگ جو نانگ هو جن نانگن جا مٿا ڇٿڻ لاءِ هاڻ آءُ قيد مان آزاد ٿي ويو آهيان. مرزا جو اهو ٻن نانگن وارو اشارو سندس ٻن اڳوڻن دوستن ڪمال چانگ ۽ ڊاڪٽر عزير ميمڻ ڏانهن هو. جن ٻنهي تي سندس پارو بنهه گهڻو چڙهيل هو.

هن چيو ته بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سرڪاري ڪامورن ڪرپشن ذريعي ضلعي جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف هن تازوئي ڊي سي بدين جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي عوامي عدالت پڻ لڳائي، جنهن ۾ هن ڪرپٽ ڊي سي ۽ ڪامورن کي ڇنڊ پٽي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه سال ڪن سياسي مصلحتن ۽ بيمارين سبب سرگرم نه هئاسين، جنهن ڪري چونڊيل عوامي نمائندن ۽ سرڪاري ڪامورن بدين ۾ ڪرپشن جي باهه ٻاري ڪروڙين روپين جي ڦرلٽ ڪئي آهي، هاڻ اسين خاموش نه رهنداسين. ان بعد 9 نومبر تي ايراني حڪومت طرفان ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول جي عمارت جي تعميراتي ڪم جي افتتاحي تقريب جنهن جو افتتاح وڏي وزير قائم علي شاهه ڪيو. ان تقريب ۾ پ پ بدين جا ٻئي ڌڙا پهتل هئا پر تقريب کي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا خطاب ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ ڪمال چانگ سميت مخالف دڙي جي ڪنهن به اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهي ڪاوڙجي هليا ويا. ڊاڪٽر مرزا جو ڌڙو ان تقريب تي حاوي هو. وري 14 نومبر تي گولاڙچي لڳ ڳوٺ ٻاجهي چانگ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مرزا چيو ته ڪمال چانگ نقلي سردار آهي زوري پٽڪو ٻڌو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو