Home / اسپيشل افيئر / رولاڪ مسافر جي ڊائريءَ منجھان
above article banner

رولاڪ مسافر جي ڊائريءَ منجھان

Barkat Nonariمنهنجو سرجريء جو استاد پروفيسر رگھو ونشي (جيڪو جيزان جي اسپتال ۾ ڪنسلٽنٽ سرجن هيو) چوندو هيو ته جيڪو به ماڻهو عربن جي غلامي (نوڪري) ۾ هڪ ڀيرو اچي ويو سو پوري زندگي ذليل خوار ٿيڻ جي باوجود دنيا جي ٻي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي نه ٿو سگھي، گھُمي ڦري وري به ڪنهن عرب ملڪ ۾ ئي نوڪري ڪندو. اسان جهڙا ڏتڙيل ماڻهو جيڪي ميڊيڪل ڪاليج ۾ خوشقسمتيء سان داخلا ملي وڃڻ ۽ ڌڪي ٿاٻي تي امتحان پاس ڪندي ايم بي بي ايس جي ڊگري هٿ ڪري وڃن ٿا تن جي لاء عرب ملڪ بهترين پناھ گاهون آهن. آڪاش انصاريء چواڻي ته “اسين بس رهياسين، اڌورا اڌورا”. ميڊيڪل پڙهڻ جي باوجود سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ڪتابن ۾ چنبڙيل رهڻ جي ڪري ماڻهو نه بهتر ڊاڪٽر ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڪو ٻوٽو ٻاري سگھندو آهي.

سعودي عرب ۾ 9 سال معاشي جلاوطني ختم ڪري جڏهن سنڌ پهتس ته سنڌ مڪمل طور تي تبديل ٿيل محسوس ٿي، سرڪاري نوڪرين تي پابندي، ڪانٽريڪٽ تي نوڪري جي لاء به پندرنهن لکن جي رشوت، جنهن به نوڪري (سرڪاري توڙي پرائيويٽ) ۾ درخواست جمع ڪراءِ ته پنجن سيٽن تي 5000 اميدوار ويٺل نظر آيا. پنهنجي 9 سالن جي گڏ ڪيل پونجي کڻي هڪ ريسٽورينٽ ورتم، ڊاڪٽر هجڻ ۽ ٻاهر رهڻ جي ڀرم سبب پاڻ ريسٽورينٽ تي ويهڻ مناسب نه سمجھيم ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ريسٽورينٽ تي ويهاريم. حيدر آباد جي ڊفينس جي ايريا ۾ ان ريسٽورينٽ تي اچي ڪامريڊ (سياسي تنظيمن جا ڀتا خور) ڪڙڪيا، روزانو ڪو ماني کائي هٿ ڇنڊي هليو وڃي ته ڪو ڪنهن پروگرام جي لاءِ چندو گھرڻ پهچي وڃي. انڪار ڪرڻ تي گار گند، ڀڃ ڊاھ يا گوڙ گھمسان جي نتيجي ۾ ريسٽورينٽ جو ٻيڙو ٻڏي ويو ۽ 6 مهينن ۾ ڏھ لکن جو نقصان ڪري توبهه ڪري ويهي رهيس.

سنڌي ماڻهوء جي هڙ ۾ ٻه ڏوڪڙ هوندا آهن ته گھر ويهي کائيندو آهي ۽ جڏهن بک مرندو آهي پوء گھران ڀڄڻ جو سوچيندو آهي. جنهن وقت منهنجا به کيسا خالي ٿيا ته ٻيهر سعودي جي عربن جي غلامي ڳولهڻ نڪتس. هڪ اخبار ۾ اشتهار پڙهي پاڻ کڻائي لاهور پهتس. لاهور جي هڪ پرائيويٽ ريڪريوٽمينٽ ايجنسي جي ذريعي سعودي سرڪار جي صحت کاتي جو هڪ وفد آيل هيو. انٽرويو شروع ٿيو ته سامهون ويٺل عربي جُبي، ٻُچي ڏاڙهي جي هڪ اڌ عمر جي ڊاڪٽر کي سلام ڪري عربي ۾ صباح الخير چئي سندس نڪ سان پنهنجو نڪ ملائي هٿ ملايم. اهو عرب ڊاڪٽر ڏند ڪڍي پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ ٻيهر منهنجي ٻنهي ڳلن تي چميون ڏئي مليو. ڪنهن به سوال پڇڻ يا ڪو به سرٽيفيڪيٽ ڏسڻ کان سواءِ چيائين ته مبروڪ يا دڪتور، انت حصلت وظيفه في المستشفي تبوڪ العام (مبارڪ هجئي ڊاڪٽر، توکي تبوڪ جي جنرل اسپتال ۾ نوڪري ڏيان ٿو). منهنجا 28 ئي ڏند ٻاهر نڪري آيا (4 ڏند ڪڍرائي چڪو آهيان).

انٽرويوء کان پوء ان پرائيويٽ ڪمپني جي ڪائونٽر تي پهتس، ڪمپني وارن سمورا اوريجنل سرٽيفيڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ڏيڍ لک جو چيڪ فيء طور ورتو. هڪ هفتو لاهور ۽ اسلام آباد جا ڌڪا ٿاٻا کائي ڪمپنيء وارن پاسپورٽ ۽ سرٽيفيڪيٽ واپس ڏئي چيو ته “ڊاڪٽر صاحب، توهان جي سيڪيورٽي ڪليئرنس نٿي ملي. توهان ميڊيا ڪرائيمز ۾ گھربل آهيو.” مٿي ماري ڪرڻ کان پوء به ڪجهه حاصل نه ٿيو ويتر ڏنل في به هضم ڪري ويا.

15-Nov-2014   50

پريشان حالي، مالي مشڪلاتن ۽ سخت ذهني دٻا ۾ سنڌ موٽيس. سنڌ پهچڻ شرط ئي هڪ اي ميل ملي، اي ميل ڪندڙ ته گلستان جوهر جو هڪ مهاجر ڇوڪرو هيو پر سندس ڀيڻيوو سنڌي آهي جيڪو لبيا جي شهر طبرق جي سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو. ان اي ميل ڪئي ته لبيا وڃڻ چاهيو ته 3000 آمريڪي ڊالر (3 لک پاڪستاني روپيا) پگھار ملندي. ڏيڍ لک ۾ ان مهاجر مون کي لبيا جي ويزا ڏني جيڪا سندس سنڌي ڀيڻيوي کي لبيا جي سرڪار مفت ۾ ڏني هئي.

لبيا جي حالتن جو ڪو خاص اندازو ڪو نه هيو پر جيئن اردوء ۾ چوندا آهن ته “مرتا ڪيا نه ڪرتا”. ريسٽورينٽ جي تباهي ۽ سعودي جي ويزا جي مٿان وڏن ڀائرن جي لڳل “اعتراض” کان پو اهو اڪيلو حيلو وسيلو سمجھيم. لبيا وڃڻ جي ڳالهه سڀني کان لڪايم، ڪنهن به مٽ مائٽ يا دوست کي نه پئي ٻڌايم ته متان ڳالهه کُلي پوي ۽ وڏا ڀائر وري ڪو “اعتراض” نه ڪن. پنهنجي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي استاد محترم ڊاڪٽر علي احمد رند (علي رند گذريل 20 سالن کان منهنجا نخرا برداشت ڪندو پيو اچي)، کي ٻڌايم ته لبيا پيو وڃان. علي ڏاڍو سمجھايو ته لبيا جون حالتون خراب آهن، پئسو پنهنجي جاء تي پر رسڪ وڏو آهي. مون سندس هڪ نه ٻڌي ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٿيلهو کڻي ايئر پورٽ تي ائين پهتس جيئن ڪا عشق جي جنون ۾ گھران نڪتل عاقل، بالغ، وات وڪيل ڇوڪري پهچندي آهي جنهن جو عقل ۽ فهم هڪ هنڌ بريڪ هڻي بيهي رهندو آهي.

جنهن وقت جهاز ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي تان پير مٿي کنيا ته هڪ وڏو ٿڌو ساھ ڀري، پوئتي ٽيڪ ڏئي، مُڙس ماڻهو ٿي ويهي رهيس. سامهون بيٺل هڪ لبناني حُور کي هٿ جوڙي عربي ۾ چيم ته “خدا جو شڪر آهي، پاڪستان جون حدون ڇڏي نڪتو آهيان، ڪو بيئر هجئي ته کڻي اچ ته خوشي ملهايان.” حُور مُرڪي ڏنو ۽ بيئر جي بوتل کڻي آئي. ڀرسان واري سيٽ تي هڪ پٺاڻ ويٺل هيو بيئر ڏسي چيائين، “ٻن ڪلاڪن ۾ اماراتي جهاز دبئي جي ايئرپورٽ تي پهتو.

لبيا جي باري ۾ مختلف اندازا لڳائي رهيو هيس، لبيا جي عظيم رهبر عمر مختار جا قصا ۽ لبيا جي عظيم اڳواڻ معمر قذافيء جي باري ۾ اخبارن، ڪالمن ۽ انٽرنيٽ تي گھڻو مواد پڙهي چڪو هيس. مصر، لبيا ۽ تيونس ۾ اٿيل سوشل ميڊيا جي انقلابي لهر جنهن کي “عرب بهار” سڏيو ويو ان تي به گھڻو ڪجهه پڙهي چڪو هيس. پر زميني حقيقتون ميڊيا جي ڏيکاريل مخصوص نڪتهء نظر کان گھڻيون مختلف هونديون آهن.

دبئي ايئرپورٽ تي 12 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کان پوء هڪ ٻيو اماراتي جهاز لبيا جي گاديء واري شهر طرابلس جي لاء روانو ٿيو. ڀرسان واري سيٽ تي هڪ فلپيني ڇوڪري ويٺل هئي، ننڍي قد، ننڍن ڪپڙن ۽ مُنهن تي مُرڪ سندس سونهن کي وڌائي ڇڏيو هيو. مون دير ئي نه ڪئي ۽ هٿ وڌائي کيس تگالوگ ٻولي (فلپائين جي قومي ٻولي تگالوگ آهي، باقي نه ته فلپائين ۾ هر هڪ ٻيٽ جي پنهنجي ٻولي آهي) ۾ سلام ڪري سندس نالو پڇيو. جوزفين 23 سالن جي عمر جي هئي، طرابلس جي سرڪاري اسپتال ۾ اسٽاف نرس هئي، کيس لبيا ۾ نوڪري ڪندي 3 سال ٿيا هئا ۽ هينئر فلپائين مان سالياني موڪل ڪاٽي لبيا واپس اچي رهي هئي.

جوزفين منهنجي واتان تگالوگ ٻولي جا لفظ ٻُڌي پهريان ته حيران ٿي وئي، خوشي جو به اظهار ڪيائين، پوء جڏهن کيس ٻڌايم ته سعودي عرب جي اندر 9 سال فلپيني نرسن سان گڏ ڪم ڪيو اٿم. جوزفين مُرڪي پڇيو ته “ڪڏهن ڪنهن فلپيني نرس سان محبت ڪئي اٿئي؟” مون وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، “چري، هڪ شادي شده سنڌي مسلمان مرد ڪڏهن به سچ ڳالهائي نه سگھندو آهي.” جوزفين جي ڪچهري جي ڪري سفر جو احساس ئي نه پئي ٿيو. 5 ڪلاڪن جي اڏام کان پوء اسان جو جهاز وچ سمنڊ ۾ هڪ ننڍي جزيري مالٽا ۾ رڪيو. مالٽا هڪ ننڍو ٻيٽ آهي جيڪو 300 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل آهي ۽ ڪل آبادي 4 لک ماڻهن تي مشتمل آهي. مالٽا هڪ غريب ملڪ آهي پر يورپي يونين ۾ هجڻ جي ڪري کيس يورپ جي مدد حاصل رهي ٿي.

اڌ ڪلاڪ جهاز مالٽا جي ايئر پورٽ تي بيٺو رهيو ۽ اڌ ڪلاڪ جي اڏام کان پوء لبيا جي گاديء جي شهر طرابلس جي ايئرپورٽ تي لٿو. لبيا آفريقا کنڊ جو اتريون پاسو آهي، اتر آفريقا ۾ مصر جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو (باقي هڪ ڀاڱي ٽي حصو مڊل ايسٽ ۾ شامل آهي)، لبيا، تيونس، موروڪو (جنهن کي عرب عام طور تي مغرب چون ٿا پر پاڪستان ۾ ان کي غلطي مان مراڪش چوندا آهن، مراڪش موروڪو جو ٻيو وڏو شهر آهي)، الجزائر (الجيريا)، موريتانيا جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو شامل آهي. ان سبب جي ڪري ئي 2011 ۾ اٿيل عرب بهار کي اتر آفريقا جي انقلابي لهر به سڏيو ويو هيو.

ايئرپورٽ تي جهاز لٿو ته فلپيني نرس جوزفين ڀاڪر پائي موڪلايو، جوزفين منهنجي زندگيء ۾ پهرين اوپري عورت هئي جنهن مون کي سر عام ڀاڪر پاتو هيو، سندس چهري تي سُڪون هيو پر مان وائڙو ٿيڻ سان گڏ پريشان به ٿي ويس ته عربن جي ملڪ جي هڪ ايئرپورٽ تي بيٺو آهيان ڪو نڀاڳو ڳچيءَ مان نه اچي پڪڙي. جوزفين مُرڪي چيو “پريشان نه ٿيءُ، هي سعودي ڪونهي، هي آزاد لبيا آهي.” جوزفين موڪلائي اميگريشن ڪائونٽر ڏانهن هلي وئي ۽ مان به هڪ ڊگھي قطار ۾ بيهي رهيس.

منهنجي شڪل صورت ۽ منهنجي هٿن ۾ پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي هڪ سيڪيورٽي اهلڪار اڳتي وڌي آيو ۽ مون کي لائين مان ڪڍي ٻاهر بيهاريائين. پوليس اهلڪار هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، مون سمجھيو ته شايد کيس انگريزي نٿي اچي، مون کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ گھُري ٿو، انڪري پنهنجي ڪنهن اهڙي پٽي ڀائي جي ڳولها پيو ڪري جنهن کي انگريزي ايندي هجي. مون کيس عربي ۾ سلام ڪري پڇيو ته “ڪو مسئلو آهي؟” پڇيائين ته عربي اچئي ٿي؟ مون هائوڪار ڪئي ته پڇيائين “لبيا ۾ ڇو آيو آهين؟” چيومانس ته “ڊاڪٽر آهيان، لبيا جي سرڪار طبرق جي اسپتال ۾ نوڪري ڏني آهي. ڪو ثبوت گھرجئي ته ويزا ۽ سرٽيفيڪيٽ چيڪ ڪري پڪ ڪر.” پوليس وارو منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿ وجھي مون کي ڪائونٽر تي وٺي آيو، لائين ۾ بيٺل سئو ڏيڍ مسافرن کان اڳ منهنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻي چيائين، “اهلا و سهلا مرحبا في لبيا”.

اميگريشن ڪائونٽر تان نڪري، سامان کنيم ۽ لبيا ايئر (لبيا جي لوڪل ايئر لائين ) جي آفيس پهتس، انهن چيو ته “اڄ پوري لبيا ۾ پارليامينٽ جي اليڪشن هئي، حالتن جي خراب هجڻ جي خدشي سبب سموريون مقامي اڏامون ملتوي ٿي ويون آهن. سڀاڻي نڪري سگھو ٿا.” مون کي طبرق وڃڻو هيو، طبرق طرابلس کان 1200 ڪلوميٽر جي فاصلي تي اوڀر طرف مصر جي سرحد جي ڀرسان واقع آهي. جنهن سنڌي ڊاڪٽر مون کي ويزا موڪلي هئي تنهن کي فون ڪيم، هن چيو ته طرابلس ۾ هڪ پاڪستاني ٽيڪسي ڊرائيور آهي، ان کي فون ڪريان ٿو، ڪجهه پئسا وٺندئي، ايئر پورٽ تان وٺي هڪ رات پاڻ وٽ رهائيندئي ۽ سڀاڻي واپس ايئر پورٽ تي ڇڏي ويندو.” ڪلاڪ کن کان پوء هڪ پنجابي ٽيڪسي ڊرائيور خالد ڀائي آيو ۽ سامان کڻي ايئر پورٽ تان نڪتاسين.

طرابلس جو مرڪزي شهر ايئر پورٽ کان 35 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هيو، ايئر پورٽ ڇڏي جيئن ئي مين روڊ تي چڙهياسين ته فائرنگ جا آواز اچڻ لڳا، خالد ڀائي چيو ته هينئر اليڪشن ختم ٿي آهي، کٽندڙ توڙي هارائيندڙ ٻئي ڌريون فائرنگ ڪنديون. آهستي آهستي فائرنگ جا آواز وڌڻ لڳا. جيئن ئي 27 جسر (27 پل) ڪراس ڪئي ته اسان جي گاڏي جي مٿان ٻرندڙ گوليون نظر آيون، خالد ڀائي گاڏي جي اسپيڊ وڌائي ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوء هڪ صنعتي زون ۾ قائم ٿيل ڪچي آبادي جو ڏيک ڏيندڙ هڪ ڪالوني ۾ پهتاسين. ان ڪالونيء ۾ گھر توڙي ورڪشاپ پاڪستانين جا هئا.

خالد ڀائي منهنجو سامان لاهي، هڪ ڪمري ۾ آرام ڪرڻ جو چيو، ايئر پورٽ تان کڻي اچڻ، واپس ڇڏي اچڻ، هڪ ڏينهن رهائڻ ۽ کاڌي پيتي جي خرچ جي لاء خالد ڀائي مون کان 200 آمريڪي ڊالر ورتا. خالد ڀائي سختي سان منع ڪئي ته ڪمري مان ٻاهر نه نڪران، سندس گھر ٿورو پرڀرو هيو، هو پاڻ سڀاڻي اچڻ جو چئي هليو ويو. وقفي وقفي کان ڪڏهن پري کان ته ڪڏهن ويجھو کان فائرنگ جا آواز اچي رهيا هيا. خالد ڀائي ان ڪالوني ۾ هڪ پنجابي مزدور کي چئي ويو هيو ته ڊاڪٽر صاحب کي ماني ڪري ڏجو. رات جي ماني کاڌي ته ڪمري سان لڳ ٻين ڪمرن مان ڪجهه پنجابي مزدور حال احوال وٺڻ آيا. انهن منجھان اڪثريت ان ڳالهه جي ڪري حيران ۽ پريشان هئي ته هڪ سنڌي لبيا ۾ ڪيئن پهتو آهي، جڏهن ته سنڌي ماڻهو دبئي ۽ سعودي کان سوا ڪنهن پاسي نڪرندا ئي ناهن.

هڪ درجن کن پاڪستاني جيڪي هڪ ئي ڪمپائونڊ ۾ ٽن ڪمرن ۾ رهندا هيا سي سڄي رات پاڪستان جا حال احوال وٺندا رهيا ۽ لبيا جا حال احوال ٻڌائيندا رهيا. اهي پاڻ ساهيوال ۽ سرگوڌا جا هيا، انهن مزدورن جي اڪثريت لبيا ۾ غير قانوني آيل هئي، غير قانوني رهندا هيا ۽ لبيا منجھان غير قانوني طريقي سان اٽلي جو سمنڊ لانچن تي پار ڪري يورپ نڪرڻ جي نيت سان رهيل هيا. اهي پنجابي مزدور گاڏين جا مستري هيا، انهن ٻڌايو ته لبيا جي مافيا اٽلي جي مافيا سان گڏجي ماڻهن جي يورپ ڏانهن سمگلنگ ڪندي آهي. عام طور تي ننڍين وڏين لانچن ۾ ويهاري اڌ رات جو سفر ڪندا آهن، جن مان اڪثريت مسافرن جي گولين جو شڪار ٿي ويندي آهي. ڪجهه ماڻهن کي ڪنٽينر ۾ بند ڪري موڪليو ويندو آهي جنهن مان گھڻا ساھ ٻوساٽجڻ سبب مري ويندا آهن، باقي بچيل به ڪنهن جيل جي حوالي ٿيندا آهن.

مون انهن پنجابي مزدورن کان پڇيو ته لکين روپيا ڀري لبيا ۾ غير قانوني طريقي سان پهچو ٿا، لکين روپيا ڀري لبيا مان غير قانوني طريقي سان يورپ نڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنهن ۾ به موت جو خطرو يقيني آهي ته پوءِ ايڏي وڏي رسڪ ڇو ٿا کڻو.

هڪ مزدور ارشد (سرگوڌا جو رهواسي) ٿڌو ساھ کنيو ۽ چيو ته “هڪ سال اڳ شادي ڪئي آهي، 2 مهينا اڳ لبيا آيو آهيان، زال 7 مهيني پيٽ سان آهي، منهنجو سالو جرمني ۾ رهي ٿو ان پنجن سالن ۾ ماربل سان بنگلو ٺهرايو آهي، منهنجو سوٽ اٽلي ۾ گراسري اسٽور هلائي ٿو ان جو بنگلو به ماربل جو ٺهيل آهي. منهنجي زال ۽ منهنجي سسُ روزانو طعنو هڻنديون هيو ته مڙس ماڻهو آهين ته ماربل جو بنگلو ٺهرائي ڏي. هاڻي پاڪستان موٽيس ته ماربل جو بنگلو ٺهرائيندس نه ته جيئرو نه موٽندس.”

مون چيو مانس ته تون جيترا پئسا ڀري پاڪستان مان لبيا پهتو آهين ۽ جيترا پئسا ڀري لبيا مان اٽلي پهچندين ايترن پئسن ۾ ڏھ نيون زالون اچي وڃن ها، نڀاڳا ڇڏ اهڙي زال کي جيڪا مڙس جو سر ئي چٽ ڪري.” ارشد جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ روئي چيائين، “ڊاڪٽر صاحب، انهي ڇوڪريء سان شادي ڪرڻ جي لاء 10 سال ڪراچي ۾ ڪمايو هيو، ان ڇوڪري جي پيءُ کي راضي ڪرڻ جي لاءِ پوري ڳوٺ جي عورتن ۽ مردن کي قرآن جو واسطو ڏئي ميڙ وٺي ويو هيس، هاڻي ان کي ڪيئن ڇڏيان.” مون چيومانس، “پا جي، تاڊا عشق زنده باد” (هلندڙ)

ان رات پورو طرابلس ڪو نه سُتو هوندو، ان رات لبيا جي تقدير ئي تبديل ٿي رهي هئي، هارائيندڙ توڙي کٽندڙ ڌريون پنهنجا هٿيار چيڪ ڪري ايندڙ جنگ جي تياري ڪري رهيون هيون. صبح ٿيڻ تي سمهي رهياسين ۽ منجھند جو خالد ڀائيء اچي ننڊ مان اٿاريو ته تيار ٿي شهر گھمائي پوء ايئر پورٽ تي ڇڏي اچانءِ.

شهر جي مرڪزي حصي ۾ پهتاسين ته خالد ڀائي هڪ تباھ ٿيل کنڊر جي مٿان بيهاريون، پڇيومانس ته “هي ڇا آهي؟” خالد ڀائي ٻڌايو ته “هي باب العزيزيه آهي، هي معمر قذافي جي رهائشگاھ، محافظن جو اڏو ۽ هٿيارن جو ذخيرو هيو جيڪو قذافي 1980 ۾ اربين ڊالرن جي بجيٽ سان جوڙايو هيو، 6 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل انهي بنڪر نما محل ۽ ڇانوڻيء جي ڀتين ۾ توبن ۾ استعمال ٿيندڙ فولادي پليٽون استعمال ٿيل هيون، زير زمين روڊ رستا جڙيل هيا ، شهر جي هڪ ڇيڙي کان سمنڊ جي ڪناري تائين زير زمين رستو، هيلي پيڊ، ۽ ڪميونيڪيشن سينٽر قائم هيا جن تي بم يا گولي جو ڪو به اثر نه ٿيندو هيو. قذافي جي خلاف نيٽو جي بمباري ۾ به ان محل کي ڪو نقصان نه ٿيو، قذافي جي مارجي وڃڻ کان پوءِ قذافي مخالف گروپ سوين هيوي ڪرينون ۽ بلڊوزر آڻي ان محل کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

طرابلس ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ جو ماحول هيو، مارڪيٽون بند پيل هيون، روڊن رستن تي ڪٿي به ڪا پوليس جي گاڏي يا پوليس جي چوڪي نظر نه آئي. خالد ڀائي ٻڌايو ته طرابلس جي مٿان مذهبي ڌرين جو اثر وڌيڪ آهي پر مذهبي ڌرين اليڪشن هارائي آهي جنهن جي ڪري سندن مخالف گروپ جنهن اليڪشن کٽي آهي اهي خوف ۾ ورتل آهن. اليڪشن ۾ لبرل خيال جا اميدوار کٽي آيا هيا، جنهن جو سبب نوجوانن ۽ عورتن جا ووٽ هيا، اهي نوجوان ۽ عورتون مذهبي ڌرين کي رد ڪري چڪيون هيون. معمر قذافي جي قتل کان پوء نيٽو جي اتحادي وقتي حڪومت ۾ اڪثريت مذهبي ماڻهن جي هئي. قذافي جي خلاف پوري تحريڪ، سوشل ميڊيا جي موبلائيزيشن ۽ قذافي جي خلاف مظاهرن ۽ مزاحمت ۾ اڪثر نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل هيون جيڪي سوشل ميڊيا (فيسبوڪ ۽ ٽويٽر) ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل ته ضرور هيا پر انهن جي وچ ۾ قيادت جي کوٽ ۽ ڪا به سياسي تنظيم ڪاري نه هجڻ جي ڪري اقتدار ۽ سياست تي مذهبي انتها پسند مولوي جيڪي الاخوان جا ميمبر هيا انهن جو قبضو وڌندو رهيو، انهن کان سواءِ مختلف شهرن ۾ مختلف قبيلن جون پراڻيون قبيلائي دشمنيون جيڪي قذافي جي خوف سبب دٻيل هيون سي دشمنيون وري ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ هر هڪ قبيلو پنهنجو پنهنجو علائقو پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، جنهن جي ڪري انهن جي وچ ۾ مرڪزيت ختم ٿيندي وئي ۽ وقتي حڪومت انتظامي طور تي ناڪام ٿي وئي. جنهن جو فائدو وٺي مذهبي ڌرين توڙي قبيلائي سردارن پنهنجون نجي مليشيائون قائم ڪري ورتيون.

شام جو طرابلس کان طبرق جي فلائيٽ هئي، هڪ ڪلاڪ جي اڏام کان پوءِ جهاز طبرق جي ايئر پورٽ تي پهتو. طبرق جي ايئرپورٽ کان ته دادو جو بس اڏو به وڏو آهي. جهاز اسان کي رون وي تي لاهي رن وي تي ئي سامان هٿ ۾ ڏنو، نه ڪا سيڪيورٽي نه پوليس ۽ نه ئي ڪو انتظامي عملو نظر آيو. اسپتال جي گاڏي وٺڻ آئي هئي تن سان گڏ 15 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري وچ طبرق ۾ قائم طبرق ميڊيڪل سينٽر ۾ پهتس. اسپتال جو جيڪو ڊرائيور ايئر پورٽ تان وٺڻ آيو هيو سو اسپتال جي ڀرسان هڪ شاندار ريسٽ هائوس ۾ هڪ ڪمري جي چاٻي ڏئي هليو ويو.

رات جو آرام ڪري صبح جو سوير هاسپيٽل ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ پهتس، آفيس ۾ ڪاغذ جمع ڪرايا، ڊائريڪٽر صاحب ايمرجنسي وارڊ ۾ موڪليو. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي، جن مان اڪثريت سوويت يونين جي پراڻي رياست يوڪرين سان تعلق رکندڙ هئي، باقي مصري ۽ ليبي (لبيا جي شهري کي ليبي چوندا آهن ۽ لبيا جو عربي نالو ليبيا آهي) هئا. ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪنهن به فيميل نرس جو ڪو وجود ڪو نه هيو، هر شفٽ ۾ 4 لبيائي ۽ هڪ فلپيني ميل نرس هوندا هيا. پڇا ڳاڇا تي خبر پئي ته قذافي جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوء جڏهن ملڪ ۾ ڪو به قانون، ڪا به عدالت، ڪا به فوج، ڪا به پوليس نه بچي ته ڪيتريون ئي پرڏيهي نرسون اغوا ۽ زنا جو شڪار ٿيون هيون، جنهن سبب جي ڪري سواء آء سي يو ۽ عورتن جي وارڊ جي باقي ڪٿي به ڪا فيميل نرس ڪم نه ڪندي هئي، ايتري حد تائين جو ايمرجنسي ۾ آيل مريضياڻين کي به مٿي ڪنهن عورتن جي وارڊ ۾ موڪلي انجيڪشن لڳرائڻي پوندي هئي.

ايمرجنسي وارڊ جو انچارج هڪ مصري ڊاڪٽر هيو، هن سان ڀاڪر پائي سندس ٻنهي ڳلن تي چمي ڏئي کيس باشا (باشا اصل ۾ ترڪي ٻوليء جو عربي تلفظ آهي، ترڪي جي عثماني خلافت جي دوران وزيرن، اميرن، شاهوڪارن، سرڪاري عملدارن کي پاشا چوندا هيا. مصر ۾ هينئر تائين ڪنهن کي عزت ڏيڻ خاطر کيس پاشا ڪري سڏيندا آهن) چئي مليس ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ عربي ۾ چيائين ته “شڪر آهي تو کي عربي اچي ٿي نه ته جڏهن مون کي خبر پئي ته هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر ٿو اچي ته صرف ان ڳالهه لاء پريشان هيس ته تو سان انگريزي ڪيئن ڳالهائيندس؟” بهرحال ايمرجنسي جو انچارج مصري ڊاڪٽر مون کي ايمرجنسي وارڊ ۽ پوري اسپتال جو تعارف ڪرائڻ کان پوء ريسٽ هائوس جي انتظاميه وٽ وٺي آيو، انهن کي منهنجي پارت ڪري مون کي چيائين ته 2 ڏينهن آرام ڪر پوء ڊيوٽي تي اچجانء.

واپس اچي ريسٽ هائوس ۾ مليل پنهنجي ڪمري ۾ پهتس، ريسٽ هائوس جي ٻئي ڪمري ۾ رهندڙ لبيائي ڊاڪٽر دروازو کڙڪايو ۽ پاڻ سان گڏ چانهه پيئڻ جي صلاح ڪيائين. ٻئي اچي ڊرائنگ روم ۾ لڳل ٽي ويء تي خبرون ڏسڻ لڳاسين ته اوچتو خبر هلي ته طرابلس جي ايئرپورٽ تي مذهبي انتها پسندن حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ 16 جهازن کي لانچر هڻي باھ ڏئي ساڙيو ويو، 30 فوجي اهلڪار مارجي ويا ۽ رن وي کي بمن سان تباھ ڪيو ويو. هڪ ئي ڏينهن جي اندر مذهبي جماعتن ۽ قبيلائي سردارن جي خانگي مليشيائن طرابلس تي قبضو ڪري ورتو. ٽيليويزن جي اسڪرين تي هر انگريزي توڙي عربي نيوز چئنل تي ڌماڪن ۽ دونهين جا منظر اچڻ لڳا. لبيائي ڊاڪٽر مُنهن مٿو پٽي چيو ته “قذافيء پنهنجي مرڻ وقت چيو هيو ته منهنجي مرڻ کان پوء لبيا ۾ امن ممڪن ڪونهي”.

لبيا اتر آفريقا جي ٻين ملڪن (الجزائر، تيونس، موروڪو، موريتانيا) وانگر بربر تهذيب سان تعلق رکي ٿو، لبيا پهريان بازنطيني بادشاهت جو حصو هيو، 647 ع ۾ لبيا اسلامي خلافت ۾ شامل ٿيو، عثماني خلافت جي ڪمزور ٿيڻ کان پوء اٽلي جي فوج لبيا تي ڪاھ ڪئي، 106 سالن تائين لبيا اٽليء جي ڪالوني بڻيل رهيو، ان وقت انتظامي طور تي لبيا ٽن حصن (برقه، فزان ۽ طرابلس) ۾ ورهايل هيو. لبيا جي اوڀر ۾ برقه هيو جنهن جو مرڪز طبرق هيو، طبرق جي اهميت ان جي ڪري به وڌيڪ هئي جو طبرق جي اوڀر ۾ 150 ڪلوميٽرن کان پوء مصر جون سرحدون آهن ۽ ان وقت مصر برطانيه جي ڪالوني بڻيل هيو. مهاڀاري جنگين ۾ برطانيه ۽ اٽلي هڪٻئي جا دشمن هجڻ سبب اٽلي جي فوج طبرق کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهي هئي انڪري طبرق ۾ اٽلي جي هڪ مضبوط فوجي ڇانوڻي قائم ٿيل هئي. برطانيه اٽلي جي مخالفت ۾ عمر مختار جي مدد ڪئي. عمر مختار اصل ۾ طبرق جي ڀرسان باب زيتون ۾ قائم ٿيل سنوسي فڪر جي مذهبي مدرسي سان تعلق رکندو هيو. سنوسي لبيا ۽ سوڊان جو هڪ وڏو قبيلو آهي. سنوسين کي لبيا ۽ سوڊان ۾ ايتري ئي عزت ۽ احترام حاصل آهي جيتري عزت ۽ احترام سنڌ ۾ سيدن جي لاءِ آهي. عمر مختار جي شهادت کان پوء عمر مختار جي گوريلن ۽ سنوسي مدرسي جي عالمن ادريس سنوسيء کي پنهنجو رهبر تسليم ڪيو، ادريس سنوسي ٽن حصن ۾ ورهايل لبيا (برقه، فزان ۽ طرابلس) کي ملائي هڪ ملڪ ڪيو ۽ پاڻ لبيا جو بادشاھ ٿي ويٺو. بادشاھ ادريس جي حڪومتي دور ۾ لبيا جو رياستي جھنڊو اهو ساڳيو ئي ٽن رنگن (ڳاڙهو، ڪارو ۽ سائو) تي مشتمل هيو جنهن مان ڳاڙهو طرابلس، ڪارو برقه ۽ سائو فزان جي رياستن جي ميلاپ مان ورتل آهي. 1969 ۾ ڪرنل قذافي پنهنجي جونيئر آفيسرن سميت جڏهن بادشاھ ادريس جي خلاف بغاوت ڪري ملڪ ۾ فوجي انقلاب آندو ته قذافي بادشاھ ادريس جو ٽن رنگن وارو جھنڊو تبديل ڪري صرف هڪ رنگ سائي تي مشتمل جھنڊو ڏنو ڇو ته سائي رنگ جو جھنڊو بربر ثقافت جي علامت هيو.

طبرق کي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ان ڪري به اهميت حاصل آهي جو 1941ع ۾ اتحادي فوجين مصر مان اڳتي وڌي طبرق تي قبضو ڪيو ۽ 241 ڏينهن طبرق جو گھيرو قائم رهيو جنهن کي جرمني ۽ اٽليء جي گڏيل فوج ٽوڙي طبرق تي پنهنجو قبضو قائم رکيو. اڄ به طبرق جي اندر اٽلي جي فوجي قبرستان سان گڏ برطانيه جي طرفان وڙهي قتل ٿيل پنجاب ريجمينٽ جي سپاهين جون قبرون موجود آهن.

بهرحال وري موٽئون ٿا پنهنجي ڊيوٽيء جي طرف. ٻئي ڏينهن رمضان جا روزا شروع ٿيڻا هيا، پريشان هيس ته ريسٽ هائوس ۾ کائڻ پيئڻ جو اڳ ۾ ئي ڪو بندوبست ڪونهي ته روزا ڪٿان رکندس؟ ۽ اهو به فڪر هيو ته مسلمانن جو ملڪ آهي، متان ساڳيو ئي سعوديء واري زوريء روزو رکو پاليسي هوندي يا پاڪستان وانگر روزو هجي نه هجي پر ٻاهر ٻوٿ ٻڌي گھمڻو پوندو. شام جو منهنجي ڪمري جو دروازو کڙڪيو، در کوليم ته اکيون ۽ وات ٻئي ڦاٽي ويا، ٽنگون ۽ دل ٻئي ڏڪڻ لڳيون. سامهون دروازي تي هڪ ڇوڪري بيٺل هئي، عاجزيء ۾ سلام ڪيائين، عربيء ۾ چيائين ته ٻاهر ڊرائنگ روم ۾ اچو. پنهنجي ڪمري مان نڪري ڊرائنگ روم ۾ پيل صوفي تي ويٺس، ڇوڪري بيهي رهي ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “ڊاڪٽر، ڪهڙي ملڪ جا آهيو؟ ڪهڙي شعبي جا ڊاڪٽر آهيو؟” تعارف ڪرائڻ کان اڳ کيس ويهڻ جي لاء چيم، ڇوڪري نماڻائيء مان چيو ته “مان هن ريسٽ هائوس ۾ ملازم آهيان، هفتي ۾ ٽي ڏينهن منهنجي ڊيوٽي آهي”

امينه کان پڇيم ته لبيا ۾ رمضان ڪيئن گذرندو آهي؟ امينه کلي ڏنو ۽ پڇيائين ته پاڪستان ۾ رمضان ڪيئن گذرندو آهي. چيومانس ته پاڪستان ۾ ته رمضان منافقيء ۾ گذرندو آهي، ڪنڊ پاسي ۾ کائڻ پيئڻ به هلندو آهي، ٻاهر مڙئي ٻوٿ ٻڌي گھمندا آهيون ۽ سج لهڻ شرط ئي روزيدارن کان وڌيڪ ڏُتڙيل مُنهن ڪري ڪنهن ويجھي مسجد ۾ روزو کوليندا آهيون يا ڪا افطار پارٽي ڳولهيندا آهيون. پر 9 سال سعوديء ۾ رهيو آهيان، عربن جي وٺ پڪڙ جو خوف رهندو آهي. امينه پر سڪون لهجي ۾ چيو ته “لبيا ۾ ڪا به منافقي ڪونهي، ڪا به زبردستي ڪونهي. توهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، ڪو به تنگ نه ڪندو پر لبيا جا اڪثر مرد سگريٽ جا موالي آهن، رمضان ۾ انهن جي سامهون سگريٽ نه پيئو ته متان انهن جي ٻاڙ وڌي باقي کائو پيئو ڪير نه روڪيندو.”

ٻئي ڏينهن اسپتال وڃي ان سنڌي ڊاڪٽر سان ڪچهري ڪرڻ ويس جنهن نڀاڳي مون کان ويزا جو ڏيڍ لک ورتو هيو، هونئن ته جيڪب آباد جو سومرو آهي پر ميڊيڪل جي ڊگري روس مان ورتي اٿائين ۽ ڪراچيء جي هڪ مهاجر ڇوڪريء سان شادي ڪري انهن سان ئي جنڊو پاڙو ڪري ويٺو آهي سو سنڌي به وسري وئي اٿس، ڪڏهن اردوء ۾ ته ڪڏهن روسي ٻوليء ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. ان کي چيم ته ڪجهه سامان وٺڻو آهي ڪيئن وڃان. هن هڪ پنجابي ٺيڪيدار کي فون ڪئي جيڪو طبرق ۾ روڊن رستن جا ٺيڪا کڻي ٿو پر حڪومت نه هجڻ سبب سندس ٺيڪا به سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن وانگر رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ان پنجابي ٺيڪيدار سان مارڪيٽ ويس، هڪ گئس جو چُلهو، چانھ پتي، سگريٽ، بسڪوٽ ۽ موبائيل جي سِم خريد ڪري آيس. ٻيو سڀ سامان ته سستو هيو پر موبائيل جي سِم 70 لبيائي دينارن (5000 پاڪستاني روپين) ۾ ملي، جنگي حالتن سبب موبائيل ۽ انٽرنيٽ جو سسٽم بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو هيو. هونئن ته کاڌي پيتي جو سڀ سامان اسپتال مان ملي پيو پر چانهه جي مصيبت هئي، کير واري چانهه جي کين خبر ئي ڪونهي چانهه ڪاري صفا زهر جهڙي ڪڙي يا وري گھاٽي ڪافي سا به ڪاري پيئندا آهن. کير ۽ کنڊ ته اسپتال مان ملندي هئي باقي چانهه جي پتي ۽ گئس جو چلهو پنهنجو ورتم ڇو ته اهي چانهه به اسٽيم جي ڪٽلي تي تيار ڪندا آهن، کير واري چانهه چُلهي کان سواء ممڪن ڪونهي.

ٽئين ڏينهن تي رمضان شروع ٿيو، امينه کي ٻڌايو هيم ته ايمان کان وڌيڪ پيٽ جي ڪمزوري آهي انڪري روزو رکي نه سگھندو آهيان. امينه ڪجهه فروٽ، جوس، کير، پاڻيء جون بوتلون، پيپسي ۽ ماکي مکڻ (انگريزي ماکي مکڻ جيڪو ننڍن ننڍن ڊٻن ۾ پيڪ ٿيل هوندو آهي) کڻي آئي. رمضان شروع ٿيڻ جي ڪري امينه سج لهڻ وقت ماني آڻي ڏيندي هئي جنهن ۾ صبح جو ناشتو به ان سان گڏ ئي پيڪ ڪري ڏئي ويندي هئي. لبيا ۾ ٺوٺ جيڏي ڊگھي بريڊ، مڪرونه، ڪُس ڪُس جام کائين ٿا جنهن کي ڏسي ڪري ئي ماني تان دل کڄي ويندي هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو