Home / اسپيشل افيئر / سماج اندر غير منطقي لاڙن ۾ واڌ!
above article banner

سماج اندر غير منطقي لاڙن ۾ واڌ!

Parvezاڄ کان 30 ورهيه اڳ منطق يورپ کي اونداهي دور مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان کي ماڊرن سائنس ۽ جديد سائنسي روين سان هم آهنگ ڪيو. ايئن پوءِ اهي رويا سڄي دنيا ۾ پکڙيا. پر هاڻي غير منطقي دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. هاڻي شاهدي، تزُ تحقيقات ۽ منطق جي جاءِ مبهم، وڌاءُ تي ٻڌل ڳالهين ۽ انڌي عقيدي وٺي ورتي آهي.

ڀارت جي سپر اسٽار وزيراعظم کي ٻڌو، جنهن ويجهڙ ۾ ئي نيويارڪ سٽي جي 20 هزار ڀارت واسين کي پنهنجي ان واعدي سان پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيو ته: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ڀارت جو مستقبل تبديل ڪري ڇڏينداسين. ڪجهه هفتا اڳ ممبئي ۾ ريلائنس فائونڊيشن اسپتال جو افتتاح ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته قديم ڀارت جا ماڻهو هزارين سال اڳ کان ڪاسميٽڪ سرجري ۽ افزائشي جينيات کان واقف هئا. هي آهي ان جو ثبوت:

“اسان “مها ڀارت” ۾ ڪَرن بابت پڙهيو آهي، جيڪڏهن اسان ان تي وڌيڪ ويچاريون ته “مها ڀارت” ۾ اهو چيو ويو آهي ته ڪَرن ماءُ جي پيٽ مان جنم نه ورتو هو، جنهن جي معنيٰ اها ٿي بيهي ته ان وقت به جينياتي سائنس موجود هئي. اهو ئي سبب هو جو ڪَرن پنهنجي ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر جنم ورتو” هاٿي جي سر واري ديوتا گڻيش جو حوالو ڏيندي مودي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته: “تڏهوڪي دور ۾ به ڪجهه پلاسٽڪ سرجن موجود هئا، جن انساني جسم مٿان هاٿيءَ جو سر رکيو، ۽ ايئن پلاسٽڪ سرجري جا تجربا شروع ڪيا”.

مودي پنهنجي چيل انهن لفظن ۾ ڪيترو يقين رکي ٿو، ان کان هٽي ڪري هو اها ڳالهه چڱي ريت سمجهي ٿو ته اها ڳالهه هيٺين سطح تائين هلي ويندي. 1995ع ۾ ڀارت جي مختلف حصن ۾ ان وقت چريائپ واري ڪيفيت پئدا ٿي وئي هئي جڏهن ڪنهن ماڻهو کي ڀڳوان گڻيش جي پيتي مان چمچو لڌو هو، جنهن مان اهو مطلب ڪڍيو ويو ته گڻيش کير پيئندو هو. جيستائين ان جو حقيقي سبب هٿ اچي ئي اچي تيستائين مندرن ۾ ماڻهن جي تمام وڏي پيهه ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ دهلي ۾ بدترين ٽريفڪ جام جو مسئلو پئدا ٿي ويو. جڏهن ته نئين دهلي ۾ کير جو وڪرو 30 سيڪڙو وڌي ويو.

پاڪستاني يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ سائنس جي شاگردن جو هڪ وڏو انگ اهو ٿو سمجهي ته هر شيءَ جيڪا Quantum Mechanics کان بليڪ هول ۽ جينيات ڏانهن اچي ٿي، ان بابت 1400 سو سال اڳ اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. انهي حد تائين جو بايولاجي شعبي جي استادن ۽ شاگردن طرفان ڊارِون جي ارتقا واري نظرئي کي پڻ لڳ ڀڳ رد ڪيو وڃي ٿو. عام فهم عقيدو اهو آهي ته جديد سائنس جي حاصلات عربي ٻوليءَ ۾ مقدس ڪتابن جي ماهراڻي استعمال سان ممڪن آهي. چاليهه سال اڳ جڏهن آءُ اسلام آباد يونيورسٽي ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ٿيس تڏهن تبليغي جماعت سان واڳيل هڪ مذهبي همراهه رفتار جي ڳڻپ ڪندي چيو ته بهشت ڌرتيءَ کان ڏور وڃي رهيو آهي….. ۽ ان جي رفتار هڪ سينٽي ميٽر في سيڪنڊ آهي، جيڪا رفتار روشنيءَ جي رفتار کان به گهٽ آهي. اهڙي ريت اڄڪلهه ٽي وي چئنلز پڻ بازاري نظريا نشر ڪري رهيا آهن.

15-Nov-2014   44

جڏهن شاهدي اڻ لاڳاپيل بڻجي وڃي ته پوءِ هر شيءَ ممڪن هجي ٿي. رڳو مروج عقيدو رهبريءَ لاءِ، غير حقيقي نتيجا ۽ ڪامن سينس جي کوٽ پاڻ وٽ عام جام آهي. ممڪن آهي ته ان سان سائنس جي ترقي متاثر ٿئي ليڪن سماج ۽ ان ۾ رهندڙ فردن کي ساڙڻ جا واقعا رونما ٿيندا رهن.

مثال طور رام، وشنو جي ستين اَوتار جي جنم ڀومي جو اصلي جنم هنڌ جو سوال آهي ته اهو اصل ۾ ڪٿي هو؟ ڇا اهو اتي هو جتي حڪمران بابر، بابري مسجد ٺهرائي، جيڪا هاڻي ڊاٺي وئي آهي؟ ان سلسلي ۾ ڪا به ڀروسي جوڳي آرڪيالاجيڪل شاهدي نٿي ملي. زميني حقيقتن آڌار اها ڳالهه ثابت نٿي ٿئي ته اهو هنڌ ڪو رام جو جنم ڀومي هو. ليڪن 6 ڊسمبر 1992ع تي انهي عقيدي جي بنياد تي المناڪ واقعن جنم ورتو، وڏو انساني ڪوس ٿيو، ۽ اهي زخم ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو.

پاڪستان ۾ چئن ڏهاڪن تائين سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ڪتاب “موت ڪا منظر- مرني ڪي بعد ڪيا هوگا” جنهن ۾ ليکڪ ڀيانڪ منظر چٽيا آهن. اهڙين لکتن کي جيتوڻيڪ تخليقي فڪشن پڻ چيو ويو پر هاڻي اهڙو ڪم عوامي سطح تي تعليم جو حصو آهي. جڏهن ته اهڙي قسم جي تعليم کي يونيورسٽي جا ايڊمنسٽريٽر، استاد ۽ اسڪالر ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوان نسل تائين ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ويجهڙ ۾ 27آڪٽوبر تي انسٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ هڪ وڏو پروگرام منعقد ڪيو، جنهن جو عنوان هو “آخري پساهه- ماڻهو جي موت جي ڪٿا” پروگرام جا ٺهرايل بليڪ اينڊ وائيٽ پوسٽر 1960ع جي ڊپ ۽ دهشت وارين فلمن جي ياد ڏياري رهيا هئا. آءِ بي اي ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ شاگردن کي اي ميلز پڻ موڪليون. ان پروگرام ۾ هڪ سعودي پروفيسر مدعو ڪيو ويو هو، جيڪو شاگردن جي اهڙن سوالن لاءِ مخصوص هو ته: “ڇا زندگي مختصر کيل آهي؟ ڇا توهان موت لاءِ تيار آهيو؟ ڇا توهانکي خبر آهي ته مرڻ گهڙي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟ ڇا الله توهانجي زندگيءَ مان خوش آهي؟”

هلندڙ ڦرندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ ساهه کڻندڙ پروفيسر قطعي طور ڪنهن ماڻهو جي مرڻ گهڙيءَ بابت ڪو ٺوس ثبوت نٿو پيش ڪري سگهي؟ نه وري هو اها ڄاڻ هجڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته الله ڪنهن فرد کان خوش آهي يا ناراض. پر پوءِ به هو ان تي پنهنجي راءِ ڏي ٿو.

مونکي اها خبر ناهي ته ان مخصوص پروفيسر پنهنجي ٻڌندڙن تي ڪهڙو اثر وڌو. ليڪن مونکي اسلام آباد ۾ منهنجي هڪ ساٿي پروفيسر ٻڌايو ته سندس وٽ فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد مجيب (اهو سندس اصلي نالو نه آهي) ڪنهن مذهبي ويب سائٽ تان “موت کانپوٰءِ” بابت ڊائون لوڊ ڪيل مووي ڏسڻ کانپوءِ نهايت عجيب نموني پيش اچي رهي آهي. هاڻي مجيب کي زندگيءَ کان وڌيڪ موت جي چنتا آهي، ۽ هن موت جي ڊپ ۾ ڪم ڪرڻ لڳ ڀڳ ڇڏي ڏنو آهي.

ايئن رڳو ڏکڻ ايشيا ۾ نه آهي جتي غير منطقي رجحان وڌيڪ آهي بلڪه آمريڪا سائنس جو غير معمولي مرڪز آهي، اهو پڻ ڪيترين ئي غير سائنسي تحريڪن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته مضبوط مخالف ڌر فلڪيات ۽ تخليقات تي قائم آهي.

ڀارت ۾ وِشنو هندو پرشاد ۽ بي جي پي جي نظرئي خلاف جدوجهد ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. باوجود ان جي ڀارت وٽ سگهارو نهروئي ماضي آهي، ان ڪارڻ ڀارتي حقيقت پسند ماڻهو نام نهاد ويدڪ رياضي ۽ ڪائناتي تخليق (مذهبي نقطئه نظر کان) ۽ فرسوده تعليمي نصاب کي رد ڪن ٿا. ان جي يقيني طور تي انهن قيمت به ڳري ڀري آهي. مثال طور سال کن اڳ ڊاڪٽر نريندر راچيوت ڊبولڪر کي پونا ۾ قتل ڪيو ويو. هن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن جادو ٽوڻا مخالف بل لکڻ ۾ مدد ڪئي هئي، جنهن جي بي جي پي ۽ شيوسينا ان بنياد تي مخالفت ڪئي هئي ته ايئن ٿيڻ سان هندو ڪلچر ۽ ريتون رسمون سخت متاثر ٿينديون.

جيتوڻيڪ سڄي دنيا ۾ غير منطقي لاڙا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ليڪن اهي لاڙا پاڪستان ۽ افغانستان ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن. حالت اها آهي ته پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ورڪرز جون زندگيون جنگ ۾ وڙهندڙ سپاهين کان به گهٽ محفوظ هجن ٿيون. اهم ڳالهه اها آهي ته اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نوجوان ذهنن کي روشن خيال ڪرڻ بدران مفلوج ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيون آهن- بهرحال غير منطقي سوچ خلاف اها ويڙهه نهايت ڏکي ۽ ٿڪائيندڙ آهي.

ليکڪ اسلام آباد ۾ فزڪس جو پروفيسر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو