Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ جو گنجريل سياسي منظرنامو!
above article banner

سنڌ جو گنجريل سياسي منظرنامو!

Fayaz Naichهڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم حڪومت کان جدا ٿي وئي آهي. پر هن دفعي پيپلز پارٽي کيس پرچائڻ بجاءِ “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” جو نعرو هڻي پاڻ کي سنڌ جي وحدت کي قائم رکڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم به هاڻي سنڌ جي وحدت خلاف بلڪل کليل انداز ۾ نئين صوبي جو مطالبو ڪري رهي آهي. پر هن ڀيري اقتدار کان جدا ٿيڻ باوجود به ڪراچي ۾ مار ڌاڙ جو ڪو سلسلو شروع نه ڪيو ويو آهي، اها سموري صورتحال اهڙي آهي جنهن جو تفصيل سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وڏي عرصي کان سنڌ مان وڌ ۾ وڌ ووٽ وٺندڙ پارٽيون رهيون آهن پر ٻنهي پارٽين سنڌ کي لاشن، نفرتن، ڪوڙن دلاسن ۽ سکڻن نعرن کان وڌيڪ ڪجهه به نه ڏنو آهي. نه صرف ايترو پر ٻنهي پارٽين سنڌ ۾ لاقانونيت، ميرٽ جي لتاڙ، پنهنجا نوازي جا اهڙا ته گندا رجحان متعارف ڪرايا آهن جو هاڻ شايد ٻنهي پارٽين وٽ پنهنجي پنهنجي ووٽر وٽ وڃي انکان ووٽ وٺڻ جي اميد به ختم ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي ته پنهنجي ان ڪمزوري جو اظهار 2013 جي چونڊن کان اڳ ڪري چڪي آهي جڏهن هنن مهر، مزاري، انڙ سميت سنڌ جي هر ان وڏيري کي منٿون ڪري پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مشرف توڙي ضيا جي مارشلائي دورن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو توڙي بينظير ڀٽو جي قاتل انهن آمرن جو ساٿ ڏنو. پيپلز پارٽي جي سنڌ اندر چونڊن جي حوالي سان جيڪا ڪاميابي آهي ان جو هڪ بنياد اهي وڏيرا هئا جن وٽ پنهنجي برادري توڙي خانداني اثررسوخ سبب ووٽن جو چڱو خاصو تعداد موجود هيو، ٻيو ته انهن وڏيرن توڙي پي پي جي مشهور جيالن وٽ حڪومتي دور دوران ڪمايل ڪارو ناڻو به جهجهي تعداد ۾ موجود هيو جيڪو هڪ ته انهن چونڊن دوران ووٽن جي خريداري تي استعمال ڪيو ويو. آخر ۾ وري آر اوز ۽ ڊي آر اوز کي به پنهنجو حصو پتي ڏيئي پارٽي جي ڪاميابي کي يقيني بنايو ويو. بدقسمتي سان اڄ به پي پي عوام جي بهتري لاءِ ڪي قدم کڻڻ ، گورننس کي ٺيڪ ڪرڻ، عوام مان محرومي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، امن امان قائم ڪري عوام جي جان ۽ مال کي تحفظ مهيا ڪرڻ بجاءِ ،“مرسون مرسون ” جا نعرا هڻي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ٻي طرف وري ايم ڪيو ايم به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي. سڀ کان اهم مسئلو ته ايم ڪيو ايم جا اندروني تضاد آهن جن جي توڙي جو ٻڙڪ ٻاهر ڪان ٿي اچي پر سيلم شهزاد کان وٺي مصطفي ڪمال تائين انهن جا چوٽي جا اڳواڻ جهڙي نموني سان منظر تان غائب ٿي ويا آهن يا جهڙي نموني ورڪر ڪنوينشن ۾ الطاف حسين رابطا ڪميٽي جون کلئي عام شڪايتون ڪري ڪارڪنن کي هنن خلاف ڀڙڪايو ان مان اهو واضع ٿيو آهي ته انهن جي اندر وڏي ٽڪراءُ واري صورتحال آهي. ان کان به وڏو مسئلو تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڪراچي شهر جي ڊيماگرافي آهي. ڪراچي هن وقت سنڌي پشتو توڙي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ آبادين جو سڀ کان وڏو شهر آهي. توڙي جو ايم ڪيو ايم پنهنجو نالو مهاجر قومي مومينٽ مان مٽائي متحده قومي موومينٽ رکيو پر اها تبديلي به اردو کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شهرين کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ته ٺهيو پر ڪراچي ۾ به ايم ڪيو ايم ڏانهن متوجهه نه ڪري سگھي. ان جو بنيادي سبب اهو ئي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم نالو ته تبديل ڪيو پر پنهنجي سياست کي تبديل بلڪل نه ڪيو.

15-Nov-2014   14

سنڌ سان جتي ٻي هر طرح جي ناانصافي ۽ بي واجبي ٿيندي رهي آهي ۽ ان عمل ۾ آمر توڙي نام نهاد جمهوري حڪمران هڪ جيترا ئي ملوث نظر اچن ٿا پر ان کان وڏو نقصان اهو ڪيو ويو جو سنڌ جي سياست کي مڪمل طرح تي لساني بنيادن تي ورهايو ويو. پيپلز پارٽي جو 70 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي اندر جيڪو ووٽ بينڪ هيو اهو سڪڙجندو بلوچ ۽ سنڌي آبادين تائين پهتو جتان به هاڻي ان جي خاتمي جو عمل شروع ٿي ويو آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته پي پي ڪراچي کي باقي سنڌ کان شروع کان وٺي جدا سمجھندي هئي جنهن جي ڪري هنن جي شاگرد تنظيم سنڌ ۾ ٻن جدا نالن ۽ جدا قيادت هيٺ ڪم ڪندي هئي. تنهنڪري ايم ڪيو ايم جي وجود ۾ اچڻ شرط پي پي ڄڻ ته شهر انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

80 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ اندر لساني فساد شرع ڪرايا ويا ۽ سنڌ قومي اتحاد جو قيام عمل ۾ آندو ويو ته ان وقت جڏهن سائين جي ايم سيدڪجهه اردو ڳالهائيندڙ دانشورن کي به ان اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو اهو چئي ان عمل جي مخالفت ڪئي ته اهو اتحاد“خالص سنڌين” جو هجڻ گھرجي. ان دوران ئي 30 سيپٽيمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جهڙا واقعا پڻ ٿيا جن ان لساني نفرت کي وڌيڪ گهرو ڪيو. اسان جي قومپرست سياستدانن به پنهنجي تقريرن ۾ ته بار بار اهو ورجايو ته “اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن” پر سندن پارٽين ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ته ڇڏيو پر سنڌ جا اهي ننڍا شهر جتي اردو ڳالهائيندڙ آباد آهن انهن کي به قومپرست پارٽيون پنهنجو پاڻ ۾ شامل نه ڪري سگھيون. 80 جي ڏهاڪي دوران ايم ڪيو ايم جي قيام کانپوءِ جيڪڏهن هن پاسي کان نفرت جي ٻولي ڳالهائي وئي ته هن پاسي کان به اهو چيو ويو ته ننڍي کنڊ جا چور ۽ لٽيرا هت آيا آهن. ڪڏهن چيو ويو ته مغلن جي دور کان وٺي هنن اقليت ۾ هوندي حڪومت ڪئي آهي تنهنڪري اهي هر وقت سازشون ڪري حڪومت ۾ رهڻ چاهن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون جي صحيح به مڃجن تڏهن به سنڌين جي پاران سياسي ميدان تي ڪنهن به ذميوار ڌر ان نفرت کي گھٽائڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجي پارٽين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪي به سنجيدهه ڪوششون نه ورتيون آهن.

ان سان گڏوگڏ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ۾ ڪي سماجي لاڳاپا خاص طرح شادين جو رجحان به گھٽ رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مختلف ثقافتي گروهن وچ۾ مظبوط ڳانڍاپي لاءِ ضروري آهي انهن وچ۾ ان طرح جا لاڳاپا جڙڻ گھرجن پر اسان وٽ ايئن نه ٿيو آهي ان جو هڪ وڏو سبب ته سياسي تفرقي بازي آهي جڏهن ته ان جو ٻيو وڏو سبب اسان جو پسمانده سماجي سرشتو آهي. اڄ به اسان وٽ برادري کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي عيب سمجھيو وڃي ٿو. نياڻي جي شادي ٻاهر ڪرڻ کي ته اڃا وڌيڪ خراب سمجھيو وڃي ٿو. تنهنڪري ان عمل ۾ ڪا گھڻي اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي. پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي تعمير ۽ ترقي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن ان سان گڏوگڏ اسان جي قومپرست پارٽين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو آهي فنڪشنل ليگ، ارباب گروپ، توڙي اين پي پي جهڙيون ڌريون ته هونئن به ڪنهن ميار کان به آجيون سمجھيون وينديون آهن. تنهنڪري هن ڀيري پي پي ۽ ايم ڪيو ايم ان لساني تفرقي جي بنياد تي پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ چاهن ٿيون تنهنڪري هاڻي اها ذميواري سنڌ جي وڌندڙ سول سوسائٽي توڙي مڊل ڪلاس جي مٿان لاڳو ٿئي ٿي ته هو ان حوالي سان ڪي اهڙيون حڪمت عمليون جوڙين جنهن سان سماج ۾ موجود اهو تفرقو ختم ٿئي.

fayaznaich@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو