Home / پروفائيل / سنڌ سان جڙيل- انيتا بلوچ 
above article banner

سنڌ سان جڙيل- انيتا بلوچ 

Sarang Lateefاسان ماڻهن سان اهو الميو رهيو آهي ته هتي جيڪي انسان زندگي جي عملي ميدان ۾ ڪم ڪن ٿا انهن جي ڪڏهن به مڃتا ناهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو علو ڪندو تعريف ولو جي ته ولو وري علو جا قصيدا پيو پڙهندو ۽ اتي ئي جيڪڏهن ڪنهن حقيقي ڪردار جي ڳالهه نڪرندي ته پهريان ته ان حقيقت بيان ڪندڙ کي چاپلوس قرار ڏئي کيس الائي ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيو ويندو پر جي قصو اڃا به اڳتي نڪري ويو ته پوءِ ان ماڻهو جي ايتري ته ڪردارڪشي ڪئي ويندي جو اهو ويچارو/ويچاري پاڻ ئي ماٺ ڪري ويهي رهندو.

اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ذميواري ٿي بڻجي ته اسين اهڙن ڪردارن کي ڪوئلي جي کاڻ مان هيري وانگر ڳولي نروار ڪيون ته دنيا کي انهن قيمتي ڪردارن جي ڪَلَ پوي. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ڪردار آهن جيڪي پنهنجو ڪم خاموشي سان ڪري رهيا آهن ۽ ماٺ ماٺ ۾ مهراڻ جي ماڻهن جي مڃتا لاءِ پاڻ ملهائي رهيا آهن. شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ انيتا بلوچ به سنڌ جي اهڙن ڪردارن مان هڪ آهي جيڪي خاموشي سان، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي، سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهن.

محبتن واري مهيني، فيبروري ۾ محمد عمر بلوچ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انيتا بلوچ سنڌ جي آڱرين تي ڳڻجندڙ انهن آفيسرن ۾ شامل آهي جيڪي اقربا پروري واري دور ۾ به بي ريا وطن جي خدمت ڪندا رهن ٿا. ڪراچي يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪشن ۾ ماسٽرس ڪندڙ انيتا بلوچ سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ 18هين گريڊ جي آفيسر ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ڊيوٽي نڀائي رهي آهي. پڙهڻ لکڻ سان تعلق رکندڙ انيتا بلوچ کي صوفي راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي سان گهڻو چاهه آهي. ”مشي“ (مڇي) ۽ چانورن کي پسند ڪندڙ انيتا بلوچ سنڌ جي روايتي کاڌن سان به چاهه رکي ٿي.

عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته سرڪاري ملازم پنهنجي سيٽ بچائڻ لاءِ جائز يا ناجائز مطالبا مڃي وٺندا آهن ته وري اتي ڪنهن کي ڪا حق سچ جي ڳالهه به نه چئي سگهندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن وٽس ڊائريڪٽر اشتهارات جي چارج هئي ته هن اتي به سنڌي اخبارن، رسالن ۽ اشتهاري ادارن لاءِ خاص پيڪيج شروع ڪرايا. ڪنهن کاتي پاران سنڌي اخبارن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڳالهه هجي يا ڪنهن وزير پاران انهن جا اشتهار بند ڪرڻ جي فرمائش، هن هميشه سنڌي ادارن جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪڏهن به ڪين جتايو. سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ سنڌ انويسٽمينٽ بورڊ (SBI) جڙيل آهي جنهن جو سربراهه سڌو سنئون وزيراعلى هوندو آهي.

15-Nov-2014   52

SBI ٺهيل ته سنڌ جي نالي آهي پر افسوس جو اهي پنهنجي ڪنهن به اشتهار لاءِ سنڌي اخبار ۽ رسالي جو نالو نه لکي موڪليندا هئا ۽ ان لاءِ اهو عذر ڄاڻائيندا هئا ته سنڌي اخبارون يا رسالا ڪير ٿو پڙهي؟ پر اهو انيتا بلوچ جي  سنڌ پرستي هئي جو آخر ۾ مجبور ٿي کين پنهنجي اشتهاري مهم ۾ سنڌي اخبارن جو نالو وجهڻو پيو جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ۾ اڄ به درجنين اهڙا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن جن جو ظاهري طرح ساڻس ڪو به واسطو نه هو پر اهي اڄ به اهم عهدن تي انيتا بلوچ جي بدولت ويٺل آهن. اهو انيتا بلوچ جو ئي ڪمال هو جو انگريزي جي هڪ وڏي اخبار کي اشتهار سنڌي ۾ ڇاپڻ لاءِ پنهنجي پاليسي کي تبديل ڪرڻو پيو. ايترو ئي نه پر انهن کي سنڌي سافٽ ويئر تيار ڪرائڻو پيو. پاڪستان ۾ اشتهاري ڪمپنين ۾ سنڌي ماڻهو نه هئڻ جي برابر آهن. اتي هن ٻن سنڌي اشتهاري ادارن کي نه صرف سنڌ سرڪار جي پينل تي آندو پر انهن کي پنهنجو واجبي حصو به وٺرائي ڏنو.

توڻي جو هاڻي هوءَ شادي ڪري آمريڪا ۾ ڊگهي سرڪاري موڪل تي آهي، پر سندس پل پل پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ديس سان جڙيل آهي. توڻي جو سندس سياست سان ڪوبه واسطو ناهي پر ان باوجود به هوءَ پيپلز پارٽي جي 18 آڪٽوبر واري جلسي جون اپ ڊيٽ وٺندي رهي. هن اهو صرف ان ڪري پئي ڪيو ته ڪراچي ۾ سنڌين جو ميڙو پئي متو. نه صرف ايترو پر سنڌ جي موجوده صورتحال جي بهتري جي اميد لاءِ هوءَ عمران خان جي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ جلسي لاءِ به فڪرمند آهي ته جيئن حڪمرانن کي من ڪهل اچي ۽ اهي عمران خان جي ضد ۾ ئي صحيح پر سنڌ جي مظلوم ماڻهن ۽ کنڊر بڻيل شهرن جي واهر ڪري سگهن.

مارئي جي ملڪ جي هن فرض شناس آفيسر جي ڪريڊٽ تي ٻيا به کوڙ ڪارناما آهن. سندس شمار انهن سنڌ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل فردن ۾ ٿئي ٿو جن ڪراچي کي پنهنجو ڪيو آهي. خودي، عزت ۽ وقار واري زندگي جي تلقين ڪندڙ انيتا بلوچ کي پاڻ سان ڪم ڪندڙ ٽيم کي گڏ کڻي هلڻ به اچي ٿو ته هوءَ  انهن کي تحفظ ڏيڻ به ڄاڻي.

ڪوئلي جي واپار جهڙي اڄ ڪلهه جي سرڪاري نوڪري ۾ پاڻ بچائي سسٽم کي ڪيئن ٺاهجي اها کيس ڀلي ڀت پروڙ آهي. کل مک ۽ ٻاجهاري طبيعت جي مالڪ انيتا بلوچ جهڙي فرض شناس آفيسرن جي سنڌ کي اشد ضرورت آهي جيڪي فرض نوڪري سمجهي نه پر ايمان سمجهي نڀائين ٿا.

اڳتي وڌڻ جي چاهت ساڻ ڪري، عملي ڪم لاءِ اتساهيندڙ انيتا بلوچ پنهنجي هر جذبي، هر اُڌمي ۾ احساس جو اظهار جاڳائي ٿي، ڀلي پوءِ اهڙو جرئت ڀريو اظهار سماج جي روايتي ٺيڪيدارن کي برو لڳي. ڪو شخص نيڪ نيت هجي ۽ کيس ڪم به ايندو هجي ته ان کي لهر نه ڪي لوڏو. انيتا نهايت ئي باصلاحيت هجڻ سان گڏ پنهنجي فرض نڀائڻ ۾ ايماندار به آهي.

انيتا بلوچ، پنهنجي ملازمت دوران ڪافي نوان رجحان متعارف ڪرايا. نيون روايتون قائم ڪيون. رسمي ٺاهه جوڙ کان پاسيري ٿي پنهنجين امنگن، پيار ۽ نفرت جي احساسن کي اهڙن لفظن جو لباس پارايو، جيڪو هر سنڌي ڳالهائيندڙ پنهنجي لاءِ فخر محسوس ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو