Home / ايڊيٽوريل / سڄي سنڌ سُڃ آ، ڪهڙي  سور جي پچار ڪيون؟
above article banner

سڄي سنڌ سُڃ آ، ڪهڙي  سور جي پچار ڪيون؟

nov-15-2015ڪُجهه مهينن جي ويسر کان پوءِ ميڊيا کي ٿر وري ياد اچي ويو آهي. هيل سال مارچ اپريل ۾ ٿر جو ڏڪر خبرن جو موضوع رهيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري پاران سوشل ميڊيا ۾ ٿر بابت آيل خوفناڪ خبرن کان پوءِ ورتل نوٽيس ، نوٽيس ئي رهيو. هالا جي مخدوم خاندان تي سيد قائم علي شاه جو ڏمر ڪريو. مخدومن پاڻ تان ميار ٽارڻ لاءِ مهينا پراڻو ڪاڳر ڪڍيو جنهن ۾ ٿر جي مخدوم ڊپٽي ڪمشنر وزيراعلي کي ڊسمبر ۾ لکيو هو ته ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي. ڊي سي جو لکيل خط  وزيراعلي جي ٽيبل تي  ڪي مهينا پيل رهيو، ان تي ڪوبه ڌيان نه ڌريو ويو.  وزير اعلي مٿان الٽو الزام اچي ويو تهي سندس ڪوتاهي سبب ٿر کي بروقت آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو. معني، ٿر جي ڏُڪر جو ڏوه نه صوبائي سرڪار تي نه ضلعي انتظاميا تي. ظاهر آ ته قدرت ته ڏوهي آهي ئي آهي، سو ان تي ميار رکي سڀ ڪو ماٺ ٿي ويو.

هاڻ وري اوچتو ماڻهن کي ياد اچي پيو آهي ته ٿر ۾ غذائي کوٽ، صحت جي اڻ پورين سهولتن سبب ٻار مري رهيا آهن. حڪومت به نڪ جي پڪي آهي. ميڊيا ۾  ٻه چار ڏينهن  خواري کڻندي، ٻه چار ڪامورن ۽ مُشيرن کي هيڏي هوڏي ڪندي ۽ پوءِ جڏهن ماڻهن کي وسري ويندو ته ٿر ڪهڙي جهرڪي جو نالو هيو ته ساڳين ماڻهن کي بحال ڪري  ساڳيو ڪار وهنوار جاري رکندي. هتي اهو ئي ٿيندو رهيو آهي، اهو ئي ٿيندو. اوهان کي هي جهان نه ٿو وڻي ته اوهان کي هتان لڏي وڃي ڪنهن به سياري يا گره تي رهڻ جي سڀ اجازت آهي.

سنڌ لاءِ ٻڌون ٿا ته وسيلن سال مالا مال خطو آهي. اهي وسيلا جيڪڏهن ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪتب اچن ته سنڌ ۾ ڪوبه بني بشر اڃو، بکيو ۽ ڏٻرو لاچار نه رهي. پر اسان پنهنجي يادگيري ۾ ڪوبه اهڙو سال يا زمانو نه ڏٺو جڏهن سنڌ جا وسيلا سنڌي عوام جي ڀلي تي استعمال ٿيا هجن. هڪ ته ملڪ اهڙي ۾ رهون جتي پنجاپ وڏي ڀاءُ هجڻ جي هجت ڪندي سنڌ جا وسيلا ميڙي سيڙي پنهنجي عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. نه ته پنجاب وٽ سواءِ پاڻي، زمين ۽ مين پاور جي ڇاهي؟ سمنڊ سنڌ وٽ، پورٽ سنڌ وٽ، تيل ۽ گيس، زرخيز زرعي زمين وغيره سنڌ وٽ.

 سنڌ اين ايف سي يا اهو ڪشڪول جنهن ۾ سڄي ملڪ مان داڻا ڪٺي ٿيندا آهن، ۾ سالن کان ستر سيڪڙو داڻا وجهندو اچي. جنرل جيڪو  به حڪومت ۾ اچي ، سنڌين تي اقتدار ي ايوانن ۾ رسائي جا دروازا بند ڪري.  ايوب ايئن ڪيو، ضيا ايئن ڪيو ۽ مُشرف به ايئن ئي ڪيو. سنڌين کي ٿورو گهڻو ٽُڪر جڏهن به مليو ، ڪنهن سياسي حڪومت  ۾ ئي مليو. جنرل ايوب خان 1958 کان 1969 تائين ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو. سندس سڄي عرصي ۾ سنڌ جون ٻهراڙيون اونده ۾ ٻُڏل رهيون. ڪراچي ۾ هزاره ، پٺاڻ، بنگالي، راجستاني، مارواڙي مخلوق “پائي ويندي” هُئي پر سنڌي مشڪل سان نظر ايندو هو. ڪامورن ۾ سنڌي نه. سرمائيدارن ۾ سنڌي نه. فوج ۾ سنڌي نه. پوليس ۾ سنڌي نه. وزيرن ۾ سنڌي نه. شهرن ۾ سنڌي نه. بس اونده ۾ ٻڏل سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سنڌي مخلوق ملندي هئي. ، ڄٽ وڏيرن جي ٻنين تي مزوري ڪندڙ ۽ هڪ ويلو کائي ڌڻي جو شُڪر ڪري پَٽ تي ستل سنڌي. مس مس وڃي ستر کان پوءِ سنڌين شهرن جو منهن ڏٺو. گذريل چاليهه سالن ۾ سنڌي سماج ۾ وڏيون تبديليون آيون.  ورهاڱي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر انڌو منڊو مڊل ڪلاس ٺهيو جيڪو اڄ اسانکي شهرن ۾ ڦرندي نظر اچي ٿو.

پر سنڌ ۾ جيڪا چڱائي ٿيڻ کپي سا پوءِ به نه ٿي. وسيلن سان مالا مال هوندي به سنڌ جون ٻهراڙيون بُک، غربت ۽ جهالت جون پٿاريون رهيون. کڻي جو سنڌ سان اين ايف سي يا ٻين معاملن ۾ پنجاپ جي ڌر بڻيل وفاق جي ڏاڍائي رهي آهي پر جيڪي ٿورا گهڻا ڏوڪڙ سنڌ کي ملن ٿا سي به ڪرپشن سبب سنڌ تي خرچ نه ٿا ٿين. پيپلز پارٽي ان سڄي عرصي ۾ چار دفعا حُڪومت ۾ آئي آهي ۽ چارئي ڀيرا سنڌ اڻڀي رهي.  جيڪي ڏوڪڙ سنڌ جي ترقي لاءِ خرچ ٿيئڻا هئا سي پيپلن، جيالن، وزيرن مشيرن جي شخصي ترقي تي خرچ ٿي ويا. پ پ سان واسطو رکندڙ وزير مشير ڪروڙ پتي مان ڦري ارب پتي ٿي ويا. اڳي اهي ماڻهو ڳوٺ مان ترقي ڪري شهرن ۾ ملڪيت وٺندا هئا هاڻ اهي دبئي، ملائيشيا ۽ ٻئي هنڌ ملڪيتون وٺندا، بزنس ڳوليندا وتن. ظاهر آ ته ترن جو تيل ترن مان ئي نڪرندو. اهي وزير مشير ۽ ٺيڪيدار سنڌ جي اڇي ڪاري جا مالڪ هيا، سندن ڀاڳ سنڌين جي ترقي لاءِ خرچ ٿيندڙ ڏوڪڙن مان ئي کلڻو هيو، سو کليو. وٽن اسان توهان جو پيسو آهي. هڪڙي هڪڙي جون ٻه ٽي شاديون ۽ ايتريون ئي رکيلون آهن.  سندن زمينن جي آمدني مان هڪڙي رکيل جو به ماهوار خرچ نه ٿو هلي سگهي.

نتيجو ڇا نڪتو؟ سڄي سنڌ ٿر ۽ ڪوهستان ،ڪاڇو ٿي وئي ۽ ان جي ابتڙ حڪمرانن جا ڪاروبار دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلجي ويا. معنيٰ، سنڌ تي ڏوڪڙ خرچ ٿين ها ، سنڌ سکي ٿئي ها ته حُڪمران سکيا نه ٿين ها. اختيار حُڪمرانن ۽ زور آورن وٽ  آهي، بجيٽ ۽ فنڊز جا مالڪ اهي آهن. انهن فيصلا ڪيا. صحيحيون ڪيون. فنڊز نڪتا ۽ ڳڙڪائجي ويا. ظاهر آ ته ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو جيڪو اڄوڪي سنڌ جي صورت ۾ ڏسون ٿا. هر طرف اونده، ڪچري جا ڍير، غربت ۽ جهالت.

ٿر جو ڏڪر اڄوڪي سنڌ جي  ان سڄي المناڪ تصوير جو هڪ جُز آ. هڪ ڪنڊ پاسو آ. سڄي تصوير ڏسڻ لاءِ سنڌ جو هر شهر ڏسڻو پوندو. ماٿيلو، ڪنڌڪوٽ، رتوديرو، گمبٽ، ميهڙ، سيوهڻ، شهدادپور، جاتي، ماتلي، ڪهڙو شهر آ جتي ڪنهن انساني وسندي جو گمان ٿئي ٿو؟ سڄي سنڌ اهڙي آ جهڙو مٺي، عمرڪوٽ يا ننگر پارڪر. ڪهڙي درد جو درمان گهرون؟ ڪهڙن سُورن جي پچار ڪيون؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو