Home / اسپيشل افيئر / شڪاگو، جتي سنڌ گڏ ٿي!
above article banner

شڪاگو، جتي سنڌ گڏ ٿي!

Zulfiqar Shaikhسنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جو 30 ساليانو ڪنوينشن ڀلوڙ فنڪاره صنم مارئي ۽ عظيم صوفي ڪلاڪار جمال دين فقير جي لازوال پرفارمنس ذريعي پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ سنڌ، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي مختلف شهرن مان آيل سوين سنڌي اڻوسرندڙ يادون ۽ آليون اکڙيون کڻي ۽ وري ٻئي سال ملڻ جا وچن ڪري پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.

سانا شڪاگو ڪنوينشن جي آخري رات نه رڳو شڪاگو لاءِ پر سنڌي موسيقي لاءِ پڻ يادگار رھي جتي صنم مارئي پنهنجي مٺڙي آواز ۾ سنڌي ڌمال “دامن لڳيا مولا مئن تو تيري آن” سان شروعات ڪري ويسٽ ان اوهائر هوٽل جي بال روم ۾ ويٺل سوين ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو. هن محفل ۾ سنڌين سان گڏ تمام گھڻيون انگريز فيمليون به سنڌي موسيقي ٻڌڻ لاءِ ڪهي آيل هيون جن صنم مارئيءَ کان “هن جنم هن جنم ۾ مان جتي به هجان، شال سنڌ تنهنجو ٿيان” ۽ “نٿو جو سنڌ لاءِ لڙي نٿو جو جيجل لاءِ وڙهي سو سنڌ مان لڏي وڃي سو سنڌ کي ڇڏي وڃي” ٻڌا ۽ پنهنجو وطن سان عشق تازو ڪيو.

ان کان پهريان راڳ جي بادشاھ جمال دين فقير پڻ محفل کي پنهنجي ڪلامن سان مست بڻايو ۽ سنڌي “صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي انداز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ” ۽ سندس بين ڪلامن تي بيخودي مان نچندا رهيا. محفل جي شروعات ۾ ٽورانٽو جي ٻارڙن سنڌي قومي گيتن تي ٽئبلو “ آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي” ۽ “جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن” تي ڊانس ڪري پوري کي جھومايو ۽ اهڙيءَ طرح هيءَ محفل سنڌين ۽ سنڌياڻين پاران قومي گيتن تي جھومريون هڻندي رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

سانا جي هن 30 ڪنوينشن سنڌين جي شرڪت جي حوالي سان اڳيان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن ۾ 800 کان وڌيڪ سانا ميمبرن شرڪت ڪئي جن ۾ سنڌ مان آيل سياسي ۽ سماجي شخصيتون ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏ گل محمد جکراڻي، فقير داد کوسو ۽ مشتاق راڄپر جهڙا قومي ڪارڪن پڻ هيا ته اتي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل به هيو، اتي ئي ڪلثوم چانڊيو، شميم اين ڊي خان به شامل هيون جن سانا ميمبرن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ته ان ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جو وفد به هيو. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مسرت خواجه، دوست علي جيسر، مشتاق سرڪي، رمضان چانڊيو، امير ڀنڀرو، بخشڻ مهراڻوي ۽ سيڪريٽري سروسز سنڌ شفيق مهيسر به هن ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ آيل هيا.

محفل موسيقي کان پهريان مکيه ايوارڊ ۽ اختتامي تقريب جي شروعات ڪندي سانا جي صدر جميل دائودي ۽ جنرل سيڪريٽري نورنساءَ گھانگھرو نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪامياب ڪنوينشن جي انتظامي ڪاميٽي جي چيئرمئن ڊاڪٽر خليل ميمڻ ۽ سندس سمورن ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون. هن ڪنوينشن ۾ سانا پاران سنڌ لاءِ ناقابل فراموش خدمتن جي مڃتا طور امداد حسيني، قيصر بينگالي، جهانگير صديقي، غلام نبي مورائي، جمال دين فقير، صنم مارئي ۽ الغوزي نواز ارباب کوسو کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته سانا جي اڳوڻن صدرن ڊاڪٽر وليد شيخ، عزيز ناريجو، سني پنهور، مظهر لاکو، اقبال ترين، پريل سومرو، اي ڊبليو ڀٽي ۽ خالد هاشماڻي کي سندن سانا لاءِ ادا ڪيل ڪردار تي يادگاري ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، ان سان گڏوگڏ سانا جي مرڪزي صدر جميل دائودي ۽ سانا يوٿ جي صدر بختاور حافظ کي به يادگاري شيلڊ ڏني وئي.هن ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪا نورالھديٰ شاھ چيو ته سنڌ جي تهذيب ۽ تعليم لاءِ سانا جون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن پر سنڌ لاءِ هر سنڌيءِ کي هاڻي اٿي کڙو ٿيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ورثي کي بچائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

15   SEP 2014    22

ان کان اڳ سانا ڪارڪنن ۽ سندن سنڌ کان آيل مهمانن صبح کان وٺي شام تائين سنڌ جي تعليم بچائڻ ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سوچ ويچار ڪئي. ان حوالي سان صبح جو“ايڪويهين صدي ۽ سنڌ..تعليم ئي اڳتي وڌڻ جو ذريعو” جي عنوان هيٺ مزاڪرو ٿيو جنهن جا خاص مقرر سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو، صادقه صلاح الدين ۽ ٻيا تعليمي ماهر هيا. هن سيشن جي ڪارروائي سانا جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر وليد شيخ هلائي، ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو سنڌ جي تعليم تي هڪ جامع پريزينٽيشن پيش ڪئي ۽ قبول ڪيو ته سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري تي آهي جنهن لاءِ ڪير چئي ٿو ته ان صورتحال جا زميوار استاد ۽ انهن جون تنظيمون آهن ته ڪير ان جو ڏوهاري سرڪار، سياستدانن ۽ آفيسرن کي قرار ڏئي ٿو. هن چيوته مان هڪ ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان ته تعليم کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪجي ۽ ان ۾ پيپلز پارٽي جي سرپرست بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور ساٿ ڏنو آهي جيڪو سنڌ جي تعليمي سڌارن جو نگران پڻ آهي. هن چيو ته تعليم کاتي ۾ ٽيچنگ ۽ انتظامي ڪيڊرس کي الڳ ڪيو آهي جنهن جا مثبت نتيجا ملڻ جي اميند آهي. هن چيو ته هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته تعليم کاتي جا آفيسر غلط انگ اکر ڏين ٿا ۽ ٻيو ته هتي 90 سيڪڙو اسڪول پرائمري ۽ صرف 10 سيڪڙو اسڪول مڊل ۽ مٿين سطح جا آهن ڇو ته هن وقت تائين صرف اسڪول قائم ڪرڻ تي زور رهيو آهي، ان سان گڏ ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين جو به وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته گزريل دور ۾ 30 هزار جعلي استاد ڀرتي ڪيا ويا. پيچوهو صاحب چيو ته سانا سان گڏجي اسڪولن کي بهتر ڪنداسين پر ان لاءِ عام ماڻهون کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن مثال ڏنو ته دادو مان هڪ ڇوڪري کيس فون ڪئي ته گوسڙو استادن خلاف ايڪشن کڻو جن ۾ سندس والد به شامل آهي. پروگرام کي خطاب ڪندي نامياري نبي مورائي چيو ته تعليم ئي قومن جي جياپي جو ذريعو آهي جنهن کي بچائڻ لاءِ قومي تحريڪ جي ضرورت آهي. هن ان حوالي سان هڪ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري جنهن کي تمام گھڻو ساراهيو ويو،ان موقعي تي ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته سنڌ جي تعليم کي استادن جي هيٺين سطح تي هائرنگ ۽ فائرنگ جا اختيار ڏيڻ ۽ سياسي ڌرين جي شموليت سان ئي بچائي سگھجي ٿو. هن سانا ۽ خاص طور ڊاڪٽر اعجاز ترڪ جي سنڌ جي تعليم بچائڻ لا۽ ڪيل جدوجهد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سانا پاران سنڌ حڪومت کان اسڪول وٺي هلائڻ سان تمام وڌي تنديلي ايندي.هڪ ٻئي مقرر جي ايس بئنڪ جي چيف جهانگير صديقي چيو ته سنڌ کي هنرمندن جي ذريعي مالدار بنائڻ ذريعي ئي بچائي سگھجي ٿو. پروگرام کي صادقه صلاح الدين، ظفر آغا، گل محمد رند، ڊاڪٽر مبارڪ شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ۽ صدر چيلا رام پاران سانا صدر جميل دائودي ۽ نور النساءِ گھانگھرو کي شيلڊ پيش ڪئي وئي.ساڳي طرح شام جو سنڌ جي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پڻ هڪ مذاڪرو ٿيو جنهن جي ڪارروائي سانا جي جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ھلائي، ان سيشن کي مک اسپيڪر طور خطاب ڪندي ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ چيو ته سنڌ جنهن بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي ان جو گھڻو تڻو زميوار اهي آهن جن سنڌ دسمن مافيائون آهن جن هن عظيم ڌرتيءِ جي تعليم کي تباھ ڪري سنڌين کي اوندھ جي غارن ۾ ڌڪيو آهي، هن سانا پاران سنڌي جي تعليم لاءِ اڳتي اچڻ کي ساراهيو ۽ چيو ته تواهن کي سنڌ جو رت چوسيندڙ دائنوسارن سان جهاد ڪرڻو پوندو تڏهن ئي سنڌ جيئندي. قيصر بنگالي جڏهن جزباتي ٿي جيئي سنڌ جو نعرو هڻي پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪئي ته سڄي حال اٿي بيهي کيس سندس سنڌ لاءِ خدمتن جي سلي ۾ شاندا انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. هن سيشن ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي چيئرمين ايم اين اي ڊاڪٽر رميش سنڌي هندن جا مسئلا پيش ڪندي چيو ته سنڌ هندن جي به آهي پر انهن کي سنڌ مان زوري ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي جنهن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو. هن تعليم ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن ي حوالي سان سانا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ سنڌي هندن کي سانا جي ڪمن ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ڪنوينشن جي ٻئين ڏهاڙي جي پروگرامن جي شروعات صبح جو سانا جي سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر حفيظ عباسي جي نگرانيء هيٺ هڪ ميڊيڪل سمپوزيم سان ٿي هئي جنهن ۾ صحت سان لاڳاپيل مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو،

ان موقعي تي ڪنوينشن ۾ شريڪ ماڻهن کي مفت طبي چڪاس جون سهوليتون به ڏنيون ويون. ان کان پهريان ٻن پهرن جو “سنڌي عورت جو سنڌ جي ترقي ۾ ڪردار” جي عنوان سان هڪ مزاڪرو سانا جي مرڪزي نائب صدر (خواتين) شاهده سومرو جي نگراني هيٺ ٿيو جنهن ۾ سانا جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو، سان گڏ سنڌ مان آيل ناميارن اديبن نورالهدا شاھ، پروفيسر سحر امداد ۽ متحرڪ ڪردار طور سڃاتي ويندڙ سوڀيا آغا ۽ ٻين خطاب ۾ چيو ته قومن جي ترقي عورت جي شموليت بنان ممڪن ڪونهي. هنن سنڌي عورت جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سنڌ جي عورت جتي پنهنجي مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪري ٿي اتي سندس مرد پڻ کيس اڳتي وڌڻ جا سمورا وسيلا مهيا ڪري ٿو. هنن سنڌي عورت جي وڌيڪ منظم ڪردار جي گھرج تي زور ڀريو.

ان ڏهاڙي جي خاص ڳالھ سانا جي مرڪزي جنرل باڊي جو اجلاس هيو جنهن ۾ مرڪزي صدر جميل دائودي، جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو، نائب صدر اعجاز ڪولاچي، خزانچي ارشاد قاضي، اطلاعات سيڪريٽري ذوالفقار شيخ ۽ سمورن ريجنل سيڪريٽرين اويس لغاري، صفدر پنهور، منصور سمون، خالد چنا، اعجاز ميمڻ پنهنجون ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون، ان موقعي تي سانا جي سنڌ ۾ جاري مختلف منصوبن بابت پڻ رپورٽون پيش ڪيون ويون جن ۾ سانا جي گزريل سال قائم ڪيل “سنڌ اسڪول سسٽم” بابت ان منصوبي جي سربراھ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، سنڌ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام بابت ڊاڪٽر علي حسن ڀٽو، سانا فيم فنڊ بابت ظفر آغا ۽ ٿر ۾ مٺي پاڻي بابت سهيل انصاري جون رپورٽون شامل هيون. اجلاس ۾ سانا جي باءِ لاز ۾ تبديلين ۽ ايندڙ چونڊن بابت پڻ ويچاريو ويو، ان موقعي تي 35 کان وڌيڪ ماڻهن 500 ڊالر ڏئي سانا جي لائف ميمبرشپ حاصل ڪئي.اڄوڪي پروگرام جي هڪ ٻي خاص ڳالھ سنڌي ادبي محفل هئي جنهن ۾ سنڌ جي سر موڙ شاعر امداد حسيني پنهنجي شاعري ٻڌائڻ سان گڏ سنڌي ٻولي کي درپيش خطرن بابت پڻ پنهنجي خيالن کان آگاھ ڪيو. سنڌي شاعري جي حوالي سان گزريل رات پڻ هڪ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ امداد حسيني، پروفيسر سحر امداد ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سردار شاھ ايم پي اي ۽ ٻين شاعري ٻڌائي.

هن ڪنوينشن جي ٻين رات عظيم صوفي راڳي جمال دين فقير لاءِ هئي جنهن صبح تائين صوفي ڪلام ٻڌائي روح کي گرمايو، ان محفل جي ڪمپيئرنگ ٽورانٽو جي اديب ڊاڪٽر راشد پيرزادو ۽ بخشڻ مھراڻوي هلائي، جڏهن ته ڪئناڊا جي ٽورانٽو شهر، آمريڪا جي مختلف هنڌن تان آيل سنڌي ٻارڙن به ڪنوينشن جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن وچ ۾ ٽئبلو ۽ چٽا ڀيٽين جا پروگرام به ٿيا. اهڙي طرح ٽن ڏهاڙن جي شڪاگو ۾ مچايل ميلي بعد سمورا سنڌي سنڌ جي خدمت جا وچن، امن، پيار، سھپ ۽ ڀائيچاري کي عالمي سطح تي سنڌ جي روح مطابق ڦهلائڻ جا واعدا ڪري پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿيا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو