Home / بلوچستان / معدني وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بلوچستان جو نئون نسل!
above article banner

معدني وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بلوچستان جو نئون نسل!

Sanna Balochپاڪستان جي ڪا به اخبار کڻي ڏسو يا وري سوشل ميڊيا جون ويب سائيٽون ڏسندا ته توهان کي بلوچستان بابت ڪا نه ڪا خبر ضرور پڙهڻ لاءِ ملندي. لاپتا ماڻهو، چچريل لاش، 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول جي تعليمي سهولت کان محرومي، ٻارن ۽ مائرن جي موت ۾ واڌ سميت آئي ڏينهن هزاره برادري جي قتلام جي خبرن کانسواءِ ڪا خوشخبري توهان کي پڙهڻ لاءِ نه ملندي.

ڪير مڃي يا نه مڃي اسلام آباد جي عسڪري ۽ انتظامي بيوروڪريسي 1998ع ۾ پاڪستان جي محڪوم قومن جي تحريڪ ۽ ان کانپوءِ بلوچ، اسلام آباد ڇڪتاڻ جي بنيادي سببن کي منظر عام ۽ اخبارن سميت بحث مباحثي مان هٽائي ڇڏيو آهي. 2002 کانپوءِ اسان بلوچستان جي قدرتي وسيلن سون، چاندي، ٽامي، گيس، گوادر، ڍاڍر ۽ پنهنجي وسيع علائقي جي ترقي جي ڳالهه دليلن سان ڪندا هئاسين ليڪن اڄ سگهارين ڌرين اسان جو ڌيان چچريل لاشن، لاپتا ماڻهن، مذهبي انتهاپسندي، ڏوهاري ماڻهن جي نشونما، امن امان جهڙن موضوعن ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. اڄ پاڪستان سميت ڪيترائي عالمي لکاري بلوچستان ۾ خونريزي ۽ بدامني تي لکن ٿا ليڪن ڪو به جديد انداز ۾ ان سموري گڙٻڙ، بي چيني ۽ بي اطميناني جا حقيقي سبب بيان ڪرڻ جي تڪليف نٿو ڪري ۽ ڪو ڪري به نه سگهندو. جيڪڏهن توهان پاڪستان ۾ رهندڙ صحافي آهيو ته توهان کي حامد مير وانگر عبرت جو نشان بڻايو ويندو. جيڪڏهن بلوچ صحافي آهيو ته توهانکي سچ لکڻ جي سزا توهان جو چچريل لاش توهانجي گهر وارن کي موڪلڻ جي صورت ۾ ڏني ويندي. جيڪڏهن سفارتڪارن ۽ عالمي ميڊيا کي بلوچستان جي زلزلي سٽيلن ۽ ڏڪار سبب مرندڙ بلوچن جي مدد کان روڪي سگهجي ٿو ته بلوچستان ۾ بک ۽ بدحالي سبب مرندڙن ۽ 70 سيڪڙو اسڪول کان محروم ٻارن سميت بلوچستان جي دولت جي چين ۽ پاڪستاني ڪمپنين هٿان استحصال جي خبر کي ڪيئن نشر ٿيڻ ڏنو ويندو.

خير ڇڏيو، اچون ٿا اصل موضوع ڏانهن، اصل ڳالهه اها آهي ته بلوچستان بلڪه دنيا جي سڀ کان وڏي سون ۽ ٽامي جي ذخيرن مان هڪ، ريڪوڊڪ جي وڪري لاءِ پئرس، لنڊن، اسلام آباد، بيجنگ سميت سمورين عالمي راڄڌانين ۾ هلچل متل آهي. بلوچستان جو وڏو وزير صوبائي اسيمبليءَ ۾ تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ تسليون ڏيندو آهي ته بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ وسيلن تي سوديبازي نه ڪندو.

ليڪن اسان جهڙا بي چين بلوچ مطمئن ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. ڀلا اسان مطمئن به ڇو ٿيون. آءُ بلوچستان جي ان ٽئين نسل جو سياسي نمائندو آهيان، جنهن اسلام آباد ۾ بلوچن لاءِ رڳو نفرت ڏٺي ۽ بندوق کانسواءِ ڪو به مثبت رد عمل نه ڏنو آهي. پاڪستان جي شروعاتي اڳواڻن خان آف قلات کي دوکو ڏنو… ان کانپوءِ وري نواب نوروز خان سندن ڪوڙين تسلين ۽ قرآني واعدن جي چڪر ۾ اچي ويو. ان کانپوءِ نواب اڪبر بگٽي ۽ اسان سڀ ڳالهين جي ميز تي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ استحصال بابت انگ اکر پيش ڪندا رهياسين. ليڪن ان جي موٽ ۾ ڳالهين دوران F-16 جهاز ۽ ٽينڪون ڊيرا بگٽي ۽ باقي بلوچستان ۾ ماڻهو مارڻ ۽ گهر ڊاهڻ ۾ جُنبي ويون. خير آءُ رڳو اهو ٿو چاهيان ته ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ بلوچستان جي هاڻوڪي حڪومت جيڪا اسلام آباد جي مرهون منت آهي. اها پنهنجي هڪ پير تي بيٺل آهي-جيڪڏهن اها بلوچن جي گم ٿيل دولت ۽ ڦرلٽ ڪيل دولت اسلام آباد ۽ چين جي ڪمپني کان واپس وٺي سگهي ته کيس ريڪوڊڪ جي عالمي سطح تي ٽينڊر وسيلي نيلامي جو حق ڏئي سگهجي ٿو. ليڪن اهي جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪن لاٽار کان ڪم وٺن ته پوءِ بلوچستان لاءِ جدوجهد ڪندڙ قوتون هڪ ٿي بلوچن جي آخري دولت کي اسلام آباد ۽ ان جي ساٺڙين ڳانڍڙين کان بچائڻو پوندو.

بلوچستان جي لٽيل نسلن کي تعليم، روزگار، صحت، عزت نفس ۽ پنهنجي مادر وطن ۾ چين ۽ سڪون سان رهڻ جو جيڪو حق کسيو ويو آهي، اهو ته ڪو به واپس نٿو ڪر ي سگهي. اچو ته آءُ توهانکي مختصر ٻڌايان، اسانجي ڦريل لٽيل دولت ڪنهن وٽ ۽ ڪيتري آهي؟

بلوچستان مان گيس 1952ع ۾ لڌي. 1990ع تائين سنڌ ۾ گئس دريافت ٿيڻ کان اڳ، بلوچستان پاڪستان جي گئس جون 90 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪندو هو، ڇو ته هن وقت به گئس جي کوهن تي پاڪستاني ڪمپنين جو راڄ آهي ۽ بندوق بردار ڪمانڊوز مقرر آهن. ڪير به اها جرئت نٿو ڪري سگهي ته گئس جي وڃڻ ۽ سپلاءِ جو سيڪڙو ڪڍي سگهي يعني بلوچستان حڪومت کي اها به خبر ناهي ته بلوچستان مان ڪيترا سيڪڙو گئس حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪيترا سيڪڙو گئس ٻين صوبن کي منتقل ڪئي وڃي ٿي. باقي اسلام آباد وارن چواڻي بلوچستان جي گئس سپلاءِ گهٽجي 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن کي آءُ پاڻ به ڪنهن عالمي تحقيقاتي اداري جي سربراهي ۾ مانيٽرنگ کانسواءِ تسليم نٿو ڪريان.

مختصر اهو ته 1952ع ۾ نڪرندڙ گئس جي ڪُل ماليت 2013 تائين جيڪڏهن 60 سيڪڙو پئداوار جا هنيا وڃن ته گذريل 60 ورهين ۾ ڇهه هزار ارب ماليت جي گئس بلوچستان مان ڪڍي وئي آهي. واضح رهي ته گئس جي قيمت عالمي منڊي ۾ هن وقت 3.60 ڊالرز يعني هڪ مڪعب فوٽ جي قيمت 360 روپيا، جڏهن ته بلوچستان کان هن وقت پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ ۽ اسلام آباد فقط 55 روپيا في مڪعب فوٽ جي حساب سان گئس کڻي وڃن ٿا ۽ اها رقم به بلوچستان کي نٿي ملي. بلڪه 55 روپين جو به 12.5 سيڪڙو رائلٽي جي مد ۾ بلوچستان کي ملي ٿو ۽ باقي سڀ اسلام آباد ۽ ڪمپني جي خزاني ۾ وڃي ٿو. شايد توهان يقين نه ڪريو جيڪڏهن 1952ع کان گيس جي رقم منصفاڻين بنيادن تي ادا ڪئي وڃي ها ۽ اها رقم فقط تعليم تي خرچ ٿئي ها ته اڄ بلوچستان ۾ تعليم جي شرح 100 سيڪڙو هجي ها. تعليم يافته نوجوانن جي صلاحيتن مان حاصل ٿيندڙ سالياني آمدني 900 ارب روپين جي لڳ ڀڳ ٿئي ها ليڪن بلوچستان جو عوام سعودي عرب، قطر ۽ ترقي يافته ملڪن کان به اڳتي نڪري چڪو هجي ها.

چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسلام آباد نه رڳو اسان کي پنهنجي وسيلن کان محروم ڪيو ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ فائدن کان پري رکيو بلڪه ڇهه هزار ارب روپين کان محروم رکڻ سان گڏ اسلام آباد اسان جي نسلن، مستقبل ۽ ماضي کي به بي درديءَ سان لٽيو آهي.

جيڪڏهن ڦرلٽ رڳو دولت ۽ وسيلن جي هجي ها ته اسان ان تي ايترا پريشان نه ٿيون ها ليڪن منظم انداز ۾ اسانجي دولت سان گڏ اسلام آباد اسان کان اسانجي دائمي خوشحالي ۽ مستقبل جي نسلن کي لٽي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.

15-Nov-2014   42

اچو ته هڪ نظر چاغي تي وجهون. اسان سڀ سينڊڪ منصوبي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهياسين. اسان 1997ع کان 1999ع جي آخر تائين اسيمبلين ۾ سينڊڪ منصوبو هلائڻ، چاغي ۾ تعليم ۽ تربيت، خاص طور معدني وسيلن بابت تعليم ڏيندڙ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جون اپيلون ڪندا رهياسين. ليڪن جمهوري دورن ۾ شفاف طريقي سان نه ته سينڊڪ جو عالمي سطح تي ٽينڊر ڪيو ويو نه وري اتي تعليم ۽ تربيت جا مرڪز قائم ڪيا ويا بلڪه جنرل مشرف ۽ ان جي ڪارندن اندروني طرح ساز باز ۽ رشوت وٺي سينڊڪ چين جي ڪمپني MCC حوالي ڪري ڇڏيو. گڏوگڏ اهو به واعدو ڪيو ويو ته فرنٽيئر ڪور جي خصوصي پلاٽون سندن ڦرلٽ کي تحفظ ڏيندي. 2002ع کان اڄ ڏينهن تائين سينڊڪ مان 22 سو ارب ڊالر يعني 2 هزار 2 سو ارب روپين جو سون ۽ ٽامو ڪڍيو ويو. جيڪڏهن ان رقم جو هڪ سيڪڙو به چاغي جي عوام يا علائقي تي خرچ ڪيو وڃي ها ته اڄ چاغي ۽ پئرس ۽ لنڊن نه تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ دبئي جهڙو بڻجي چڪو هجي ها. سينڊڪ جي فائدن مان هزارين شاگرد اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهن ها، علائقي ۾ معدني تعليم جي يونيورسٽي قائم ٿي پئي سگهي. پندرهن ويهه کن اعليٰ تعليمي ادارا ۽ اسڪول کلي پئي سگهيا. ليڪن افسوس جو اڄ سينڊڪ کي چين جي ڪمپني ۽ ان جي مشينري دوزخي کوهه ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جنهن سينڊڪ جي عمر 36 سال هئي، ان کي بنا ڪنهن عالمي طور ماحولياتي ۽ فني ماهرن جي مشاهدي کانسواءِ چين جي ڪمپني 12 سالن ۾ ختم ڪري ڇڏيو آهي. استحصال جي ايتري بدصورت شڪل دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه آهي. آءُ هن وقت آفريقا جي سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ تڪرارن جو شڪار ملڪ جو آئين ٺاهي رهيو آهيان. ايترو بدصورت ۽ جارحاڻو استحصال هتي به ڏسڻ لاءِ نٿو ملي. ليڪن اڄ اسان جي نڪ هيٺان جارحاڻي استحصال کانپوءِ به اسانجا دوست اهو چوندي نٿا ٿڪجن ته اسان ساحلي پٽي ۽ وسيلن جو هر حال ۾ بچاءُ ڪنداسين.

آءُ وڌيڪ گنڀير انگن اکرن تي ٻڌل ليک لکڻ نٿو چاهيان، ليڪن هڪ اپيل ڪريان ٿو بلوچستان جي نوجوانن کي ۽ سڀني محاذن تي سرگرم جماعتن ۽ تنظيمن کي ته خدارا ريڪوڊڪ کي پئرس ۽ لنڊن ۾ ڀڳڙن مُٺ تي وڪرو ڪندڙن جو احتساب ضرور ڪريو ۽ ان سڄي عمل کي روڪڻ لاءِ متحد ٿي وڃو. هاڻوڪي صوبائي حڪومت اسانجي لٽيل نسلن ۽ ڦرلٽ ڪيل گذريل دولت جو 25 سيڪڙو به اسلام آباد ۽ چين جي ڪمپني کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته اسان کيس ريڪوڊڪ ۽ پنهنجي نسلن جو اختيار ڏئي ڇڏينداسين. جيڪڏهن اهي ان ڪم ۾ ناڪام ٿين ٿا ته خدارا اسانجي نسلن جي جمع پونجي کي هڪ ڀيرو وري عالمي منڊين ۾ ڀڳڙن مٺ تي کپائڻ ۾ حصيدار نه بڻجن.

ليکڪ اڳوڻو سينيٽر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو