Home / اسپيشل افيئر / مکي، جيڪا هاڻ حُرن جي نه رهي آهي!
above article banner

مکي، جيڪا هاڻ حُرن جي نه رهي آهي!

Ustad Nizamariمکي ڍنڍ يا مکي ٻيلي جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي نه صرف حُرن جي ويڙه حُر گوريلا جنگ جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو پر ان سان گڏوگڏ لعل چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو پهريون سنڌي افسانو حُرمکيءَ جا به ذهن ۾ اچي ٿو. مکي جيڪا حُرمزاحمت جو مرڪز هُئي، جتي جا گهاٽا ٻيلا پاڻيءَ جون کاريون مٺيون ڍنڍون، ناري جا وهڪرا اتان جو فانا فلورا تي نه صرف انگريز عملدارن رپورٽون ۽ خط لکيا (مسٽر جيمس ڊپٽي يعقوب ) سنڌ گزيٽيئر ۾ احوال ڏنا پر انهي مکيءَ جي سماجيات تي سنڌي اديبن خاص طور سانگهڙ جي ليکڪن اسحاق مڱريو، نواز ڪنڀر، امرلغاري، مجيد مڱريو، رسول بخش ملاح، منظور ملاح، کان ويندي ٻين نوجوان اديبن تائين مکي۽ جي ناسٽيلجيا جو شڪار ٿي مکيءَ جي بربادي تي ڳوڙها به ڳاڙيا آهن. انکان سواءِ انهي مکي تي الهورائي بهڻ جو مضمون “مکيءَ کان موڪلاڻي” ڄڻ مکي جي بربادي جو آخري نثري مرثيو هو. جڏهن چوٽياريون ڊيم ٿي ٺهيو تڏهن لکيائون،

”مکي جيڪا سانگهڙ واسين لاءِ خوشحالي جو مثال هُئي، ان کي جيڪڏهن ڪنهن مٺو ٿي گهريو ته اهو صرف انگريز هو، جنهن جي دل تي مکي داغ وانگر هُئي، ڇاڪاڻ ته مکيءَ جو ٻيلو مکيءَ جو ڀٽون، ڍنڍون، اهي سڀيئي حُرتحريڪ جي ويڙهاڪن لاءِ وڏي پردي ۽ پناه جي برابر هيون، شايد انگريز هتي سندن پوئلڳن کي وصيت ڪري ويو هو ته هُو ان مکي کي مٽائي ڇڏين.“(جهونگار نومبر 1999ع)

ڪجهه ڏينهن اڳ معمول جي وزٽ تي مکيءَ جي ماڻهو مکيءَ جي سماجيات تي لکندڙ ليکڪ منظور ملاح سان گڏ مکيءَ جي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ ٿيو، ان کان اڳ ٻه سال مان سرڪاري ڪم سانگي انهي مکيءَ جي ڳوٺن ۾ گهمندو رهيس. هاڻ جڏهن مان ويهي مکيءَ جي نقشي کي سامهون ٿو ڏسان پنهنجا پنڌ ٿو ساريان ته مان ان نتيجي تي پُهتو آهيان ته، نه اُها مکي رهي آهي نه ئي ڪلچر، نه ئي اُهو فڪر رهيو آهي. نه ئي اُهو تمدن جنهن تي اسان جا ليکڪ دوست قلم کڻندا رهيا آهن. نه ئي اهو لوڪ گيت هاڻ گونجي ٿو، ” ناري جي مڇي جهينگو، ناري جا پلاا“

مکي جتي ڪنهن دور ۾ دريا بادشاه جو ڦاٽ نارو اڇڙي ٿر جي ڀٽن جي اُڃ اُجهائيندو، ڍنڍن ڍورن کي ڀريندو اڳتي وڌي ويندو هو، اُها مکي پنهنجي ساون سرن وڻن، فصلن، ڳوٺن جي منظرن سان واقعي خوبصورت لڳندي هئي، انهي مکي جي گهرن اندر، جهڳين ۾ جيڪا دونهي دکي رهي آهي، جيڪا تصوير بڻجي رهي آهي شايد اسان جي ڪيمرائن جي فليش لائٽ انهن منظرن تي نه پئي آهي. مان جڏهن مکيءَ جي ڳوٺن جوسفر ڪندو منڍ جمڙائو جي پُل تي اچي بيٺس تڏهن مُنهنجي سامهون مکي ۾ آباد پنجابين، پٺاڻن جا اهي 100 سو چڪ (ڌارين جون ڪالونيون) مُنهنجي سامهون اچي ويون. جتي نه صرف شاندار اسڪول، ڊسپينسريون، روڊ رستا، زندگي جي ضرورت جون سڀ سهولتون موجود آهن ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن سنڌين جي ڳوٺن کي ٿا ڏسون ته نه ڪو چڱڙو اسڪول يا عمارت آهي، نه ئي ڪي ڊسپينسرين يا روڊ رستن جي بهتر سهولت، مُنهنجو مقصد ڪو سنڌين ۽ غير سنڌين جي معاشي سماجي ڀيٽا ڪرڻ ڪون آهي پر انهي مکي کي جيڪا انگريزن جي دور ۾ پلاننگ ٿي هُئي ته ان جو وجود فڪري، تهذيبي طور تبديل ڪيو وڃي. اهو تبديلي جو عمل آخري مرحلن ۾ آهي باقي ڪسر به نڪرڻ واري آهي. مکي جيڪا انگريزن جي دور يا ان کان اڳ حُرن جو مرڪز هُئي، جتي مالوندن جو پنهنجو ڪلچر، پنهنجو فڪر هو، خوشحالي جا پنهنجا داستان هُئا، اُها مکي جنهن لاءِ ڀٽائي لکيو آهي،

15-Nov-2014   53

پره جو پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،

مکڻ ڀري هٿڙا سنگهاريون سايون

ساري ڏهن سامهون ٻولايون رانيون

ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُهن پانهنجي،

اها مکي هاڻ فڪري طور ڪنهن جو مرڪز آهي ان جو جواب اوهان کي مکيءَ جي ڳوٺن ۾ موجود عام ماڻهن سان ڪچهري ڪندي ملي ويندو. ان مکي کي وڏي پلاننگ سان ختم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه اسان جي پنهنجن جو به ڪردار آهي. مکي کي پهريون ڀيرو تبديل ڪرڻ جو خيال انگريزن کي تڏهن آيو، جڏهن انگريز عملدارن جي زيادتين خلاف 1860ع ڌاري حُرمزاحمت جي شروعات ٿي، جنهن اڳتي هلي انگريز خلاف دريا خان نظاماڻي، پيربخش وساڻ (پيرو وزير) بچل خاصخيلي (بچو بادشا) جهڙن ارڏن هٿيار بند گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي، جيڪي مکيءَ جا مالوند ۽ ڀاڳيا ماڻهو هُئا. انگريزن اها پلاننگ ڪئي ته نه صرف مکي کي حرن کان خالي ڪرايو وڃي بلڪه هتي ڌاريا آڻي آباد ڪجن، ان کان سواءِ حُرن جي عقيدن، ۽ مذهبي سوچ کي ڦيرائڻ جو عمل به ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سرجيمس 1896ع واري خط ۾ لکيو ته حُرن جي ڪردار ۾ حد کان وڌيڪ مضبوط مذهپي چريائپ وارو عنصر آهي. The Hur have a strong religio_fentic element in their character,

انگريز عملدارن جي سوچ مطابق انهي مذهبي چريائپ واري عنصر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه مولوي به ڀرتي ڪيا ويا ويا جيڪي اچي حُرن کي اسلام جو سبق سيکاريندا هُئا، جن جو پهريون حملو مقامي ماڻهن جي صوفيانه عقيدن تي هوندو هو اهڙا مولوي حُرن هٿان مارجي به ويا.

ٻيو طريقو اهو اختيار ڪيو ويو جو حُرن کي ڳوٺن مان بي دخل ڪري اچي حُرڪئمپن ۾ سلهاڙيائون، مُحمد عمر چنڊ سنڌ ۾ لوڙهن پوڻ جي پسمنظر ۾ تفصيل سان احوال لکيو آهي، سڀ کان پهريان 1895ع ۾ پهريون لوڙهو يا ڪئمپ جانب جي ڍوري ۾ قائم ڪري حُرن کي سلهاڙيائون، سردار يعقوب ان وقت ايڪٽنگ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ هڪ تفصيلي خط ڪمشنر سنڌ کي لکيو. ته گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار حُرن کي ڳوٺن مان ڪڍي انهن سيٽلمينٽس ۾ آڻي رهائجي. اپريل 1900ع ۾ قانون پاس ڪري حُرن کي پندرنهن لوڙهن ۾ قيد ڪرڻ جي رٿ رٿي وئي. اهڙي نموني حُرن خلاف ملٽري آپريشن شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ مکي سانگهڙ جي ٻين ڳوٺن سميت مکي جي علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ باهيون ڏيئي ساڙيا ويا، ان جي نتيجي ۾ نه صرف مکي مان ماڻهو دربدر ٿيا، ان سان گڏوگڏ هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال به مري ويو، ڪو چوري ٿي ويو. ٻيو نقصان ۽ تبديلي اها ڪيائون جو سنڌ کان ٻاهريان ڌاريا ماڻهو آڻي اچي مکي ۾ آباد ڪيائون ۽ حرن جي لکين ايڪڙ زمين ضبط ڪري انهن ڌارين جي حوالي ڪيائون، جنهن جو مثال بلوچستان مان بگٽي، بڙدي ۽ ٻيا قبيلا هُئا جن مان شهباز خان بگٽي کي پنج هزار ايڪڙ زمين ڏني وئي جنهن اچي مکي ايريا ۾ بگٽي اسٽيٽ ٺاهي. اتي قبائلي ڪلچر متعارف ڪرايو. ان بعد مکيءَ جي جهنگلن کي صاف ڪري رٽائر فوجين کي ٻنيون ڏنيون ويون سرڪاري خرچ تي انهن کي زمينون سنوت ڪري ڏنيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ اڄ لکن جي تعداد ۾ اهي ڌاريا (پنجابي، پٺاڻ) هر سهولت سان آباد آهن ۽ هر حڪومت کان سهولتون به وٺندا رهيا آهن. مکي جتي گهاٽا جهنگ ٻيلا هُئا هاڻي اُتي چڪ ڳوٺ آباد آهن انهن جي گهرن ۾ ٻولي ئي ٻي آهي. اهي ماڻهو تعليم ۾ نوڪرين، ڪاروبار ، سوچ ۾ مقامي ماڻهن کان گهڻو اڳتي ۽ معاشي طور وڌيڪ مظبوط آهن، اسان جي سنڌ جون سياسي پارٽيون به انهن کي اسيمبلي جون ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ مجبور آهن ڇاڪاڻ ته نه هي ڪي ڪنهن شخصيت پرستي جو شڪار آهن نه ئي اهي ڪنهن پير جي مڃن ٿا. اهي حساب ڪتاب ان مهل ئي ٻولائي وٺندا آهن. ٻيو مکي کي ختم ڪرڻ لاءِ چوٽياريون ڊيم ٺاهيو ويو جنهن جي مخالفت ۾ مقامي ليکڪن وڏو احتجاج ڪيو، مکي تي مرثيه لکيا پر جيڪي ٿيڻو هو ٿي ويو.

انهي صوفياڻي ڌرتي تي جيڪا هڪ نئين تبديلي مون محسوس ڪئي آهي سا ڌيان طلب آهي، مکيءَ جا ماڻهو جيڪي گهڻي ڀاڱي اتي رهن پيا سندن حالت ڪا چڱي نه آهي نتيجي طور ويچارا مايوسي مان ڪيترن ئي براين جو شڪار آهن. اهڙي حالت وارن انهن ڳوٺن ۾ هاڻي وڏي تعداد ۾ مولانه صاحبان به مهمان بڻجي آيل آهن، جن اچي نه صرف تبليغ ڪئي پر ڳوٺاڻن چواڻي ديني پرورش لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو اٿن، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڳوٺن ۾ نيون مسجدون، نوان مدرسا ۽ مڪتب موجود آهن. اها سوچ تبديل ڪرڻ واري عمل ۾ انگريزن جا پگهاردار مولوي ته ڪامياب ڪون ويا پر هاڻوڪا حضرات پنهنجي محنت سان مکي ۾ پٿاريون ڪيو ويٺا آهن. معاشي طور ڪمزور ۽ اسڪولن جي بهتر حالت نه هئڻ ڪري مجبور مکيءَ جي ماڻهن لاءِ اهي مدرسا وڏيون پناه گاهون ثابت ٿيا آهن، جتي انهن جي ٻارن کي مفت جي ماني، رهائش ۽ ڪپڙو ملي ٿو، اهڙين شاندار مسجدن، مدرسن لاءِ فنڊ ڪٿان ٿا اچن، انهن تي مقامي طور کوڙ قصا ۽ ڳالهيون آهن. جيڪي وري انهي فڪر جي مولوين کان الڳ جيڪي بريلوي سوچ وارا چئجي سي مقامي ماڻهو نهايت ئي سادگي سان چون ٿا، ”سائين سعودي عرب، ڪويت جو پئسو آهي، ٻيو وري مقامي ماڻهو به دين جي خدمت طور صدقه جاريه جي فلسفي مطابق به تمام گهڻو پئسو ڏين ٿا.“

ڪجهه مدرسن ۾ مُنهنجو به وڃڻ ٿيو، جتي جون سهولتون ۽ آرائش ڏسي مان پاڻ حيران ٿي ويس، وڏن وارن واري هڪڙي صحتمند نوجوان سنڌي ڳالهائيندڙ مولوي کان مون پڇيو، ته توهان هتي انسانيت جي ڪهڙي خدمت پيا ڪريو؟ مولوي صاحب ٻُڌايو، ته هتي سنڌي ماڻهن ۾ تمام گهڻيون بدعتون آهن، اسان انهن کي صحيح اسلامي تعليم، ۽ جهاد جي فڪر کان روشناس ڪرايو آهي، اُهي ماڻهو جيڪي سدائين مقبرن، قبرن جي ڀر ليٽيا پيا هوندا هُئا، اُهي هاڻ انهن بدعتن کان پري ٿي ويا آهن. هيل اسان جي محنت سان سوين ماڻهو پنهنجي خرچ تي رائيونڊ جي اجتماع تي پيا وڃن. اهو مولوي جيڪو پاڻ سنڌ کان ٻاهر ڪنهن مدرسي مان پڙهي آيو هو، تنهن وڌيڪ چيو، سائين هتي ته ماڻهن کي اسلامي تعليم جي ڄاڻ ئي ڪونهي اسان انهن کي گهڻو اسلامي فلسفي کان آگاه ڪيو آهي.

مولوي صاحب جيڪي چيو پئي سچ چيو پئي، انهن ڳوٺن ۾ جيڪا فڪري، مذهبي سوچ اڀري پئي، انهي سوچ ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۾ به وڏي تبديلي آندي آهي. انهن عالمن جو گهڻو زور سنڌي ڳوٺن تي آهي جتي ماڻهن جي غُربت ذهني پسماندگي، سندن آڌر ڀاءُ لاءِ هر وقت موجود آهي. هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها پڻ محسوس ٿي اڄ به جتي حُرجماعت جي ماڻهن جا ڳوٺ آهن انهن ڳوٺن ۾ هي حضرات پنهنجا قدم ڄمائي نه سگهيا آهن نه ئي انهن جي تبليغ جو ڪو اثر ٿيو آهي.

مان جڏهن واپس مکي مان قيوم آباد جي چونڪ کان پئي گُذريس ته مون ڏٺو انهي چونڪ تي ٺهيل هڪ معزز سياسي هستي جي تصوير جي چهري تي ڪنهن ڪارو رنگ هڻي ڇڏيو هو، ان کي به وقت گُذري ويو آهي ايندڙ ويندڙ مسافر ان تصوير کي ڏسي حيرت جو اظهار ڪري ٿو جنهن مان هتي اهو سبق ملي ٿو ته مکي نه صرف مذهبي، ثقافتي، روحاني، تبديلي جي لهر هيٺ آهي. پر ڪنهن ڳُجهي قوت اڳيان بي وس پڻ آهي.

مان جنهن وقت واپس وريس پئي مکيءَ جي ڌنارن، هارين، اتي موجود ڪکن، ڪانن، سرن ۽ پن کي باه ڏيئي ڇڏي هُئي، جنهن جو ڪارو دونهون آڪاش جي اونچاين تائين بُلند ٿيندو ٿي ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو