Home / ويندي ويندي / هڪ گوسڙو، مٿان ماسترسو به صحافي، وٺوس!
above article banner

هڪ گوسڙو، مٿان ماسترسو به صحافي، وٺوس!

جي ڏسجي ته گوسڙو ماستر سنڌ جي تعليم لاءِ وڏي مصيبت بڻيل رهيا آهن. گوسڙو اکر پاڻ سندن عادتن جي تشريح ڪري ٿو، وڌيڪ ڇا لکجي. گهڻا سال اڳ ڪامريڊ غلام رسول سهتي کي سنڌ اخبار هلائيندي هڪ آئيڊيا آيو هو ته گوسڙو ماسترن کي هڪ خط پوسٽ ڪجي. خط ۾ صرف هڪ پنو پيل هجي جنهن تي ڀونڊو ٺهيل هجي. گوسڙو ماستر جڏهن خط کولي ته هڪ عدد ڀونڊو سندس منهن مبارڪ تي ڇاپجي وڃي. ڪامريڊ تن ڏينهن ۾ ڪُجهه وقت اها مهم هلائي به سهي پر پوءِ زماني جي ٻين خفن سبب اها ڳالهه اتي ئي رهي.

هاڻ سوشل ميڊيا جو زمانو آهي. ڪير ٿو ايڊيٽر جو ليکڪ جي پيش ڪيل راءِ سان متفق ٿيڻ جو انتظار ڪري؟ جنهن کي جتان اچي، جيڪو اچي، جيڪو وڻي سو لکي ڇڏي. نه ڪا جهل نه ڪا پل. سنڌ جي بگڙيل تعليم جو فڪر ته هر سنڌي کي آهي. ان تي سالن کان بحث به ٿيندا اچن پر ان کي ٺيڪ ڪيئن ڪجي ان تي کوڙ رايا ايندا رهيا. ڪو چوي ته سرڪاري اسڪول هلائڻ حڪومت جي ذميواري آهي سو حڪومت اهو ڪم ڪري. ڪو چوي ته ماڻهو پاڻ اک پٽن ، پنهنجي اسڪولن جي مالڪي ڪن ته مجال آ جو سرڪار اسڪولن کي اوطاقن ۽ ڀانڊن ۾ تبديل ڪري سگهي. 15-Nov-2014   58

بحرحال، اهي لاحاصل بحث اڻ کٽ رهيا تان جو فيس بوڪ جو زمانو اچي ويو. استاد لياقت ميراڻي تعليم کاتي جي ڪارين رڍن خاص طور تي گوسڙو ماسترن جا فوٽو پنهنجي وال تي رکي سندن پول کولڻ شروع ڪيا. سندس ڏسندي ڏسندي کوڙ رئونشي ڪوڏيا ان مفت جي هيرو بڻجڻ جي خفت ۾ ڪاهي پيا. اهي ماڻهو جن تا عمر گهوسٽ روح سان حياتي گذاري سي به گهوسٽ ماسترن پٺيان ڪاهي پيا. گذريل ٻن ٽن هفتن ۾ ايترا ته پٽڪا لٿا آهن جو هاڻ ماڻهن کي پنهنجي مٿي تي رکيل پٽڪو به اوپرو ٿو لڳي جو ڪڏهن به ڪنهن فيس بوڪ ريمبو جي هٿ لڳي سگهي ٿو. هڪڙي ريمبو ته علي ال اعلان لکي ڇڏيو ته کيس اسلام آباد ۾ رهندي وردي وارن جي طاقت جي آشيرواد هٿ اچي وئي آهي سو ڪو به ساڻس گڙگڙ نه ڪري نه ته هو کين استعمال ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو.

“افيئر” جي مٿي تي هڪ ته پٽڪو ڪونهي، صفا مٿي ۽ پيرين اگهاڙا. پر جيڪا ٿوري گهڻي مٿي تي پوتي هئي سا به لاهڻ لاءِ کوڙ ساريون ڍينگريون اسان ڏي به اڇلايون ويون. ياد ڪرڻ ۽ ان لائق سمجهڻ تي سندن ٿورا. پر اسان پارا سوين ماڻهو ۽ ادار جن مٿان بنا پڇا ڳاڇا جي، توبون ڇوڙيون ويون. جنهن کي جنهن جو به ٻوٿ نه ٿي وڻيو ان جو فوٽو هٿ ڪري سندس پٽڪو ڌوڙ ڪيو ويو. راڄن جون رڙيون ته بابا! اسان گوسڙو ناهيون، بلڪه ماستر ئي ناهيون. پر صفائي مڃڻي هجي ته مڃجي. هتي اندر جي باه مارڻي هئي سو، دشمن جي دانگي ڀڃي، کيس گهلي ڪٽهري ۾ آڻي هٿ ڪڍيا ويا. هاڻ ويٺو ترديدون ۽ صفايون پيش ڪري.

پر ان سوشل ميڊيائي مهم سان هڪڙي چڱائي ٿي ته گوسڙو صحافي ماستر معطل ٿيا. تعليم کاتي کين شو ڪاز نوٽيس موڪليا آهن. جن ٽي ، ساڍا ٽي سئو گوسڙو ماسترن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن سي گوسڙو ماستر آهن. سنڌ ۾ چاليهه هزار گوسڙو ماسترن جو انگ ٻڌايو وڃي پيو ۽ جيڪي ماستر گوسڙو ناهن سي به اسڪول محض “چانهن جي ڪپ” تي ڪچهري ڪرڻ ايندا آهن. تن ۾ هٿ ڪير وجهندو؟ يا هي مهم محض صحافي ماسترن لاءِ هئي؟

ان کان سواءِ تعليم کاتي ۾ انڌو ڊونرن جو ڏوڪڙ آهي جيڪو ماسترن جي ٽريننگ، ٻارن جي ڪتابن ڇپرائڻ، اسڪولن جي مرمت ڪرائڻ جي نالي ۾ حصا پتي ڪري کائي کپائبو آهي. هي جيڪي ضلعي تعليمي آفيسر ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز وانگر لکين رپيا ڀري پوسٽنگز وٺندا آهن سي خدمت خلق لاءِ ٿورئي پوسٽنگ وٺندا آهن. کين ان پوسٽ مان اوڳاڙي ڪري مٿي پهچائڻي هوندي آهي. جنهن ڏينهن تعليم کاتي جي وزير، سيڪريٽري، ڊائريڪٽرز وغيره جي چونڊ ميرٽ تي ٿيندي اهو ڏينهن سنڌ جي بگڙيل تعليم جي سڌاري جو پهريون ڏينهن هوندو.

باقي، جي هيانوَ جي باه مارڻي آهي سو ماري وٺو، سال ڇهه مهينا گذرڻ کان پوءِ وري ساڳيا لاٽون پنهنجي چُگهن سميت نروار هوندا. في الحال ته ماستر صبح جي ٽائيم تي ڏاري ڪٽي جي ڪاروبار يا پريس ڪلب ۾ گلائون ڪندي ٽائيم پاس ڪرڻ بجاءِ اسڪول ايندا، ۽ اها به وڏي ڳالهه هوندي، پر اها ڳالهه سنڌ جي تعليم جي بحالي لاءِ ايتري اهم ڪونه هوندي. اصل تعليم کاتي جي آفيسرشاهي وڏو ۽ بنيادي مسئلو آهي. سنڌ جا ڪٺور سياسي حڪمران تعليم کاتي جي تباهي جا اصل ذميوار آهن. سندن پُڇ تي لت رکو ته خبر پئجي ويندي ته مسئلي جي پاڙ ڪٿي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو