Home / ڪور افيئر / ٿر، جيڪو اختيار ڌڻين کي رڳو ڏڪار ۾ ياد پوي ٿو!
above article banner

ٿر، جيڪو اختيار ڌڻين کي رڳو ڏڪار ۾ ياد پوي ٿو!

Noor Ahmed Jinjheڀٽائي جڏهن مٿين سٽ لکي هوندي تڏهن يقينن کيس ڏڪار جي نالي ۾ ٿيندڙ هڻ هڻان، وٺ وٺان ۽ ڦرلٽ ضرور ذهن تي تري آئي هوندي ته سڪ ساليءَ دوران ڪيئن مصيبتون منهن ڪڍن ٿيون جن ۾ قدرتي آفتون به هونديون آهن ته ماڻهوءَ پاران پيدا ڪيل مصيبتون به ڪر کڻي نروار ٿينديون آهن. مٿيون بيت، سندس ان خيال جي منظر ڪشي ڪري ٿو.

ٿر جي موجوده ڏڪاري صورتحال جي پس منظر کي ڏسبو ته هِن وقت هلندڙ صورتحال اُن سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي. پهرين ڪڙي اڄ کان 6 مهينا کن اڳ ’بگهڙ ڙي بگهڙ‘ واري جعفر ٻڪرار واري رڙ جيان ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تان ڪرب ڀري ڪوڪ بڻجي تڏهن اُٿي هئي، جڏهن مختلف چئنلن جون ڇٽي لڳل ٽئنڪ نما گاڏيون مٺي شهر جي چونڪ تي ائين اچي بيٺيون هيون، جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي سدائين ٽئنڪون نظر اينديون آهن. اُها صورتحال جيئن خبرن جو موضوع بڻي ته هرهڪ ڌُر ٿر جهڙي ڏورانهين ڌرتيءَ تي ڪاهي اچي ڪڙڪي ۽ پنهنجا پنهنجا پروگرام ڪري، پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيئي وري ماڳ موٽي ويئي ۽ ائين ڇهه ماهي اڳ وارو ڏڪر لت کوڙي سُمهي پيو. اُن وقت به ٻارن ۾ ٿيندڙ موت کي تمام گهڻو بحث هيٺ آندو ويو هو ۽ ميڊيا ۾ ڇپجندڙ ابهم ٻارن جي مرڻينگ تصويرن انساني ڍال (human shield) جو ڪم ڏيکاريو ۽ مقامي حڪمرانن کان وٺي دوست ملڪن جي نمائندن ۽ سفيرن طور ڪم ڪندڙ تمام گهڻين شخصيتن ٿر اچڻ جي تڪليف ڪئي ۽ اُهي مارو ماڻهو کين ياد اچي ويا، جيڪي عام حالتن ۾ گهٽ ياد ايندا آهن. ٿر جي يادگيريءَ لاءِ ڏڪاري حالتن جو ٿيڻ يا ڪوئلي جي ذخيري متعلق ڪنهن نه ڪنهن موضوع جو اُٿڻ ضروري ٿي پيو آهي. عام رواجي حالتن ۾ ٿر کي جيڪو ڌيان گهربل آهي، اُهو به نٿو ملي تڏهن ته اهڙيون حالتون پيدا ٿين ٿيون. جنهن جي خبرن کي بنياد بڻائي صورتحال کي سلجهائڻ بدران ڏينهون ڏينهن منجهايو ۽ اينگهايو پيو وڃي. ٿري، مسڪين مارو ماڻهو ملوڪن پاران کيڏجندڙ انهي شڪار ۾ موت جو شڪار ٿي رهيا آهن، يعني سندن سون سريکو ۽ پنڻ ۽ پاپ کان ڪوهين ڏور ڪلچر تاراج ٿي رهيو آهي. جنهن جي موت تي هرهڪ حساس ماڻهوءَ کي تڪليف به آهي ته حيرت به. ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ غربت جي پراڻي تاريخ ۽ انهن قدرتي مصيبتن جي گهڻي وقت اچڻ جي باوجود ٿر پنهنجي ثقافتي حرمت کي بچايو آهي، يعني ٿر ۾ نه ته ڏوهه وڌي ويجهي سگهيو آهي نه پنڻ وغيره. حيرت ان تي آهي ته هرهڪ ڌر ٿر جي درد کي محسوس نٿي ڪري ۽ رڳو رليف رليف ۽ رليف ڏيئي، ٿري ماڻهوءَ جي مزاج کي خودداريءَ مان نيڪالي ڏياري پستي ۽ ذلت جي نه ختم ٿيندڙ عِلت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. هرهڪ ڌر مٺيءَ جهڙي نسبتاً خوشحال شهر ۾ پنهنجي موجودگي ڏيکاري، فوٽو ڪڍرائي هلي وڃي ٿي يا دسترخوان لڳائي ماڻهن کي مفت جي ماني تي هيرائي هلي وڃي ٿي ۽ ٿر لاءِ ڪي به جٽادار اُپاءَ نٿا ورتا وڃن. تڏهن ئي ته ڏڪار جي روڊميپ جي ٻي ڪڙي شروع ٿي آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون ڪڙيون اڃا هلن ۽ اُهي ڪيتريون ڪوڙيون ۽ ڪساريون هونديون تن جي هِن وقت ڪٿ نه ٿي ڪري سگهجي. ٻي ڪڙيءَ دوران به جيڪو وڏو معاملو مسلسل ميڊيا جي زينت بنيل آهي، اُهو سول اسپتال مٺي يا ٻين اسپتالن ۾ مرندڙ ننڍي عمر جي ابهم ٻارن جو موت آهي. هڪ خبر مطابق گذريل 11 مهينن ۾ 275 ٻار فوت ٿيا آهن يا وري هيءَ خبر ته گذريل 49 ڏينهن ۾ ٿيل 96 موتن ۾ 89 ٻار آهن. ٻارن جي موت جي خبر ائين هلي ٿي ته هيترا ٻار ڏڪاري صورتحال يا غذائي قلت جي ڪري فوت ٿي ويا يا سُرخي هلي ٿي ته اڄ فلاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ٻارڙو فوت ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت غذائي کوٽ ۾ مرندڙ ٻارن جو تعداد هيترو ٿي ويو آهي. خبرن جي ڀڙڪندڙ اها باهه ايترو ته تيز ۽ شديد آهي، جو ڪا به تصديق يا تحقيق ڪرڻ کانسواءِ ئي اخبارن ۾ اهو اِشو مسلسل رپورٽ ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف حڪومت سميت مختلف ادارا ۽ ڌريون رليف ورهائڻ يا رليف جون رٿائون ٺاهڻ ۾ مصرف آهن. ٿر ۾ اها صورتحال اصل صورت ۾ ڪيئن آهي يا اُن جي اصلي حقيقت ڇا آهي يا مسئلي جي شدت ڇا آهي ان بابت ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي.

هرهڪ نڪري پيو آهي ۽ اسپتالن جا يا ٻين امدادي ادارن جا دورا ڪيا پيا وڃن ۽ اهڙن دورن چڪاس ۽ نظرداريءَ جي عمل کي تيز ته ڪيو آهي، پر اُن سان گڏوگڏ روزمره جو ڪم ڪار به متاثر ٿئي ٿو يا اُهو ڪم ڪار ڪندڙ جيئن اسپتالن جو عملو وغيره آهي اُهي ڏاڍي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ اچي وڃن يا روينيو جا ڪامورا رليف جو ڪم ڇڏي VIP پروٽوڪول ۾ لڳي وڃن ٿا. هن قسم جي صورتحال کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ، سنڀالڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ته مسئلو وڌندو رهندو ۽ انهيءَ سيريل ڊرامي جون قسطن پٺيان قسطون اينديون رهنديون. ڇاڪاڻ ته هِن وقت اُهو عام روايتي ڏڪار ناهي جنهن لاءِ لفظ ڏڪار ٿر ۾ رائج ٿيو هو، جيتوڻيڪ ٿر ۾ ڏڪارن جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي رهي آهي. پر موجوده صورتحال گهڻ رُخي نظر اچي ٿي ۽ هڪڙو ڏڪار نه پر ڪيئي ’قحط ساليون‘ محسوس ٿو ٿئي، جيڪي خود هڪ پيچيده قحط سالي ۽ قحط الرجالي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. تنهنڪري اچو ته ڪجهه نظر ماضيءَ تي به وجهون ته گذريل زمانن ۾ قحط ساليءَ ڪهڙا ڪيس ڪيا ۽ اُنهن کي حڪومتن ڪيئن منهن ڏنو، ماڻهن ڪيئن منهن ڏنو يا ڀوڳيو. هِن وقت ته حڪومتن سان گڏوگڏ غير حڪومتي ادارا به سرگرم عمل آهن ۽ ماڻهن جي ڄاڻ جي سطح ۾، مواصلاتي وسيلن وڌڻ جي ڪري واڌارو به آيو آهي. انهيءَ موسمياتي تبديلي هتي سڄي صورتحال کي بدلائي وڌو آهي، جتي دنيا ۾ Climate Change سڄي ماحول تي ڇاپ ڇڏي آهي، اُتي ڪميونيڪيشن وري انساني راءِ جي ماحول به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.

ٿر ۾ جيڪي به وڏا مشهور ڏڪار پيا، تن ۾ ڇپنو (1899ع) ۽ ڇنوو (1939ع) جا ڏڪار آهن، ۽ اُنهن کي ڇپنو ۽ ڇنوو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ان وقت ننڍي کنڊ ۾ سنبت جو سن رائج هو ۽ ڇپنو سنبت 1856 ڇپن ۾ ۽ ڇنوو 1896سنبت ڇنوو ۾ ٿيو. انهن ڏڪارن کي ڪارا قحط چئي سگهجي ٿو، ڇو ته انهن ۾ سڀڪجهه سُڪي ٺوٺ ٿي ويو هو، ايتريقدر جو وڻن جون ڪاٺيون به سُڪي ويون هيون ۽ انهيءَ کان اڳ به جيڪي وڏا ڏڪار رهيا آهن، تن ۾ 1556ع، 1574ع، 1632ع، 1770ع، 1815ع، 1869ع، 1876ع، 1958ع، 1987ع، 1999ع، 3-2002ع جا ڏڪار آهن. انهن ڏڪارن کي ماڻهو ويچارا ڏٿ ڏونئرا کائي سور جو ساٽو ڪندا هئا ۽ پنهنجي اجهن ۾ آباد رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اهو غم گوندر به وڏي وٿ هو. بقول ڀٽائي:

ڪني ڪني ماڙهوئين، گوندر وڏي وٿ،

ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.

حڪومتي سطح تي برطانوي بيٺڪيت دوران اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ پهرين ڪميشن جنرل سر رچرڊ اسٽراچي جي اڳواڻي هيٺ 1880ع ۾ ٺهي. (پروفيسر مراد علي راهمون جو مضمون) جنهن ۾ ماڻهن کي امداد ڏيڻ ۽ ماڻهن جي گذران لاءِ ڪي اهڙا ڪم ڪار شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويئي ته جيئن ماڻهو ڏڪاري صورتحال مان مٿي نڪرن ۽ پاڻڀرا ٿي سگهن. ٻي ڪميشن 1898ع ۾ سر جيمس لائل جي سرواڻيءَ هيٺ مقرري ڪئي وئي ۽ ٽين ڪميشن 1900ع ۾ سر انٿوني مئڪڊونيل جي اڳواڻيءَ هيٺ قائم ڪئي ويئي، انهي ڪميشن ۾ به رليف جي ڪمن کانسواءِ مقامي وسيلن کي ڪتب آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته زرعي بئنڪ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪي ويئي آهي. اُن سان گڏوگڏ زراعت جي سڌريل طريقن جي ڳالهه پڻ ڪئي ويئي آهي.

15-Nov-2014   26

اهڙي طرح 1987ع واري ڏڪار جي اسيسمينٽ دوران جيڪا تحقيق عارف حسن ۽ ٻين پاران ڪئي ويئي تنهنجي نتيجي ۾ ٿرديپ پروجيڪٽ شروع ٿيو، جيڪو رليف پروجيڪٽ مان وڌي ويجهي رورل سپورٽ پروگرام تائين پهتو، ٻيا به ڪيترائي ادارا قائم ٿيا يا موقعو ڏسي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ آيا. ان کانپوءِ ڊزاسٽر جي انتظامڪاري لاءِ ادارا ٺاهيا ويا، جيڪي ملڪي سطح، صوبائي سح کان وٺي ضلعي سطح تائين موجود آهن. 2003ع ۾ مٺيءَ ۾ ميڊيا ۽ ضلعي حڪومت پاران سيمينار ڪيو ويو، جنهن ۾ به تمام سٺيون سفارشون مرتب ڪيون ويون هيون ۽ اُنهن مان ڪن تي عمل ٿيو ڪي اڃا به عملي شڪل جي انتظار ۾ آهن.

گذريل قسط دوران ڏڪار بابت هڪڙي ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن ۾ چونڊيل نمائندا، صحافي ۽ ٻين شعبن جا ماهر شامل آهن، جن ڏڪار جي مستقل حل لاءِ هڪ جامع پاليسي ۽ ٿر بابت ترقياتي اداري جي تجويز مرتب ڪئي، جيڪا اڃا دستور سازن جي آشيرواد جي منتظر آهي.

ڏڪار جي صورتحال انتهائي پيچيدي آهي. تنهن کي سمجهڻ لاءِ ڏڪار کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) موسمياتي ڏڪار، (2) زراعتي ڏڪار، (3) آبي ڏڪار، (4) سماجي اقتصادي ڏڪار.

ٿر ۾ جيڪا صورتحال آهي، اُها پيچيدي ۽ سڀني قسمن جي ڏڪارن جو گڏيل روپ آهي، يعني موسمياتي ڏڪار به آهي، ته زراعت جي ڪس ڪسر پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. آبي ڏڪار ته ٿر جو پهرئين نمبر جو ڏڪار آهي. هن وقت به هر ماڻهو ’پاڻي پاڻي‘ ڪندو نظر اچي ٿو.

باقي سماجي اقتصادي ڏڪار جي شدت ۽ صورتحال جاچڻ لاءِ انتهائي ڳوڙهي تحقيق جي ضرورت آهي، ڇو ته ٿرپارڪر جو 10 طبعي ڀاڱن (ڪَسُ، مُهراڻو، ونگو، سامروٽي، وٽ، ڪنٺو، پارڪر، ڍاٽ ۽ کائڙ ۽ رڻ ۾ ورهايل هيءُ ٻهڳڻ خطو اٽڪل 2400 ڳوٺن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اٽڪل 12 لک ماڻهو رهن ٿا. وسيلن سان مالامال هِن خطي ۾ باراني پوک کانپوءِ چوپايو مال گذران جو وڏو وسيلو آهي ۽ ٿر ۾ هڪ شخص وٽ اٽڪل 5 جانور آهن. 162 قسمن جا ٻوٽا ٻوٽيون گاهه ۽ وڻراهه موجود آهن. 9000 چورس ڪلوميٽرن جي ڌرتي هيٺان 175 بلين ٽن ڪوئلو موجود آهي. ڪارونجهر جبل جو گرينائيٽ ۽ پارڪر جي چيني مٽيءَ جا قيمتي ذخيرا به وڏو اثاثو آهن، ته ڏيپلي ۽ پارڪر جون لوڻ جون ڍنڍون به نفعو ڏيندڙ قدرتي دولت آهن. ثقافتي ورثي ۾ ته هيءُ خطو دنيا جو شاهوڪار ترين علائو آهي، جنهن ۾ جين ڌرم وارن جا ڏهرا، ميرن جا اڏايل گڍ، جوڳيءَ جي مڙهي، ڪانڌل ڪوٽ جو ٺڪراٺو ۽ مارئيءَ جو کوهه به ملڪان ملڪ مشهور آهن.

ايترو مالامال خطو ڪيئن ٿو اهڙي صورتحال جي ور چڙهي جو اُتان جا ٻار بکايل مائرن جي پيٽ مان اهڙي صورت ۾ پيدا ٿين ٿا، جو ابهم وهيءَ ۾ جهان ڇڏي ٿا وڃن، ڪيتريون ئي ڳورهاريون عورتون ويم دوران موت جي واڳونءَ جي ور چڙهي ٿيون وڃن. کائڙ واري پٽيءَ ۾ ڪئنسر جا وڌيڪ ڪيس ڇو ٿا دريافت ٿين؟ انيڪ انسان فلورائيڊ ۽ سنکيو مليل پاڻيءَ واپرائڻ وسيلي هڏن جي سنڌن جي بيمارين يا گردن جي گرد آلودگيءَ جو شڪار ٿي ڊائليسس تي هليا وڃن ٿا، جتان پوءِ آهستي آهستي موت کين ڳڙڪائي وٺي ٿو. بلا جي ڏنگجڻ جي علاج کانپوءِ واقعا گهٽيا آهن، پر اڃا به اها مصيبت موجود آهي. ڪيترن ئي انسانن کي پيئڻ جو صاف ۽ مِٺو پاڻي مُيسر ناهي، مِٺو پاڻي ته درڪنار پر ڪڙو پاڻي به ڇِڪ جي ڏينهن ۾ کُٽي وڃي ٿو، ڀٽائي جنهن خطي کي پائر سڏيو آهي، تنهن ۾ پاڻي زمين جي سطح کي ويجهو آهي ته کائڙ ۾ کوهه اونها آهن. زراعت صرف باراني آهي ۽ ڪي وڻ ٽڻ ته خطري هيٺ آهن يا ناپيد ٿي چڪا آهن. کاڌي ۾ روايتي ڏٿ ڏونئرن جي ڏوئي جو واپر اڄ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڀاڻ مليل ڀاڄيون مهانگي قيمتن تي خريدي کائڻ جي ريت رائج ٿي چڪي آهي. چانهه جو چسڪو به سرس ۽ سوايو آهي ته ڪٿي ٺري جي لعنت به سماج ۾ زهر ڦهلايو آهي. مال پڙين جي ڪري مال جو وڪرو وغيره آسان ٿيو آهي ته روڊن رستن ۽ گاڏين جي ججهائي چورن لاءِ به سهولت پيدا ڪئي آهي. هن خطي جي جٽادار حل لاءِ ضروري آهي ته هتان جي وسيلن کي ٿرين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻيندي اهڙيون رٿائون جوڙيون وڃن جو وقت به وقت ٿيندڙ ڏڪار محسوس ئي نه ٿين يا وري ڏڪارن جي نالي ۾ سياست نه ٿئي يا ڏڪارن جي مدد جو لبادو اوڍي ٿر جي پُر امن ماحول ۾ ڪي انتهاپسند ڌريون نه ڪاهي پون پوءِ اُهي مذهبي انتهاپسند هجن يا مارڪيٽ جا انتهاپسند.

انهيءَ لاءِ ڪجهه تجويزون عرض آهن:

ٿر جي گهڻ رخي ۽ ٻهڳڻ ڌرتي، ماحول، آبهوا، قدرتي وسيلن، ثقافتي ورثي تي جامع تحقيق ٿيڻ گهرجي.

ميڊيا ٿر جي صورتحال کي نروار ڪرڻ ۾ اهم ڌُر آهي، ان کي به گهرجي ته خبرون هلائڻ ۽ نشر ڪرڻ ۾ تحقيق جي پهلوءَ کي مدنظر رکي.

کاڌي جي کوٽ، پاڻيءَ مان ٿيندڙ بيمارين بابت خاص اُپاءَ ورتا وڃن. کاڌي جي کوٽ جا ڏڪار کانسواءِ به سبب آهن. پاڻيءَ مان ٿيندڙ بيمارين جو به ان صورتحال ۾ وڏو هٿ آهي.

ڪوئلي ڪڍڻ جي هلندڙ ڪم دوران پاڻيءَ جي انتظامي ڪاريءَ جو ڪم عوام لاءِ به ڪيو وڃي، جنهن ۾ برساتي پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جا طور طريقا ۽ سهولتون شامل هئڻ گهرجن.

انهيءَ لاءِ ٿر ۾ موجود آبي وسيلن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ هڪڙو جامع آبي خاڪو (comprehensive water profile) جوڙيو وڃي.

صحت جي ڏس ۾ خصوصاً عورتن ۽ ٻارن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڳورهارين عورتن لاءِ غذائي پلان ۽ اُن جي چڪاس جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻين عورتن کي توڙي مردن کي صحت جي بنيادي اصولن ۽ بچاءَ جي اُپائن جي تعليم ڏئي جاڳرتا پکيڙي وڃي.

کاڌي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فوڊ بئنڪ هجي، جيڪا کوٽ وقت ڳوٺاڻن کي کاڌو مهيا ڪري.

چوپائي مال جي واڌاري لاءِ، چوپائي مال جي صحت بابت جاڳرتا ۽ واڌويجهه لاءِ جوڳا انتظام ڪرڻ سان گڏوگڏ سيمن جي تقدس کي به بحال ڪيو وڃي. پيل سرڪاري زمين، آسائشن ۽ گئوچرن ۽ اجهورن تي قبضي کي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي جوڳيون سزائون ڏنيون وڃن ۽ قبضا خالي ڪرايا وڃن.

فيصلي سازيءَ ۾ عوامي نمائندا شامل هوندا آهن، تن کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻن جي راءِ کي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.

غير سرڪاري ادارن جي ڪردار کي وڌيڪ منظم ۽ مربوط ڪيو وڃي، جيئن اهڙو ڪم ماڻهن لاءِ ڪارائتو ٿئي ته اثرائتو پڻ.

ٿر فطرتي پارڪ آهي، اُن ۾ شڪار وغيره جي هر قسم جي سرگرميءَ تي پابندي هڻندي مرندڙ ۽ ناياب ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي بچايو وڃي.

سموري عمل کي موثر ۽ شراڪتي بنائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جون ڪاميٽيون ٺاهي سندن شموليت کي يقيني بنايو وڃي.

مال لاءِ چاري جي موجودگيءَ سان گڏوگڏ ماڻهن کي گذران جا وسيلا به مهيا ڪري ڏنا وڃن، جيئن انهن جي قوت خريد به مضبوط ۽ مناسب ٿئي.

ٿر جي ڏڪار کي سنجيدگيءَ سان سنڀاليو وڃي نه اُن ۾ ڪا سنسي خيزي پيدا ڪئي وڃي، نه گلئمرائيز ڪيو وڃي، نه وري سرڪار بنا تياريءَ ۽ تحقيق جي ترقيءَ جا واهڙ وهائڻ شروع ڪري، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٿر جي ترقيءَ بجاءِ ڪن ٻين جي ترقي ٿيندي ۽ ٿري ويچارا به الائي ڪهڙا ڏينهن ڏسندا.

جُهه سي لوڙائو ٿيا، جني ڀر رهن،

مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.

(شاهه)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو