Home / ڪور افيئر / ٿر ڏڪار: حڪومت ڪيتري سنجيده آهي؟
above article banner

ٿر ڏڪار: حڪومت ڪيتري سنجيده آهي؟

Sameer Mandhoroبلاول هائوس ۾ قائم پ پ ميڊيا سيل ۾ هڪ اهم پارٽي اڳواڻ جي ٿر ۾ ٿيندڙ انساني المئي تي ٻن جملن ۾ ڪيل تبصري مان چڱي ريت اندازو ڪري سگهو ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٿر کي ڪيترو سنجيده وٺي ٿي. “هر ٻار جي موت اسان جي کاتي ۾ وجهڻ ميڊيا جي بي واجبي آهي” هن جو ٻيو جملو ننڍپڻ کان ٻڌندو پيو اچان “اها اسان جي خلاف سازش آهي.”

هڪ ته حڪمران پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪن ٻيو وري وڏي وزير کان ضلعي اڳواڻ تائين غير سنجيده تبصرا ڪجن ته ان کي پيپلز پارٽيءَ جو زوال نه چئجي ته پوءِ ڇا چئجي! منهنجي راءِ آهي ته هر ٻار جي موت جي FIR داخل ٿيڻ گهرجي. اهو بلڪل هڪ وڏو ڏوهه آهي جنهن جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي.

هن ئي سال ۾ اهو ٻيو ڀيرو ٿيو آهي ته ٿر جو ڏڪار خبرن ۾ آهي ۽ بدقسمتيءَ سان حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪرڻ بجاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ منطق ڏئي رهي آهي. ٿر جو عام خاص سڀ کان اهم ٻه مسئلا سمجهي ٿو-صحت ۽ پاڻي. هن ئي سال برساتون پوڻ کان اڳ ڏيکارڻ خاطر آر او پلانٽ لڳرائڻ سميت اسپتالن کي فعال بنائڻ ۽ انهن ۾ ڊاڪٽرن جي موجودگي کي يقيني بنائڻ جا ڪيئي واعدا ڪيا ويا پر برساتون نه پوڻ ۽ آگسٽ تائين بدکان بدتر صورتحال ٿيڻ جي چٽي امڪان باوجود ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا.

گذريل ٻن سالن کان صورتحال خراب ٿي چُڪي آهي ۽ ٿر جي رهواسين مطابق جيڪڏهن جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا ته سخت سردي ۾ موسم جي سٽ نه سهندي فوتگين جو انگ وڌي سگهي ٿو. هو اهو به مڃين ٿا ته هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ڏڪار هنن وٽ مهمان بڻيو آهي پر چون ٿا ته رياست جون به ڪجهه ذميواريون هجن ٿيون جيڪي هر صورتحال ۾ ادا ٿيڻ گهرجن. “عملي ڪم ٺپ ناهي. رڳو اخباري بيان آهن” ڳوٺ بيڪنرجي چاچا الهجڙيو چيو. “اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي جاءِ تي گڏهه بيٺا آهن. علاج ڪيئن ٿيندو” هن ڪاوڙ ۽ ڏک جي مليل جليل لهجي ۾ سوال ڪيو. هن جو چوڻ آهي ته حڪومت رڳو علاج جون سهولتون ۽ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ڏي ته به ٿري واسين جون اڌ تڪليفون ختم ٿي وڃن. هڪ ٻئي ڳوٺاڻي جو درد به ڪجهه ساڳيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪروڙين روپيا ميڊيا تي خبرن اچڻ کان بعد بي ترتيب خرچ ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو يقيني طور هڪ عام ٿر واسي ۽ هن جي هنج ۾ دم ڏيندڙ معصوم کي فائدو نٿو پهچي. هن ئي ڳوٺ ۾ تقريبن ٻه مهينا اڳ آر او پلانٽ تي ڪم شروع ٿيو. پلانٽ جي آڙ ۾ ڳوٺ جي کوهن کي به نقصان پهتو. آر او پلانٽ جوڪم سست روي سان هلندي ڏسي ڳوٺاڻن ‎ٺيڪيدار صاحب کي فون به ڪيا. پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ڳوٺاڻن مطابق تڪ جي اڳواڻ دوست محمد راهمون به همراهن کي فون ڪري ڪم جلد ختم ڪرڻ جي فون تي درخواست ڪئي. پر ڪل خير. هاڻ جيڪڏهن مڪاني نظام رائج نه هجي ۽ حڪومتي سطح تي ڪم ڪرائڻ جو واحد ۽ آخري ذريعو صرف تڪ جا چونڊيل نمائندا هجن ۽ انهن جا اختيار ڪجهه نه هجن ته مسڪين ووٽر ڪيڏانهن وڃي؟

ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ اها به پيپلز پارٽي واري سنگت لاءِ چُڀندڙ حقيقت آهي ته ٿر ۾ ڪميونيڪيشن جو نظام ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم يعني مشرف دور ۾ ممڪن بڻيو. هاڻ جيڪڏهن وڏو وزير قائم علي شاهه لاهور ۾ ويهي اهو فرمائي ته موٽر وي جهڙا روڊ هنن ٺهرايا آهن ته پوءِ سائين بادشاهه کي ڪير ياد ڏياري ته هن جي پارٽي ٿرين جي زخمن تي پَها رکڻ وارو ڪم ڪڏهن به ناهي ڪيو.

15-Nov-2014   24

هن ڀيري اهي به ڳالهيون ٿر ۾ ٻڌڻ ۾ آيون ته پيپلز پارٽي مخالف يعني اربابن سڄو ممڻ مچايو آهي. جڏهن ته خبرون اهي به ٻڌڻ ۾ آيون ته ٿر ۾ ڪوئلي تي هلندڙ ترقياتي ڪمن سبب ڪجهه ڌريون خواهه مخواهه تيليءَ مان ٿنڀ ٺاهي رهيون آهن… اڳ جيان ٿر واسي سمجهن ٿا ته ڪجهه به عملي ڪم نه ڪيو ويندو ۽ سمورو آسرو اڳ جيان ڪنهن معجزي تي رکيو ويندو. “جيڪڏهن ڪو ايئن ٿو سمجهي ته سياري ۾ پوندڙ برساتون صورتحال ۾ فرق آڻي سگهنديون ته اها ڀل ٿيندي” ڇاڇرو ڀرسان اٺ تي سامان کڻي ويندڙ ڪاڪي بادل جواب ڏنو. هن جي خيال ۾ هر سال ٻه ڀيرا ٿر مان بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ سالن کان جاري آهي، جنهن جو سبب خريف ۽ ربيع جا فصل آهن جنهن ۾ هو هتان جا ماڻهو مختلف زميندارن وٽ وڃن ٿا. “پر خوشحالي واري وقت اضافي ڪمائي لاءِ سنڌ وڃون ۽ پٺيان ايترو هجي جو سال به نڪري وڃي”. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بک سموري ٿر کي سوڙوهو ڪيو آهي.

ٿر جي تازي صورتحال مان اها به خبر پوي ٿي ته سرد موسم ۾ صورتحال وڌيڪ پيچيده بڻبي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پ پ مخالف قوتن متحده سميت ميڊيا خاص طور اليڪٽرانڪ کي گهڻو استعمال ڪندي حڪومت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌو ويندو. ڇو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته پيپلز پارٽي ۾ عملي ڪم ڪرڻ وارن جي سخت کوٽي آهي ۽ خدا نخواسته جيڪڏهن ڪو سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي ٿو ته ان کان اتي جو ايم پي اي ايم اين اي اهو اعتراض واري ٿو ته هن جي تڪ ۾ ڪو ڪم هن جي مرضي سان نه ڪيو وڃي…

هن وقت تائين حڪومت وٽ شارٽ ٽرم پاليسي به واضح ناهي. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ پڻ صوبائي حڪومت اڳيان هڪ چئلينج بڻيل آهي. “ڊاڪٽر ٿر نٿا وڃڻ چاهين کين ٻڌي ته نه کڻي وينداسين” صحت کاتي جي هڪ ڪاموري مجبوري وچان پنهنجي پوزيشن ظاهر ڪئي. هن ٻڌايو ته چاهين ٿا ته ٿر ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي خبر سامهون نه اچي جنهن سان حڪومت تي آڱريون کڄن. “هن وقت سڀ کان وڌيڪ نزلو اسان تي ڪريل آهي” هن ٻڌايو ته سڌو سنئون قصور هن جي کاتي تي نٿو اچي ته ٻارن سميت هر هڪ جي موت جو ذميوار صحت کاتي کي قرار ڏنو وڃي. ڪجهه مهينا اڳ ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جي هڪ اعلي آفيسر ٺٽي جي ڪجهه ڳوٺن جو دورو ڪيو. هن کي ٿر جي صورتحال بابت به ڄاڻ هئي ته پاڪستان جي مختلف علائقن بابت پڻ. “سڀ کان خطرناڪ صورتحال سنڌ ۾ آهي. هتي جا ٻار بيحد ڪمزور آهن. هنن جون مائرون پڻ ڪمزور آهن. ٻنهي کي گهربل خوراڪ نٿي ملي ۽ منهنجي خيال ۾ اها اميد ئي ناهي” هن اهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان ڪي بهتر اپاءُ نه ورتا ويا ته صورتحال ايئن ئي رهندي “يا ماڻهو ٻار پيدا ڪرڻ تان هٿ کڻن” هن سجيدگي سان جواب ڏنو.

سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو وري ٻارن جي موت جو سبب داين هٿان ويم کي قرار ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ اهو پڻ منطق ڏنو ويو آهي ته غربت سبب عورتون ڪمزور آهن ۽ هو ڪمزور ٻارن کي ڄڻين ٿيون. داين جو ڪم سموري خطي ۾ صدين کان رائج آهي. “جيڪي سمورو ڏوهه داين کي ڏين ٿا سي پڻ هڪ دائي جي مهرباني آهن” نوجوان پيرو مل سنڌ حڪومت کي جواب ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ۾ غربت سبب صورتحال خراب آهي ته اهو ڪم ته حڪومت جو آهي ته اها غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي” اسان ته چئون ٿا رڳو پاڻي ڏيو ۽ ٿي سگهي ته علاج جون بهتر سهولتون ڏيو. باقي اسان پاڻ ڪري وٺنداسين” هن وڌيڪ صلاح ڏيندي چيو ته ٿر ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ سان به وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي.

وڏي وزير سميت اڳواڻن جي غير سنجيده بيانن سبب آفيسرن به ٿر کي سنجيده ناهي ورتو ۽ هو به اهو ٿا چون ته سواءِ ميڊيا ٽرائل جي ٻيو ڪجهه به ناهي. هو چون ٿا ته ٿر ۾ اها صورتحال به پهريون ڀيرو پيدا ٿي آهي ۽ نه ئي اها ايتري خطرناڪ آهي جيتري پيش ڪئي پئي وڃي. ڪجهه ذريعن جو خيال آهي ته حڪومت طرفان مليل امدادي سامان ڪڻڪ ۽ پاڻي جي ورهاست ۾ ڪرپشن ٿي آهي يا صرف انهن کي اها امداد ملي آهي جنهن جو سڌو سنئون تعلق پيپلز پارٽي سان آهي ڪنهن اڳواڻ سان واسطو آهي.

ٿر جي هن سال جي ڏڪار کان اڳ پڻ ٿر مان سوين نوجوان حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف علائقن ۾ بنگلن تي چوڪيداري، بورچي ۽ ڊرائيوري جي نوڪري ڪندا رهيا آهن. پر هڪ اندازي مطابق گذريل ٻن سالن کان اهو تعداد وڌي پيو ۽ ڪراچي شهر ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه هزار نوجوان اهڙين نوڪرين ۾ رڌل آهن. تازو ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڪجهه نوجوانن سان ملاقات ۾ انهن ٻڌايو ته هو هن قسم جي ڪم ڪرڻ ۾ عار نٿا سمجهن ڇو ته پٺيان ڳوٺن ۾ هنن جا والدين ۽ ٻار هنن جي موڪليل ڪمائي آسري آهن. “گهٽ اجرت ۽ نان ٽيڪنيڪل ڪم ڪيون ٿا جنهن جو ڪو مستقبل ناهي” منٺار وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڳوٺ مان ڪيترائي نوجوان ڪراچي ۾ پهچي چڪا آهن جيڪي پٺاڻن کان گهٽ پگهار تي ڪم ڪن ٿا.

اڳ جيان هن وقت به حڪومت ۽ ميڊيا جو فوڪس مٺي شهر ۽ اتان جي اسپتال آهي. جڏهن ته سوين گهرن تي مشتمل ڏورانهن علائقن ۾ هن وقت تائين رسائي ممڪن بڻجي ناهي سگهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ميڊيا جو فوڪس صرف ٻارن جي فوتگي تي آهي جڏهن ته سڀ کان وڏا مسئلا يعني پاڻي جي کوٽ ۽ انهي جو معيار، بيروزگاري، معاشي تنگي، نوجوانن ۾ وڌندڙ بي چيني، تعليم جون اڻپوريون سهولتون، ٻولي ۽ ثقافت تي پوندڙ منفي اثر، وڌندڙ آبادي، موسمي تبديليون ۽ انهيءَ جا پکين ۽ جانورن تي پوندڙ اثر وغيره آهن، جن کي اڃا تائين سنجيدگي سان نه پيو ورتو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو