Home / سياسي افيئر / چيئرمين جي پارٽيءَ ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪجهه تجويزون!
above article banner

چيئرمين جي پارٽيءَ ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪجهه تجويزون!

ڊسمبر جي دروازي تي بيٺا آهيون. ”مايوسيءَ وارو سيارو“ سامهون آهي ۽ بهار آئي ته ڪانهي پر پاڻ کي اڳ ئي خبر آهي ته ان ۾ اسان لاءِ اميدن جا ڪيترا گلاب ٽڙندا آهن.

سنڌ جي لائيبيريا، ٿرپارڪر مٿان ڳجهون اڏامي رهيون آهن. امرتيا سين جي بک جي جهنم مان پيدا ٿيندڙ غريبيءَ واري ٿيوري سنڌ سرڪار ۽ ان جي Ministry of Truthجي پيش ڪيل ٿيسز سان رد ٿي چڪي آهي. بهتر ٿيندو ته هي نئين ٿيسز ڊويلپمينٽ اڪنامڪس جي ڪتابن ۾غريبيءَ جيOne dollar a day واري سمجهاڻي ڏيندڙ رابرٽ چيمبرز جي چيپٽر کان پوءِ شامل ڪئي وڃي.

سال گذرڻ سان سنڌ سيڪريٽريٽ جي ديوارن تي لڳل بدلين ۽ مقررين جو نرخنامو به تبديل ٿيندو. سنڌ جي سنگاپور ۾ رهندڙ چائنيز قوم جا ماڻهو هونئن ئي هن ملائيشيا کي ٻه ٽوٽا ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪا عجب جي ڳالهه ڪانه هوندي جي هتان جو تنڪو عبدالرحمان انهن جي ۽ پنهنجي مشڪل آسان ڪندي پاڻ ئي سنگاپور کي باقي نقشي مان ايئن ڪڍي ڇڏي جيئن تنڪو سنگاپور کي تڙي ڪڍيو هو.

ان جي لاجڪ هن ريت آهي:پنجاب ۾ سمورا در بند ٿي چڪا آهن. ڪشمير لاءِ لنڊن ۾ اوڇنگارون ڏنائون تڏهن به هنن جي جلسي کي گندن انڊن ۽ ٽماٽن جي فيسٽيول ۾ تبديل ڪيو ويو. (چيئرمين صاحب کي ان اسٽيج تي به سيلفي ڪڍڻ کپندي هئي پر پاڻ ايئن ڪرڻ نه پسند ڪيائون.) سو هاڻي جڏهن لاهور جا دروازا بند ٿي ويا آهن، پختونخواهه ۾ ڏوئيءَ تي به نالو ڪونهي، سرائيڪي وسيب ۾ اهي حال آهن جو جاويد هاشميءَ واري اليڪشن ۾ چيئرمين جي بيهاريل اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي آهي. ان صورت ۾ اسلام آباد ۾ هاڻي رڳو سنڌ جي ڪوٽا تي اچ وڃ ٿئي ٿي. باقي مسئلو آهن سنگاپور جا چائنيز. انهن کي نقشي مان نيڪالي ڏيئي، تخت گاهه کڻي اچي ”ميڊ باءِ ملڪ رياض“ ذوالفقار آباد ۾ رکجي ته سڄو مسئلو ئي حل ٿي ويندو. غلام سنڌين مٿان حڪمراني آسان ۽ مستقل ٿي ويندي. سنڌي اخبارن جا ماستر رپورٽر خير ۽ خوبيءَ واريون رپورٽون لکندا. گوسڙو گورننس، گوسڙو ڊيموڪريسي، گوسڙو قومپرستي ۽ گوسڙو ميڊيا شاندار پرفارمنس جاري رکندا ۽ اهڙي ريت گوسڙو اليڪشنن ۾ چيئرمين جي پارٽي پراڻا ڪلام هلائي، رنگين فوٽو ڏيکاري سنڌين کان مينڊيٽ تي آڱوٺو هڻائي وٺندي.

ڪيلينڊر تي نظر وجهو ته توهان کي خبر پوندي ته ڊسمبر ۾ توهان کي تمام وڏا قومي ڪم ڪرڻا آهن. ٻه عدد ٽي وي چينلز پنهنجو پنهنجو ٽوپي فيسٽيول ديوبندي ۽ بريلوي طريقه ڪار سان جدا جدا ملهائيندا جن ۾ توهان کي جهمريون هڻڻيون آهن. مرسون مرسون پارٽي به غلامن جي مٿي تي هٿ ڦيرڻ لاءِ پنهنجو الڳ ڏهاڙو ڪڍندي. ويجهڙ ۾ چائنيز ڀائرن سنڌي ووٽرن کي گهرائي انهن اڳيان تقريرون ڪيون ۽ ثابت ڪيو ته سنگاپور اڃا تائين ملائيشيا جو اٽوٽ انگ آهي ۽ مسئلو هنن ۾ نه پر حاجي تنڪو عبدالرحمان ۾ آهي. سو اهي چائنيز ڀائر به ٽوپي پائي ڪٿي ڪٿي شريڪ ٿيندا.

جيتري عرصي ۾ اسان کي ڪيترائي ڀيرا ٽوپي پارائي لاٿي ويندي ان عرصي ۾ باقي دنيا ڪرسمس جي موڪلن تي وڃڻ کان اڳ پراڻا کاتا بند ڪري نئين سال جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڪري چڪي هوندي. هو به سانتا ڪلاز ٿيندا، جورابن ۾ ٽافيون وجهندا ۽ ڪجهه اسان جهڙيون ئي حرڪتون ڪندا پر واپس اچي ڇتي نموني نئين پلان تحت ڪم کي لڳي ويندا ۽ ايندڙ سال لاءِ ڪاٿو ڪيل نتيجن کي اٺوڻ تي وٺي وڃڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪندا.

15-Nov-2014   20

نهايت ضروري ٿي پيو آهي ته غلام به پنهنجي سنگهر ڪلهي تي رکي هٿ ادب جا ٻڌي چيئرمين جي پارٽيءَ کي چون ته ڪجهه نهايت ضروري سڌارا آندا وڃن. مثال طور سنڌ سيڪريٽريٽ جي نرخنامي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين واڌ نه ڪئي وڃي. ٿي سگهي ته ايجوڪيشن منسٽري جي اڳيان پير مظهرالحق چوڪ قائم ڪيو وڃي جنهن تي اسان کي نهايت فخر آهي جو هن اسان جو مان مٿانهون ڪيو آهي. ساڳي ريت مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي به پير صاحب جو بابرڪت نالو ڏنو وڃي.وڌيڪ بهتر ٿيندو جي خيرپور ميرس جو نالو تبديل ڪري قائم آباد رکيو وڃي ۽ نهايت عاليشان ڪم ٿيندو جي لاڙڪاڻي جو نالو اياز آباد رکيو وڃي.

اليڪشن ڪميشن کي چئي هڪ ئي اليڪشن وسيلي ايندڙ ويهن سالن لاءِ يا ٽيهن سالن لاءِ مينڊيٽ وٺي ڇڏيو وڃي، ته اليڪشن ڪميشن جو به خرچ بچندو ۽ پارٽيءَ جي سکين سهنجن انقلابي اميدوارن جو پيٽرول به. ڊپٽي ڪمشنرن کي باضابطي پارٽيءَ ۾ آڻي ضلعي جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڏنو وڃي جيڪا شهيد چيئرمين جي خواهش هئي جڏهن پاڻ ايوب خان لاءِ ڪنوينشن مسلم ليگ کي منظم ڪري رهيا هئا. هونئن به هر ضلعي ۾ پارٽيءَ جو هڪ ايم پي اي يا ايم اين اي ضلعي جو چاٻي ڌڻي هوندو آهي جنهن وٽ سڄي ضلعي جي چاٻي هوندي آهي. سو ضلعن جا چاٻي ڌڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جيڪڏهن گڏجي ڪم ڪن ته سموري خدائيءَ کي سهوليت ٿيندي. ٿي سگهي ته چاٻي ڌڻيءَ جي لاءِ ڊي سي آفيس اندر هڪ آفيس قائم ڪئي وڃي. جي پارٽيءَ جي ٽه ــ رنگي اڳڙي کڄي وڃي ڊي سي آفيس مٿان ڦڙڪڻ لڳي ته سون تي سهاڳو ٿي ويندو.

ڊپٽي ڪمشنر ۽ چاٻي ڌڻي ان ڳالهه کي يقيني بنائين ته هر ضلعي ۽ هر شهر ۾ پارٽيءَ جي گلو بٽ ٽائيپ ليڊرن جي تصويرن وارن محرابن جي هر ٽئين مهيني مرمت ٿئي. هن وقت هر جاءِ تي اهڙن محرابن جي حالت نهايت زبون ٿي چڪي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تصويرون اهڙيون ته ناڪاره ۽ ڌندليون ٿي چڪيون آهن جو اتان لنگهندڙ بسن ۾ ويٺل ٻارن به ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي.

باضابطي قانون منظور ڪرائي تعلقي ڪائونسلن يا ميونسپلٽين پاران مقامي چاٻي ڌڻيءَ سان اڳ ئي هلندڙ غير رسمي ”تعاون“ کي رسمي شڪل ڏني وڃي. مثال طور قانون ۾ اهو درج ڪيو وڃي ته ميونسپلٽيون مقامي چاٻي ڌڻين جي ضرورتن جو تخمينو لڳائي ان حساب سان بجيٽ تيار ڪنديون. ضرورتن ۾ هي شيون خاص طور تي شامل ٿي سگهن ٿيون:چاٻي ڌڻيءَ جي ٻنيءَکيڙڻ لاءِ ميونسپلٽيءَ جي ٽريڪٽرن جو گهربل تعداد، ميونسپلٽي جي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارين مشينن جي تعلقي جي مالڪ جي زمين تي منتقلي، ٽريڪٽرن ۽ مشينن جي ڊيزل ۽ پيٽرول جا ساليانا پئسا، تعلقي جي مالڪ جي لينڊ ڪروزر جي پيٽرول جا پئسا، سندس اوطاق تي چوويهه ئي ڪلاڪ هلندڙ لنگر جو ساليانو تخمينو، اليڪشن وقت پولنگ ايجنٽن جا خرچ ۽ ماڻهن کي آڻڻ ۽ واپس پهچائڻ جا خرچ وغيره.

پارٽيءَ جي پراڻي چيئرمين اهي غلطيون ڪيون هيون جو هو ماڻهن جون expectationsوڌائي ڇڏيندو هو جنهن جو نقصان اهو ٿيو جو ماڻهو سمجهڻ لڳا ته جيڪڏهن پارٽي سوشل ازم ۾ اسلام کي ملائي سگهي ٿي ته ان لاءِ تپيدار کي عوام جو خادم بنائڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه هجڻ کپي. هي نوان زمانا آهن. وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي پاليسين ۽ نعرن تي حقيقت پسنديءَسان غور ڪري انهن ۾ تبديلي ۽ نواڻ آندي وڃي. مثال طور ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ واري نعري ۾ ٿورڙي تبديلي ڪري ان کي ”مرسون مرسون، سنڌ دا اقتدار نه ڏيسون“ چيو وڃي ته ان سان اهو فائدو ٿيندو ته اهو نعرو حقيقت جي صفا ويجهو به اچي ويندو ۽ سنڌي ماڻهو به هروڀرو ڪنهن آسري ۾ ڪونه رهندا.

چيئرمين جي پارٽيءَ جي زميندارن جي فهرست ٺاهي، نارا ڪينال واٽر ڊسٽري بيوشن اٿارٽي قائم ڪئي وڃي ۽ انهن زميندارن ۾ پاڻيءَ جو منصفاڻو معاهدو ڪري باقي کٽل ۽ خساري جي يونٽن جهڙي زمينداري ڪندڙن جي زمين پراڻن وقتن جي چيئرمين جي ڏنل پروگرام تحت قومي ملڪيت ۾ ورتي وڃي ته جيئن قوم کي به آخر ڪوته فائدو ٿئي. اڳيئي پارٽي پنهنجي پراڻي چيئرمين جي ڏسيل واٽ تي هلندي پرائيويٽائيزيشن جي شديد مخالفت ڪري رهي آهي ۽ ڪيترا ليڊر چون ٿا ته نيشنلائيزيشن اڄ به هنن جو منشور آهي.

هروڀرو ڪرپشن جا الزام لڳن ٿا جڏهن ته حقيقت فقط ايتري آهي ته پارٽي جا چونڊيل نمائندا پنهنجو جائز حصو گهري رهيا هوندا آهن. هيڏي ساري اسيمبلي آخر قانون ٺاهڻ لاءِ آهي، ننڊون ڪرڻ لاءِ ته ناهي. سو جيستائين اها موجود آهي، ان جي موجودگيءَ جو ڪوته فائدو وٺجي. اسيمبليءَ مان ايڪٽ پاس ڪرائي سرڪاري ڪمن لاءِ حاصل ٿيندڙ وسيلن جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن ۾ منصفاڻي ورڇ جو فارمولا هڪ ئي ڀيرو طئي ڪري ان ڪم کي رسمي ۽ قانوني شڪل ڏيئي ڇڏجي ته جيئن عوام ڏانهن ايڏي ذميدار، لائق، انقلابي پارٽيءَ جي ماڻهن تي هروڀرو آڱريون نه کڄن. ياد رهي ته ڪنهن ڪم لاءِ جڏهن ماڻهن کي اها خبر پوي ته اهو هاڻي قانوني ٿي چڪو آهي ته پوءِ ڪير به اهو ڪم ڪندڙن تي اعتراض ڪونه ڪري سگهندو آهي.

جيئن ته ثابت ٿي چڪو آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، تنهن ڪري اهڙا ڪيترائي ٻيا پاليسي پروپوزل به پيش ڪري سگهجن ٿا جن تي جيڪڏهن چيئرمين جي پارٽي يا پارٽيءَ جو چيئرمين غور ڪري ته پارٽي اڃا وڌيڪ سائنسي حڪمت عمليءَ سان پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائي سگهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو