Home / افيئر / گورک هل اسٽيشن تي وڌيڪ ٽورسٽ هٽ ۽ سرڪٽ هائوس تعمير ڪيا ويندا: رفيق جمالي
above article banner

گورک هل اسٽيشن تي وڌيڪ ٽورسٽ هٽ ۽ سرڪٽ هائوس تعمير ڪيا ويندا: رفيق جمالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورک هلز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين سردار رفيق احمد جمالي ايم اين اي چيو آهي ته گورک تي ٽوئرسٽ هٽس ۽ ريسٽ هائوس ۾ رهائشي گنجائش گهٽ آهي، ان ڪري 8 ڪمرن تي مشتمل نوان ٽورسٽ هٽس ۽ 6 ڪمرن تي مشتمل سرڪٽ هائوس تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر ترقياتي رٿائن لاءِ فنڊز جي سخت کوٽ آهي، جنهن لاءِ سنڌ سرڪار کي فوري طور تي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن گورک هلز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ميمبرن واري بورڊ جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گورک هل اسٽيشن تي سياحت جي فروغ لاءِ نون ترقياتي منصوبن لاءِ وڌيڪ ترقياتي فنڊز فراهم ڪرڻ سان گڏ اعلانيل زمين ليز تي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اٿارٽي کي ٻه لک ايڪڙ کان مٿي زمين ليز تي ڏيڻ لاءِ هڪ سمري وڏي وزير کي اماڻي وئي آهي، جنهن تي فوري عملدرآمد لاءِ علائقي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جو وفد وڏي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ اٿارٽي کي ليز تي زمين فراهم ڪرڻ لاءِ گذارش ڪندو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اٿارٽي جي چيئرمين ايم اين اي رفيق احمد جمالي ٻڌايو ته گورک هل اسٽيشن تي سياحت لاءِ هزارين سياح پهچي رهيا آهن. ان ڪري گورک تي ويندڙ جوهي کان واهي پانڌي ۽ واهي پانڌي کان گورک تائين روڊ جي تعمير ڪرڻ لاءِ جلد وڏي وزير کان فنڊ حاصل ڪيا ويندا، جڏهن ته گورک کي مڪمل تفريحي ماڳ بڻائڻ لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي ايڇ ڊي اي اعجاز احمد منگي، ايڊيشنل سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت بشير احمد بروهي، ايم ڊي سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سيد محسن علي شاهه، ڊي سي دادو ناصر عباس سومرو، ايم پي ايز سيد غلام شاهه جيلاني، ميمبر سجيلا لغاري، ايوب جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو