Home / ڪرنٽ افيئر / آمريڪي صدر جو هندستان جو دورو ۽ خطي جي صورتحال
above article banner

آمريڪي صدر جو هندستان جو دورو ۽ خطي جي صورتحال

فياض نائچ

آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما ٽي ڏينهن هندستان ۾ گذاريا جتي هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات کان سواءِ هندستان جي “يوم جمهوريه” واري تقريب ۾ مک مهمان جي حيثيت ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان دوري کي ڪافي حوالن سان اهم سمجھيو پيو وڃي. هڪ ته اهو ڪنهن به آمريڪي صدر ڀارت جي “يوم جمهوريه” جي تقريب ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي آهي . انکان سواءِ ڪنهن به آمريڪي صدرجو پنهنجي حڪومتي دور ۾ هندستان جو ٻه ڀيرا دورو ڪرڻ جو به پهريون واقعو آهي. دنيا ته ان ڳالهه تي به حيران ۽ پريشان آهي ته جنهن نريندر مودي کي گجرات جي وڏي وزير هجڻ باوجود به آمريڪا ويزا ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، هاڻ ان آمريڪا جو صدر ڪيئن ان “انسانيت جي قاتل” مودي سان ڀاڪر پيو پائي. سياست جي بي رحمي جو هڪ چٽو مثال آهي ته اتي اصول قائدا قانون ۽ آدرش سڀ پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ جوڙيا ويندا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي انهن اصولن ۽ آدرشن کي لتاڙي “مفادن” جو تحفظ ڪيو ويندو آهي.

دوري جي حاصلات ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها ٻڌائي پئي وڃي ته هندستان ۽ آمريڪا وچ۾ طئي ٿيل سول نيوڪليئر معاهدي تي عملدرآمد ۾ جيڪي رڪاوٽون هيون انهن جو حل ڳولهيو ويو آهي ان کان سواءِ باراڪ اوباما آمريڪا پاران هندستان ۾ چار ارب ڊالرن جي امداد ۽ سيڙپڪاري جو اعلان پڻ ڪيو. پاڪستان ۾ آمريڪي صدر جي هندستان واري دوري کي انتهائي اهم سمجھيو پيو وڃي. پاڪستان جي آرمي چيف ته ان وقت چين جو دورو ڪري اتي جي فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان وٽ آمريڪا کان سواءِ ٻيا دوست ملڪ به آهن. ظاهر آهي ته پاڪستان کي هندستان ۽ آمريڪا جي ان طرح جي ويجھڙائي سٺي نه ٿي لڳي، پاڪستان سمجھي ٿو ته هو آمريڪا جو پراڻو اتحادي آهي جنهن سرد جنگ واري دور ۾ سينٽو ۽ سيٽو جھڙن معاهدن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري خطي اندر آمريڪي مفادن جي رکوالي پئي ڪئي آهي. پاڪستان آمريڪي سي آءِ سان گڏجي افغانستان مان سوويت فوجن خلاف مجاهدن جا لشڪر ڀرتي ڪرڻ، انهن کي ٽريننگ ڏيئي افغانستان موڪلڻ لاءِ پنهنجي سرزمين اهڙي بي دردي سان استعمال ڪئي جو اڄ پاڪستان انهن ئي دهشتگردن جي ور چڙهيل آهي ۽ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ان دهشتگردي جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. تنهنڪري پاڪستان آمريڪا ۽ هندستان جي دوستي کي پاڻ سان دغا سمجھي ٿو. پاڪستان پاران اهو مطالبو به ڪيو ويندو رهيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان اهڙو ئي سول نيوڪليئر معاهدو ڪري جهڙو هن هندستان سان ڪيو آهي. پر آمريڪا ان حوالي سان بلڪل واضح ڪري چڪو آهي ته هو ان طرح جي ڪابه اميد نه رکي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو ان حوالي سان رڪارڊ خراب آهي ڊاڪٽر قدير خان جي نيٽ ورڪ ائٽمي ٽيڪنالاجي کي مندر جي پرساد وانگر ورهايو. تنهنڪري دنيا پاڪستان کي هڪ “ذميدار ائٽمي ” ملڪ مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.

jan 18

توڙي جو ٿلهي ليکي دنيا جي اندر جيڪا صف بندي آهي ان ۾ هڪ طرف آمريڪا ۽ سندس يورپي اتحادي ملڪن کانسواءِ هاڻ هندستان به ان پاسي بيٺل نظر اچي ٿو ته ٻي طرف وري روس ۽ چين گڏيل حڪمت عملي سان دنيا ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي نظر اچن ٿا. پر اسان کي اهو ضرور ياد رکڻ گھرجي ته هاڻوڪي دنيا جي صفبندي ڪا سرد جنگ جي دور وانگر نه آهي هن دنيا ۾ بظاهر مخالف نظر ايندڙ ملڪن جا هڪ ٻئي سان اڻٽٽ رشتا پڻ آهن. مثال طور هندستان جي دوري دوران باراڪ اوباما اهو واضح ڪيو ته هندستان ۽ آمريڪا وچ۾ سو ارب ڊالرس جو ساليانو ڪاروبار ٿيندو آهي جڏهن ته آمريڪا جو چين سان پنج سو ارب ڊالرس کان وڌيڪ جو واپار آهي. ايئن تبت جي بارڊر تي هندستان ۽ چين جي تڪرار باوجود ٻنهي ملڪن وچ۾ اسي ارب ڊالرس جو ساليانو ڪاروبار آهي. جيڪو هن سال سو ارب ڊالرس تائين پهچي ويندو. ساڳي وقت اها به حقيقت آهي ته پاڪستان کي هٿيارن جي سڀ کان وڌيڪ سپلاٰ ءِ چين کان ٿئي ٿي. گذريل 9 سالن ۾ چين پاڪستان کي چار ارب ڊالرس جا هٿيار ڏيئي چڪو آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران آمريڪا پاڪستان کي ڪل اڍائي ارب ڊالرس جا هٿيار ڏنا آهن. توڙي جو بدلجندڙ صورتحال ۾ پاڪستان چين کانسواءِ روس سان به لاڳاپيل کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان حوالي سان گذريل سال روس جو پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي پڻ آيو هيو ۽ هن وقت پاڪستان روس کان ٽي ڊزن هيليڪاپٽر خريد ڪري رهيو آهي پر ساڳي وقت اها به حقيقت آهي ته هندستان کي سڀ کان وڌيڪ هٿيارن جي سپلاءِ روس کان ئي ٿيندي آهي. گذريل 9 سالن ۾ روس هندستان کي 18 ارب ڊالرس جا هٿيار ڏيئي چڪو آهي.

ان سڄي منظرنامي مان اهو بلڪل واضح ٿئي ٿو ته اڄوڪي دنيا جي ملڪن جا جيڪي بظاهر هڪ ٻئي سان اختلاف آهن ته ان سان گڏوگڏ سندن اقتصادي ۽ فوجي لاڳاپا پڻ موجود آهن ان دنيا جي اندر بين الاقوامي لاڳاپين کي ڪنهن سڌي ۽ سادي نموني سان ڏسي نٿو سگھجي. پر ٻه چار بنيادي شيون آهن جيڪي ملڪن وچ۾ تعلقات کي ٺاهڻ يا ڦٽائڻ جو سبب بنجي سگھن ٿيون . ان ۾ سڀ کان اهم انهن جي ملڪي اقتصادي سگھه آهي. هاڻ جيڪڏهن پاڻ هندستان ۽ پاڪستان جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريون ته اها ڳالهه واضح آهي ته هندستان دنيا جي ڏهين وڏي اقتصادي قوت آهي. سوا ارب ماڻهن جو ملڪ آهي. جتي ستاويهه ڪروڙ کان وڌيڪ مڊل ڪلاس آبادي رهي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اقتصادي طرح تي هڪ ڪمزور ملڪ آهي جيڪو هر وقت آءِ ايم ايف ۽ ٻين ملڪن جي قرضن ۽ امداد تي هلي ٿو. جتي سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جي ڪري ڪو به سيڙپڪار اچڻ لاءِ تيار نه آهي. انکان سواءِ پاڪستان تاريخي طرح تي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي باوقار بنيادن تي بيهارڻ بدران سدائين قرضن ۽ امدادن عيوض عالمي طاقتن جي مفادن جي لاءِ پاڻ کي استعمال ٿيڻ ڏنو آهي. تنهنڪري هاڻ دنيا به پاڪستان کي ڪو باوقار اتحادي سمجھڻ بجاءِ پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. پاڪستان پنهنجن ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي ڪري بين الاقوامي برادري ۾ پنهنجو وقار وڃائي چڪو آهي ان وڃايل وقار کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي. ملڪ اندر قانون جي حڪمراني بحال ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جو خاتمو آڻڻو پوندو، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام کي وڌيڪ فعال بنائڻو پوندو. پنهنجي معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ بنيادي قدم کڻڻا پوندا پر اهو سڀ ڪجهه هاڻ هن ملڪ ۾ ڪنهن ديواني جو خواب ٿو لڳي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو