Home / اسپيشل افيئر / انتهاپسندي جو جِن ۽ سيد جي فڪري اڏام!
above article banner

انتهاپسندي جو جِن ۽ سيد جي فڪري اڏام!

Lateef Jamalجڏهن به سنڌ ڪنهن يتيم ٻار وانگر ويڳاڻپ جي احساس ۾ ڦاٿل نظر ايندي آهي ۽ سياست جا سِڪا، ڪُوڙا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. جڏهن به سنڌ جو آواز ڪنهن ڦاٽل سِڙهه وانگر ڪمزور بڻجي پوندو آهي ۽ جڏهن سياسي قيادتون عوامي اطمينان جي علامت بڻجڻ بجاءِ ايذاءَ جو سبب بڻجنديون آهن ۽ سنڌ جي اجتماعي سياسي مفادن بجاءِ پارٽين جا مفاد اوليت تي رکيا ويندا آهن. جڏهن به لالچ ڪنهن نشي وانگر سياست جي جسم ۾ داخل ٿيندي نظر ايندي آهي. جڏهن به سياست ۽ مذهب جو ڳانڍاپو ڳولڻ لاءِ، سوين دليل پيش ٿيڻ لڳندا آهن. جڏهن به انتهاپسندي عُروج تي پُهچي ويندي آهي. جڏهن به حُسين بن منصور مٿان توهين جهڙيون تُهمتون لڳايون وينديون آهن. جڏهن به سنڌ جي اتهاس جي چمن جا نازڪ ٻوٽا لتاڙيا ويندا آهن ۽ سنڌ جي سياست جي عصمت جا چولا چاڪ ڪيا ويندا آهن ۽ جيئن سياست جي چهري کي تيزاب سان بِگاڙي تباهه ڪيو ويندو آهي ۽ سياسي اُصول پسنديون اڳواٽ آپگهات ڪري ڇڏينديون آهن ۽ سياسي ايمانداري سائيبيريا جي سُفيد وادين مان اُڏامي ويل پکين وانگر محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. تڏهن سن جي مِٽيءَ ۾ کُليل ڪتاب واري قبر ۾ سُتل اُهو سيد شدت سان ياد اچڻ لڳندو آهي.

jan-26 newجنهن هميشه سنڌ جي سياست کي سُگهڙ جي سِٽ جي سچائيءَ وانگر سمجهيو. جنهن ڪڏهن به پنهنجي سياسي آدرشن مٿان ڪُوڙ جي ڪَٽُ چڙهڻ نه ڏني. جنهن سنڌ جي سياست کي سازشي هٿن مان ڇڏائڻ لاءِ هر وار کي پنهنجي بي خوف دل مٿان خوشيءَ سان قبول ڪيو. اُهو سيد جنهن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ ڪانگريس جي ڪردار کي اُن وقت ئي پرکي ورتو هو. جڏهن گڏيل هندستان جي ايجنڊا تي سنڌ جا سياسي مُفاد ثانوي حيثيت اختيار ڪري چُڪا هُئا ۽ سردار ولڀ ڀائي پٽيل جهڙي ذهنيت رکندڙ سوچ، ڪانگريس اندر سيڪيولر سياسي مفادن مٿان مُڏيون ڪاتيون ڦيرڻ لڳي هُئي. اُها ڪانگريس جيڪا گڏيل هندستان جي اندر سنڌ جي اجتماعي سياسي مفادن کي اوليت تي رکڻ بجاءِ ولڀ ڀائي پٽيل جي انتهاپسند ذهنيت جي عڪاسي ڪرڻ لڳي هُئي. تڏهن سائين جي ايم سيد اُن ڪانگريس کي الوداع چئي مُسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هُئي. اُها مُسلم ليگ جيڪا سنڌ اندر پنهنجي سياسي ساک ۾ ڪمزور بڻيل هُئي، تنهن کي سيد سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ نه رُڳو مُسلم ليگ کي سياسي طور پٽ تان کڻي آسمانن تائين پُهچايو. پر مسلم ليگ سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾، مرڪزي قيادت اڳيان قرارداد به پيش ڪيائين ته سنڌ جي سياسي ۽ قومي مفادن خاطر کين اهي اختيار ڏنا وڃن ته سنڌ جي حوالي سان فيصلا سازيءَ ۾ مرڪزي مُداخلت نه ڪئي ويندي. جنهن کي اُن وقت ئي مُسلم ليگي اڳواڻن مشڪوڪ نظرن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو.

اِها سيد مٿان سراسر تُهمت چئبي جو اڪثر دوست ائين چوندا آهن ته سيد ۽ جناح جا اختلاف سيٽن جي ورهاست تي شروع ٿيا هُئا. جڏهن ته سائين جي ايم سيد اُن وقت جڏهن اِهو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته، مسلم ليگ وٽ به ڪانگريس وانگر سنڌ جا قومي اجتماعي مُفاد ترجيح تي نه آهن. تڏهن سيد سمجهڻ لڳو ته هُو آسمان مان ڪِري کجيءَ ۾ اٽڪي پيو آهي. تڏهن هُو 1954ع ۾ مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو. سائين جي ايم سيد ڪانگريس کان الڳ ٿي جڏهن مُسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو ته آخري وقت تائين برطانوي اسٽيبلشمينٽ ۽ مُسلم ليگ جي گڏيل سازشن سان سيد کي سوڙهي گهٽيءَ تائين محدود ڪرڻ ۾ جيتري طاقت استعمال ٿي اُن جا ثبوت سيد جا ڪتاب ۽ اُهي ڪاغذ آهن. جيڪي بعد ۾ سيد جي گهڻ گُهرن سهيڙي ڪتابي صورت ۾ سامهون آندا. جن ۾ واضح طور سمجهايو ويو آهي ته سيد کي سياسي طور سازشن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ برطانوي اسٽيبلشمينٽ ڪيترا معاملا اُٿاري ۽ قانون پاس ڪرائي سيد کي سياست کان پري رکڻ جا طريقا اختيار ڪيا هُئا. جيئن سيد اُها سنڌ اڏي نه سگهي جنهن جي خُواب جي تعبير خاطر هُو هميشه تڙپندو رهندو هو. 1948ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق حوالي ڪيو ويو هو ته جيئن هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ آسانيءَ سان، ڪُوڙن ڪليمن سان داخل ٿيندڙ ڌاري آبادڪاريءَ جي ذريعي ڪراچيءَ مٿان قبضو ڪرائي سگهي. تڏهن اُن جي مُخالفت ڪندڙن کي مسلم ليگ ۾ هُجڻ جي باوجود به پنهنجي عُهدن تان هٿ ڌوئڻا پيا هُئا ۽ سيد کي قيد ڪيو ويو هو. اُهو قيد سائين جي ايم سيد جي پُوري حياتيءَ تائين اُن جو پاڇو بڻيل رهيو. هُو جنهن پنهنجي زندگي وڏن مُفڪرن جي صحبت ۾ گُذاري ۽ ” سامي وويڪانند“ کان وٺي ”ڪرشنا مورتي“ ۽ ”ڄيٺمل پرسرام“ تائين نه رُڳو هُن اُنهن جي علم، فهم ۽ ادراڪ کي هيانو سان هنڍايو پر جتان هُن حُب الوطنيءَ واري رستي واري سياست کي اخلاقي ضابطن جي دائري ۾ رهڻ جهڙا درس سِکيا. جنهن سمجهيو ته وطن دوست سياست ۾ ڪاروباري ذهنيت جهڙي فريب ۾ ڦاسي پنهنجي دامن کي داغدار ٿيڻ کان بچائڻ ئي اهم مقصد هُجڻ گُهرجي. جيڪڏهن سائين جي ايم سيد به پنهنجي دور ۾ ٻين هم عصر سياستدانن وانگر سياست ڪري ها ۽ سنڌ جي مجموعي قومي مُفادن مٿان پنهنجي ذاتي سياسي رُتبي ۽ مانَ کي افضل سمجهي سياست ڪري ها ته شايد مُسلم ليگ پاران تا حيات سنڌ جي وڏ وزارت هُن جي حصي ۾ اچي ها. ليڪن، هُو جنهن سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن واري اُصولي سياسي موقف تي ڪڏهن به سوديبازي نه سِکي هُئي. جنهن روايتي سياسي رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن خاطر غير روايتي سياست جا بُنياد وڌا ۽ نئين سنڌ جي تعمير واري واٽ ورتي. جنهن مُلڪي اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مُداخلت ۽ ٻه قومي نظريي جهڙي ڪُوڙ جي پَت پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ وائکي ڪئي. جنهن سنڌ سان پنهنجي نينهن کي ساهه جي آخري تند تائين نڀايو. جنهن مذهب ۽ سياست جي ميلاپ واري سياست جي مُخالفت ڪئي. جنهن چار ڏهاڪا پهرين مُلڪ ۾ جُنونيت جي جِن کي رياستي سرپرستيءَ ۾ پالي پوسي وڏو ڪري، ڪشمير فتح ڪرڻ جا خُواب ڏسندڙن کي تنبيهه ڪئي هُئي ته اُهي مذهب جي نالي تي مُلائيت کي هٿي ڏئي مُلڪ جي مُستقبل کي پنهنجي پاليسين سان ئي ڪمزور ڪري رهيا آهن. سائين جي ايم سيد جي سياسي فڪر جي دُور انديشي ئي هُئي، جنهن افغانستان ۾ آمريڪا ۽ روس واري جنگ دوران واضح موقف اختيار ڪيو هو ته رياست جي پرڏيهي پاليسي ۽ مُلائيت کي مضبوط ڪري، آمريڪا جا هٿ مضبوط ڪندڙن کي مُستقبل ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اُها مُلائيت نه رُڳو هن مُلڪ لاءِ بلڪه ڪيترن مُلڪن جي مُستقبل کي خاڪ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جي سياسي موقف جون مُخالف قُوتون ته اُن وقت به سياسي انڌائپ جون پٽيون پائي ويٺل هُيون. ڇاڪاڻ سَهي جهڙين دلين سان شينهن جي کَل پائي هلندڙ سياستدان، رياست جي سمورين خراب پاليسين تي مصلحتن ماٺ رهي پردا رکندا هُئا. سائين جي ايم سيد ئي دلير دل رکندڙ اهڙو سياستدان هو. جيڪو سنڌي ماڻهن جي سامهون صحيح سياسي موقف پيش ڪرڻ وڏي عبادت سمجهندو هو. نار واري جنگ دوران جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت لاءِ صدام حُسين هيرو بڻجي ويو هو ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي پُٽن جا نالا صدام حُسين رکندي فخر محسوس ڪندا هُئا. تڏهن به سائين جي ايم سيد پاڪستان جو واحد سياستدان هو جنهن پنهنجي تقرير ۾ صدام حُسين کي ڊڪٽيٽر ۽ ڪُردن جو قاتل قرار ڏنو هو. اُن وقت اهڙي ڳالهه ڪرڻ دوران، سيد اِهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهڙي بيان اچڻ سان هُن لاءِ، سنڌ اندر ڪهڙي راءِ جُڙي ٿي؟ پر هُن ڪڏهن به اُن جي پرواهه نه ڪئي ۽ نه ئي ڪُوڙين ۽ عارضي همدردين جي حاصلات خاطر سياسي سچائيءَ جهڙي موقف پيش ڪرڻ کان ڪيٻايو. سيد جي اهڙي سنجيدهه سياسي ڪردار ۽ عمل جي سچائيءَ ۽ بهادر سياستدان هُجڻ جون شاهديون ۽ دليل اُن جا دُشمن به ڏيندا.سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات ۾ سنڌ جو اُهو اسپارٽيڪس ڪردار هو. جنهن انڪار جي جُرئت اختيار ڪري، اُنهن سمورن سياستدانن کان پنهنجي عظمت، ڪردار ۽ عمل ۾ مُنفرد شخصيت بڻجي بيٺو. جيڪي سياستدان اقتدار کان سواءِ زندگيءَ کي قيد سمجهي هميشه سياسي سچاين تان پردا کڻڻ واري خوف ۾ مُبتلا رهندا هُئا. پر سيد نه رُڳو سنڌ جي قومي آجپي کي پنهنجو سياسي ڌرم سمجهيو پر اُن خاطر طويل عرصي تائين جيل به ڪاٽيا ته تاحيات نظربندين هيٺ به رهيو. ڪيترائي دوست اِن خيال جا آهن ته سائين جي ايم سيد چونڊن ۾ هارائي ويندو هو يا کيس سنڌي ماڻهن وٽان موٽ مِلي نه سگهندي هُئي. جيڪا ڳالهه موجودهه حالتن ۾ غلط ثابت ٿي چُڪي آهي. گڏيل هندستان ۾ به سائين جي ايم سيد جو رِشتو ٻن وڏين پارٽين سان رهيو. جن ۾ پهرين ڪانگريس ۽ پوءِ مُسلم ليگ. ليڪن سيد جو ٻنهي سان اُصولي اختلافن جو ڪارڻ”سنڌ“ رهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن ٻنهي پارٽين جو سنڌ جي خوشحاليءَ جي حوالي سان موقف ۽ پاليسي بلڪل غير واضع ۽ اڻچٽي هُئي ۽ اُنهن ٻنهي پارٽين جي ترجيحات ۾ سنڌ جي اقتصادي خوشحاليءَ وارو خاڱڪو نه هو. جڏهن ته سيد جي دليرانه سياسي موقف رکڻ تي انگريز گورنر به ڪڏهن خوش نه رهيو. برطانوي اسٽيبلشمينٽ جا اڪثر آفيسر خوشامد ڪندڙ ۽ گيسيون پائيندڙن کي وڏن خطاب سان نوازيندا هُئا ۽ اُهي ڳالهيون کين وڌيڪ وڻنديون هُيون. جڏهن ته سائين جي ايم سيد اُن جي بلڪل اُبتڙ هو. جيڪو ڪانگريس، مُسلم ليگ ۽ خود برطانوي اسٽيبلشمينٽ ۽ گورنر لاءِ پنهنجي تلخ سياسي موقف رکڻ سبب ناپسنديدهه رهيو.اُهو ئي سبب هو جو،1945ع ۾ انگريزن جي پسنديدهه شخصيت سر غلام حسين هدايت الله جڏهن سنڌ جي وڏ وزارت تي ويٺل هو ۽ جيڪو انتهائي مغرور ذهنيت جو مالڪ هو، جنهن وٽ سنڌ جا قومي مُفاد ڪنهن به ايجنڊا جو حصو نه هُئا ۽ سائينجي ايم سيد ۽ سندس ساٿين اُن خلاف مُنظم طريقي سان عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري اُن کي هٽائڻ لاءِ پيش رفت ڪئي ۽ 26 ووٽن جي اڪثريت سان سندس وڏ وزارت جي هُجڻ جو ڪو جواز نه رهيو هو. تڏهن به انگريز گورنر پاران اُن کي بچائي بحال رکيو ويو. جنهن لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته سر غلام حسين کي عدمِ اعتماد واري رِٿ مان بچائڻ ۾ خود جناح جو به هٿ هو. اهي سڀ معاملا مُسلم ليگ سميت خود برطانوي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اڻوڻندڙ هُئا. جيڪي سيد جي واضح ۽ چٽي موقف رکڻ سبب کيس پوئتي رکڻ لاءِ ڪافي هُئا. سيد کي اُن وقت به ڌانڌلين جي ذريعي اليڪشنن ۾ هارايو ويندو هو. جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن..“ ۾ پڻ ڪيو آهي. جنهن جي هڪڙي ڪيس ۾ پير علي محمد راشدي خود به سائين جي ايم سيد جو وڪيل رهيو هو ۽ ڌانڌلين جي ڪيس ۾ آڏي پُڇا ۾ سيد کان کٽي آيل اُميدوار ڪيس هارائڻ کان پوءِ وائکو ٿي پيو هو. تنهن ڪري اُهي سڀ معاملا هاڻ ڪنهن ڳُجهه ڳوهه جو حصو ته بِلڪل به ناهن رهيا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان اندر ٿيندڙ سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪليئرنس کانسواءِ ته ڪو به اُميدوار کٽي اچي ناهي سگهندو. جيڪڏهن هڪ اهڙو ماڻهو جنهن مان مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي باغيءَ هُجڻ جي بُوءِ اچي ۽ جنهن مان اِهو خطرو هُجي ته اُهو سنڌ جي اجتماعي قومي مُفاد جي معاملن تي ڪڏهن به جُهڪاءَ واري پاليسي اختيار نه ڪندو. اُن کي شفاف چونڊن جيترو اسپيس ڪيئن ڏنو ويندو؟؟ هن مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين به برطانوي اسٽيبلشمينٽ ان سوچ کي هٿي ڏني هُئي. جنهن کي بعد ۾ هن مُلڪ جي پاليسيءَ طور هلايو پيو وڃي. هِن مُلڪ جي سڄي سياسي تاريخ هٿ ۾ کڻي پڙهجي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ مُخالف ڪنهن به شخصيت کي هر حالت ۾ سياسي طور اڪيلو ڪرڻ ۽ اُن کي اڳتي آڻڻ وارو عمل پاپ ۾ شُمار ڪيو وڃي ٿو.

1970ع واريون اليڪشنون به اهڙي سوچ جي جهلڪ هُيون. جنهن ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي اچڻ کان پوءِ به يحيى خان اقتدار شيخ مُجيب کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، نتيجي ۾ هن مُلڪ جي جمهوريت جي علامت بڻيل، ڀُٽي پاران هر حالت ۾ اقتدار کيس ڏيڻ لاءِ يحيى مٿان زور ڀرڻ ۽ بنگالين کي نظرنداز ڪرڻ ۽ اقتدار عوامي نُمائندي شيخ مُجيب کي ڏيڻ ۾ لڳاتار دير ڪرائي رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. جنهن سبب شيخ مُجيب کي اُصولن اقتدار نه ڏيڻ واري اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان پُرامن سياسي جدوجهد جو اهڙو طوفان بڻجي پيو، جو هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ پُر امن سياسي موقف رکندڙ بنگالين ‘خلاف سرچ لائيٽ آپريشن جي شروعات ڪئي. جنهن ۾لکين بنگالين کي Gook(غلاظت) قرار ڏئي ڪُٺو ويو. معصوم بنگالين کي غليظ قوم سمجهي اُن جو صفايو ڪرڻ لاءِ پهرين ٽِڪا خان ۽ پوءِ نيازي ميدان تي لاٿا ويا. جن لکين بنگالين کي قتل ڪيو. مُڪتي باهني طويل عرصي تائين ويڙهه ڪئي. اندرا گانڌيءَ مُداخلت ڪئي ۽ انڊيا جي فوجن بنگلاديش جي ڪيترن علائقن تي قبضو ڪري آخر ۾ ڍاڪا ۾ نيازيءَ جي ڪمانڊ کي قابو ڪيو ۽ مجبورن جنرل نيازيءَ انڊيا جي ”جنرل اروڙا“ آڏو سرينڊر ڪيو ۽پاڪستان ٽُٽي ويو. پر پوءِ به هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ، پنهنجي پُراڻي روايت برقرار رکندي، ڪنهن به طرح پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه رهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي پُوري ڄمار هن مُلڪ جي سياست ۾ سنڌ جي مظلوميت جي داستان کي بار بار ورجائيندي، اِهو چوندو رهيو ته: ” هن مُلڪ اندر قومن جي استحصال خلاف جيڪو به آواز بلند ڪندو اُن آواز کي هر حالت ۾ دٻايو ويندو. اُهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد هڪ سچي سياسي صوفيءَ وانگر ڪڏهن به سنڌ جي خوشحاليءَ خاطر کنيل بينر کي ويڙهي نه رکيو. هُو دولهه دريا خان جهڙي دل سان پاڪستان جي چالاڪ اسٽيبلشمينٽ اڳيان جيڪو عدالتي بيان ڏنو هو. اُن کي پڙهجي ٿو ته سيد جي سنڌ سان انوکي عشق کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي.جنهن ۾ هُن پنهنجي جُرم جو اعتراف ڪندي فارسي شعر جون ترجمي سان گڏ اُهي سِٽون به لکيون هُيون ته :

سِر يار جي قدمن تان فدا ٿيو سُٺو ٿيو،

اِهو بار ڳرو هو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.

ائين جيئن سرمد شهيد کي جڏهن دليءَ جي گهٽين مان گُهمائي جلاد اڳيان آندو ويو هو. تڏهن هُو جلاد کي ڏسي مُرڪيو هو ۽ سِر اڏيءَ تي رکڻ وقت به فارسيءَ جو شعر پڙهيو هو جنهن جي معنى هُئي ته: ”شور ٿيو ۽ مون عدم جي خُواب مان اک کولي، ڏٺم ته اڃان فِتني جي رات باقي هُئي، وري سُمهي پيس!“ ائين سيد فتني جي باقي بچيل رات ۾ اسان کان موڪلائي اُن هنڌ وڃي آرامي ٿيو. جتي سيد جي کُليل ڪتاب جهڙي قبر فتني خلاف وڙهي ويندڙ ويڙهه ۾ مورچو بڻيل آهي، جيڪا وڙهي رهي آهي ۽ وڙهندي رهندي ايستائين جيستائين فتني جي رات پنهنجي پُڄاڻيءَ تي نٿي پُهچي.

latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو