Home / سنڌ افيئر / ايل بي او ڊي جون تباهه ڪاريون لاکي ڦلاڻي جي ٿاڪ، شيخاڻي گهاڙي جي تباهيءَ جو نوحو!
above article banner

ايل بي او ڊي جون تباهه ڪاريون لاکي ڦلاڻي جي ٿاڪ، شيخاڻي گهاڙي جي تباهيءَ جو نوحو!

بدين ضلعي جي ڏاکڻي قديم تاريخي ڊيلٽائي خطي جو ولاسي وارو ڀاڱو جڏهن سرسبز ۽ آباد هو، جتان قديم زماني ۾ پُراڻ، ساڱرو ۽ ريڻ وغيره جهڙا مٺي پاڻي جا درياهه وهي وڃي ڪوري کاري ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ جڳ مشهور رڻ ڪڇ جي اها ڪوري کاري به ڪا گهٽ اهم نه هئي، جنهن ڪوري کاري وٽان ڪوري ندي نڪري وڃي آڳاٽي سنڌ جي ڪڇ رياست کي سيراب ڪندي هئي. ورهاڱي بعد 1965ع ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ لڳل جنگ تائين، سنڌڙي بندر ۽ سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني وارو شهر وڳهه ڪوٽ جا تاريخي ماڳ سنڌ جي حدن ۾ هئا، جيڪي ماڳ 1967ع ڌاري جنيوا ٺاهه تحت پاڙيسري ملڪ ڀارت جي سرحدي حدن ۾ شامل ٿي ويا. رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي ڪوري کاري جي اتر طرف شيخاڻي گهاڙي وارو تاريخي ماڳ آهي، جنهن ماڳ جو ذڪر لاکيڻي لطيف سر ڏهر ۾ لاکي ڦلاڻي جي حوالي سان پڻ ڪيو آهي. ڀٽائي جو سورمو لاکو ڦلاڻي جيڪو هڪ سخي ڏاتار پڻ هو. ڪڇ کان لاڙ ۾ جڏهن ايندو هو ته ان جو ٿاڪ شيخاڻي گهاڙي ۾ هوندو هو، جتي هو پنهنجا ٿڪ ڀڃڻ ۽ ولين جا واس وٺڻ لاءِ هر وقت ايندو رهندو هو.

jan-40

ولاسي ۽ شيخاڻي گهاڙي جي ان وادي جا لُنڊ برادري جا ماڻهو پڻ ان قديم دور کان آباد آهن، جن جا ٻه تاريخي ڳوٺ شادمان خان لُنڊ ۽ بهادر خان لُنڊ شيخاڻي گهاڙي جي سڃاڻپ بڻيل آهن. ٻنهي ڳوٺن کان اولهه طرف ڀيانڪ رڻ ۾ ڪلهوڙا دور جي صوفي بزرگ يوسف فقير جتي ستي جي مزار پڻ شيخاڻي گهاڙي جي عروج ۽ خوشحالي واري دور جي شاهدي ڏئي رهي آهي. اهو صوفي بزرگ پڻ ذات جو لنُڊ هو. ڳوٺ بهادر خان لُنڊ ۾ جنم وٺندڙ قلمڪار ۽ سگهڙ فقير غلام رسول لنڊ 6 جنوري 2015ع تي اٽڪل 85 ورهين جي ڄمار ۾ وڇڙي ويو.

شيخاڻي گهاڙي جو اهو ماڳ بدين شهر کان اٽڪل 50 ڪلوميٽرن ۽ ڪڍڻ شهر کان اٽڪل 26 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. جتي مرحوم فقير غلام رسول جو تڏو وڇايو ويو هو. فقير جي تعزيت ڪرڻ لاءِ 7 جنوري جي منجهند جو اسان ڪجهه دوست ڪڍڻ شهر مان ڊاڪٽر علم الدين انصاري سان گڏ ڪڍڻ علي بندر روڊ تان ڏکڻ طرف روانا ٿياسين، جتان ايل بي او ڊي جي سم نالي ڪي پي او ڊي، جي آر ڊي 83 جي سينگاري جي موري وٽان اسانجي گاڏي سم نالي جي اتر طرف واري پڪي رستي تان اولهه طرف هلڻ لڳي، جيڪو اٽڪل 8 ڪلوميٽر پڪو روڊ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي مارڏ ملير واري زرعي فارم لاءِ تعمير ڪرايو آهي. سم نالي جي ڪپ وارو اهو روڊ ويران سامونڊي پٽي واري علائقي جي وسندين لاءِ بنهه اهم ۽ تمام گهڻو فائديمند بڻجي ويو آهي پر افسوس جو اهو اهم روڊ فقط وڪيل واري موري ۽ مرزا فارم تائين تعمير ڪيو ويو آهي. اڳيان شيخاڻي گهاڙي جي موري تائين فاصلو فقط اٽڪل پنج ڪلوميٽرن جو آهي پر روڊ کي اتي ئي مرزا فارم تي ختم ڪيو ويو آهي. راڄواهه واري موري کان اڳيان ان روڊ تي هلندي اسان واري گاڏي ڊرائيونگ ڪندڙ ڊاڪٽر علم الدين جو ننڍو نوجوان ڀاءُ سجاد انصاري جيڪو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي، جنهنجو هن کان اڳ اهو ويران علائقو ڏٺل نه هو. ان پهريون دفعو ايل بي او ڊي جي سم نالي ۾ ڪاري ڏامر جهڙو وهندڙ بدبودار زهريلو پاڻي ۽ سم نالي جو ڏکڻ طرف وارو خوفناڪ ويران رڻ پڻ ڏٺو. سجاد سان گڏ ويٺل ڏيپلي واسي بزرگ شخص سائين عبدالرحمان محمداڻي جيڪو لطيف سائين جي رسالي جو پارکو ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي، ان پڻ دانهن ڪئي ته بدين جو هي ڪهڙو ويران علائقو آهي؟ هي اسين رڻ ڏانهن ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. مون سائين کي چيو ته اڃا ترسو اوهين به ٿر جا آهيو، ٿر جو ريگستان اوهان چڱي طرح سان ڏٺو هوندو. اوهان ٿر ۾ آيل ڏڪار به ڏسندا رهو ٿا. اڃا بدين جا خوفناڪ ريگستان اسين اوهانکي اڳيان هلي ڏيکارينداسين. ويراني وارا اهڙا منظر ڏسندي سائين عبدالرحمان ڀٽائي صاحب جا اهڙن منظرن وارا دردناڪ بيت ٻڌائڻ لڳي ٿو.

سم نالي جي ڪپ تان هلي جڏهن اسانجي گاڏي ڏکڻ طرف شيخاڻي گهاڙي جي مک تاريخي ڳوٺ بهادر خان لُنڊ طرف ويندڙ ڪچي پٽڙي واري رستي تي لٿي ته سامهون ڏکڻ اوڀر طرف وارو ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل انتهائي ڀيانڪ رڻ پٽ جنهن ۾ سمنڊ جيئان ڇوليون هڻندڙ رُڃ جي لقاءُ کي ڏسي سائين عبدالرحمان کان رڙ نڪري وئي، هو چوي ٿو ته اهڙي ڀيانڪ رڃ ۽ سڃ وارو رڻ پٽ ته ڪڇ واري اصل رڻ پٽ ۾ به ڪونهي.

هتي اسان کي گهارن جا نشان پڻ نظر اچي رهيا هئا. سائين عبدالرحمان ۽ سجاد ٻئي ڄڻا اسان کان پڇن ٿا ته هن رڻ ۾ هي ڪهڙو بند آهي ۽ اهو ڇالاءِ ڏنو ويو آهي. اسين ٻئي ڄڻا کين ٻڌايون ٿا ته هي ڳوٺ هر سال آبڪلاڻي ۾ ايل بي او ڊي جي سم نالن مان ايندڙ خوفناڪ سامونڊي ويرن ۾ ٻڏن ٿا. ڳوٺن کي سامونڊي ويرن کان بچائڻ لاءِ اهو بند به حڪومت جو ڏياريل نه آهي. ڪيترائي سال اڳ اين آر سي پي وارن جو ڏياريل اهو بچاءُ بند لڙهي وڃڻ بعد ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ان بند جي مرمت ڪندا رهن ٿا ۽ هر سال سامونڊي ويرن جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ ڳوٺاڻا چوويهه ڪلاڪ ان بند تي پهرو ڏين ٿا.اهڙيون ڳالهيون ڪندي اسين اچي ان انساني وسندي ۾ پهنچون ٿا جيڪو ڳوٺ بهادر خان لُنڊ جي نالي سان مشهور آهي. ڳوٺ جي ويجهو سامهون مينهن ۽ ڳئن جا چند ڍور نظر آيا. سم ۾ انهن جي چاري لاءِ گاهه جو ڪو به سائو سلو نظر نٿي آيو. ريڻ پن، کاري ڪل ۽ لاڻن جا سڪل تيلا ۽ ڪاٺيون اهي ڍور چري رهيا هئا. ڳوٺ جا گهر ڪکاوان هئا جيڪي پڻ ڀڳل ڇنل زبون حالت ۾ هئا. ڳوٺ جي ڏاکڻي الهندي ڪنڊ تي هڪ ڪکائين جهوپڙي ڳوٺ جي اوطاق هئي، جنهن ۾ مرحوم غلام رسول بلوچ جو تڏو وڇايو ويو هو. اسان کان اڳ به تڏي تي ڪجهه ماڻهو ويٺل هئا. اسان مرحوم غلام رسول جي پٽ ڊاڪٽر نواز بلوچ سان تعزيت ڪئي. تڏي تي هن ڳوٺ جي مرحوم جي وارثن کانسواءِ ڀر واري ڳوٺ شاد مان لُنڊ جا سندن ويجها عزيز فقير خادم لُنڊ ۽ فقير نظر علي لُنڊ پڻ ويٺل هئا. هنن سان ڏک ونڊڻ بعد اسان هن ڀيانڪ رڻ پٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻيلي اسانجا ته هتي پهچندي هانءَ ڦاٽي پيا آهن، اسان کانسواءِ بدين کان گاڏين تي چڙهي تعزيت لاءِ هتي پهچندڙ ماڻهو هن ڀيانڪ رڻ جي ويراني کي ڏسي ڊڄي رهيا آهن. اوهين هتي ڪيئن اڃا تائين انساني وسنديون ٺاهيو ويٺا آهيو؟ اوهانجي ڳوٺ جي اتر طرف ايل بي او ڊي جو خوني راڪاس آهي، ڏکڻ طرف وشال رڻ جو بيابان آهي. اولهه کان ڀيانڪ سامونڊي ويرون اوهانجا گهر ٻوڙين ٿيون، تڏهن به اوهين آخر ڪهڙي مقصد لاءِ هتي موت جي منهن ۾ ويٺا آهيو؟ اسانجا اهڙا گستاخانه سوال ٻڌي تڏي تي ويٺل شيخاڻي گهاڙي جا فقير جيڪي نسلن کان لطيف سائين جي لطيفي فڪر جا پارکو ۽ شاهه جي رسالي جا ياد حافظ آهن تن فقيرن جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون، اهي بي ساخته شاهه جي رسالي مان سرماروي جا بيت ٻڌائي اسان جهڙن اٻوجهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڏڪاريل ڏيهه جا ٿري ماروئڙا جتي سندن معصوم ٻارڙا سون جي تعداد ۾ مري رهيا آهن، اهڙن ڀيانڪ ڏڪارن جون اذيتون صدين کان برداشت ڪندي به جيئن مظلوم ٿري پنهنجو ڏاڏاڻو ڏيهه ۽ ٿر جي وطن کي ڇڏڻ لاءِ هزگز تيار نه آهن تيئن شيخاڻي گهاڙي جا لُنڊ فقير گهاڙي کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. جنهن مٽي ۾ صدين کان سندن وڏڙن جا هڏڙا دفن ٿيل آهن جنهن مٽي سان کين عشق جي حد تائين محبت آهي، هن هيڏي تاريخي ڳوٺ ۾ اڃا تائين نه بجلي آهي نه پرائمري اسڪول ۽ نه ئي موت جي منهن ۾ موجود هن ڏوراهين ويران ڳوٺ تائين ڪا حڪومت شيخاڻي موري کان ڳوٺ تائين ڪو پڪو روڊ ٺهرائي سگهي آهي ۽ نه ئي سامونڊي پٽي جي تباهڪارين جي نالي ۾ پراجيڪٽ هلائيندڙ اين جي اوز وارن ڪو هتي ترقياتي ڪم ڪرايو آهي. جڏهن ته ايل بي او ڊي راڪاس جي ڪپ وارا هي ڳوٺ 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان، 2003ع ۽ 2011ع جي مها ٻوڏن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. هن ڳوٺ سميت سامونڊي پٽي جا ماڻهو گذريل 45 سالن کان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا اچن ۽ هن ڳوٺ جو نيڪ مرد رئيس بهادر خان جنهن جي ڄمار هاڻي 100 ورهين کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، جنهن مرد مجاهد بزرگ جو هڪ الڳ ڇرڪائيندڙ پروفائيل آهي.اهو پ پ پارٽي جو مقامي اڳواڻ رهي چڪو آهي. ان جي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جا اجهو اهڙا حال آهن.

ڊاڪٽر نواز بلوچ ۽ ٻين فقيرن کان موڪلائي واپس موٽڻ کان اڳ اسان هن ڳوٺ ۾ کاري پاڻي کي مٺو ڪندڙ آر او پلانٽ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. سرڪار سڳوري چند سال اڳ اهو پلانٽ هن ڳوٺ ۾ لڳايو آهي. پلانٽ جي ٻن ملازمن آپريٽر مختيار علي ۽ چوڪيدار محب علي اسانکي اهو ڪروڙين روپين جي لاڳت وارو پلانٽ ڏيکاريو، جيڪو جيڪڏهن ڪامياب ٿئي ها ته ٻنهي تاريخي ڳوٺن لاءِ هڪ نعمت ثابت ٿئي ها ڇاڪاڻ ته هتي زيرزمين پاڻي انتهائي کارو ۽ زهريلو آهي ۽ گنج جي بحرشاخ جي پوڇڙي واري هن آخري واٽر ۽ ڳوٺ تائين واهن جو مٺو پاڻي سال جي 9 مهينن تائين نٿو پهچي. ٻنهي مقامي ڳوٺاڻن “افيئر” کي ٻڌايو ته هن پلانٽ کي هلائڻ لاءِ کاري پاڻي جا ٻه بور ڪيا ويا پر زير زمين پاڻي ۾ لوڻ ۽ ٽي ڊي ايس ايترو ته گهڻو هو جو هي پلانٽ مٺو پاڻي ڏئي نه سگهيو ۽ ناڪام ٿي ويو. هنن ٻڌايو ته پلانٽ جي پاسي ۾ هڪ کڏ نما پراڻو تلاءُ آهي جنهن۾ واهه جو مٺو پاڻي گڏ ڪري هن پلانٽ کي هلايون ٿا. پاڻي ٿورو هئڻ ڪري ڏهاڙي هن پلانٽ مان فقط 40 گيلن پاڻي فلٽر ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اٽڪل 5 ڪروڙ روپين جي ماليت وارو هن ڳوٺ ۾ لڳل آر او پلانٽ سميت بدين ضلع ۾ لڳل اٽڪل 19 پلانٽ ساڳي طرح سان ناڪام ٿي ڳوٺاڻن کي مٺو پاڻي فراهم ڪري نه سگهيا. اهڙي ويران وسندي مان مرحوم غلام رسول خاموش پنهنجي پٽ ڊاڪٽر نواز بلوچ کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهائي ڊاڪٽر بڻايو ۽ پنهنجا ٻه ڪتاب لکي ڇپايا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو