Home / افيئر / بحرانن جي ڇير ۽ ”نحوست“ جو ناچ
above article banner

بحرانن جي ڇير ۽ ”نحوست“ جو ناچ

مظهر

اسلام آباد ۾ ماڻهو هاڻي نون ليگ کي ”نحوست“ ليگ سمجهڻ لڳا آهن. هڪ اهڙي پارٽي جنهن جي پيرن ۾ بحرانن جي ڇير ٻڌل آهي ۽ اها نحوست جو ناچ ڪري رهي آهي. فراز چيو هو:

یوں دل تہہ و بالا کبھی ہوتے نہیں دیکھے

اک شخص کے پیروں میں تو بھونچال بندھے تھے

سڀ کان وڏو منحوس پروجيڪٽ ته ان ميٽرو جو آهي جنهن جي کوٽائي ڌرڻي واري ڏينهن شروع ٿي ۽ 31 ڊسمبر واري تاريخ گذرڻ کان پوءِ به ان جو ڪم جاري آهي. هاڻي چون ٿا ته 28 فيبروريءَ تائين ڪم پورو ٿي ويندو. جيسين ان جو ڪم پورو ٿئي، اسلام آباد وارا پورا ٿي ويا آهن. بليو ايريا، ايف 6 ۽ پارليامينٽ ڏانهن وڃڻ جو ڪو رستو ڪونه بچيو آهي. ايترا ڊائيورشن آهن جو رستا zigzag ٿي ويا آهن. پهريان ٽيڪسين وارن ڀاڙا ٻيڻا ڪيا، پوءِ سي اين جي جي کوٽ جي ڪري ويتر وڌايائون ۽ آخر ۾ پيٽرول سستو ٿي اڻ لڀ ٿي ويو، ته هنن ماڻهن جي مجبورين مان فائدا ورتا. هتي هر ٻي ٽيڪسيءَ تي لکيل آهي ”کيڏ مقدران دي!“ يا وري ”اگ لاوان تيريان مجبوريان نون!“

ماڻهو چوڻ لڳا آهن ته زرداري سرڪار جي زماني ۾ بحران ڪورٽ اندر هئا ۽ وڌ ۾ وڌ اخبار يا ٽي وي چينل تي نظر ايندا هئا. نواز جي دور ۾ بحران روڊ تي نڪري آيا آهن ۽ ننگو ناچ ڪري رهيا آهن. ماڻهو زرداريءَ جي ساراهه ڪري رهيا آهن جو نون ليگ جي سرڪار ۾ نالائقيءَ جا نوان ريڪارڊ قائم ٿيا آهن.

jan 14

نحوست ليگ يا نون ليگ اندر هڪڙي نواز ليگ آهي ۽ ٻي آهي نثار ليگ. نثار ليگ ۾ چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ ۽ ويندي جهلم تائين سموري پوٺوهار جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي شامل آهن جن جو چڱو مڙس چوڌري نثار آهي. ٻئي ليگون پاڻ ۾ پاور حصو پتي ڪيو ويٺيون آهن ۽ نثار پنهنجي پسند جي ماڻهن کي صوبائي توڻي وفاقي سرڪار ۾ پسند جون وزارتون ۽ کاتا ڏياريا آهن. ٿوري ٿوري ڳالهه تي نثار ليگ نواز ليگ سان ڪاوڙجيو پوي ۽ پوءِ نواز ليگ منٿ ميڙ شروع ڪري ٿي. جيڪي ڪهاڻيون هتي هلن پيون تن مان وضح آهي ته چوڌري نثار نواز شريف کي گاهه ئي نٿو وجهي. جڏهن به ڳالهه گوڙ کان چڙهي وڃي ته شهباز شريف کي اسلام آباد اچي ”ڊيل“ ڪرائڻي پوي ٿي.

چوڌري نثار پاڻ سان فون رکي ڪونه، ۽ سندس دوستي ياري به ڪنهن سان ڪانهي جو ”نه اس ڪي دوستي اڇي نه اس ڪي دشمني اڇي!“ سو ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ هو فينٽم جيان گم ٿي ويندو آهي. جن ڏينهن ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي حملو ٿيو، ته نثار ليگ ۽ نواز ليگ ۾ پاور جي حصي پتيءَ تي جهيڙو پئي هليو جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻکي اوچتو گم ڪري ڇڏيو. وزيراعظم نواز شريف کي پنهنجي ”گهريلو“وزير کي ڳولي لهڻ ۾ پورو مهينو لڳي ويو. هڪ ڀيرو وري شهباز شريف جي منٿ ميڙ ڪم آئي ۽ پاڻ کي منظر تي آڻڻ وقت هن اهو عذر ڏنو ته دراصل هو بيمار هو. سو ”اندريون“ وزير دراصل گهوسٽ منسٽر وڌيڪ آهي.

توهان ڏٺو هوندو ته نواز شريف امن امان جي ڏس ۾ ايم ڪيو ايم وارن جي روڄ راڙي تي ڪراچي آيو. پر چوڌري نثار ساڻس گڏ ڪونه هو. اهڙن ٻين اجلاسن ۾ به هو غائب رهندو آهي جتي ان ڳالهه جو امڪان هجي ته صوبائي حڪومتون امن امان جي ڏس ۾ وفاقي سرڪار کي شڪايت ڪنديون. اها هڪڙي حڪمت عملي به آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ڀڙاس به ڪڍي وٺن ۽ وزيراعظم اهو چئي جان ڇڏائي ته ”مين چوڌري نثار سي بات ڪرون گا!“

هر شيءَ جي شارٽيج جي ڪري نواز شريف کي نئون لقب ”قائدِ قلت“ جو به مليو آهي. ويجهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار ڪمال جو اسٽروڪ هنيو هو ته ”نه گئس آهي، نه پيٽرول آهي ۽ نه بجلي. پر اسان وٽ جمهوريت موجود آهي.“ ايڪويهين ترميم کان پوءِ جمهوريت ڪيتري رهجي وئي آهي سا ڳالهه هرڪو ڄاڻي ٿو. فارين منسٽر آهي ڪونه، ٻه ايڊوائيزر طارق فاطمي ۽ سرتاج عزير پاڻ ۾ وڙهيل آهن جنهن ڪري فارين آفيس جاملازم به اڌ سرتاج ۽ اڌ فاطميءَ سان گڏ آهن. عالمي طاقتن کي به اندازو آهي ته عزت ڏجي ته ڌر ڌڻين کي ڏجي. ويجهڙ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جيڪي پرڏيهي دورا ڪيا ۽ کيس جنهن قسم جو پروٽوڪول ڏنو ويو تنهن جو مثال ڪونه ٿو ملي. پهريون ڀيرو ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ به هن جي مهماني ڪئي وئي. سو فارين پاليسي مڪمل طوراصل مالڪن وٽ آهي.ويجهڙ ۾ تجزئي نگار زاهد حسين پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ته ايڪويهين ترميم کان پوءِ 70 سيڪڙو سويلين پاور ٻئي پاسي هليو ويو آهي ۽ باقي رڳو ”اسلام عليڪم“ ڪرڻ جي ڪسر رهجي وئي آهي.

نحوست ليگ جو حڪومت هلائڻ جو اسٽائيل به نرالو آهي. سڀ کان پهرين ته سڻڀيون وزارتون پنهنجي تمام وڏي ”اسٽار پريوار“ ۾ ورهايون ويون آهن. ٻئي نمبر تي مال انهن ماڻهن کي مليو آهي جيڪي ڪچن ڪيبينيٽ جا ميمبر آهن، مثال طور خواجه سعد رفيق، احسن اقبال وغيره. باقي سامان هروقت ڪاوڙ نڪ تي رکي هلندڙ چوڌري نثار جي ليگ ۾ ورهايو ويو آهي. نواز شريف لاءِ مشهور آهي ته هو جڏهن پاور ۾ هجي ته کيس پنهنجي پارٽيءَ جا سياستدان زهر لڳندا آهن. تنهنڪري پريوار، ڪچن ڪيبينٽ ۽ نثار ليگ جي وزيرن کي ڇڏي باقي وزيرن وٽ ڪوبه پاور ڪونهي آهي ۽ انهن کي پنهنجو پرسنل اسسٽنٽ رکڻ لاءِ به پي ايم سيڪريٽريٽ کان منظوري وٺڻي پوندي آهي. مشهور آهي ته هڪڙي منسٽر پنهنجي ڪنهن آفيسر کي سسپينڊ ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته کيس ياد ڏياريو ويو ته ان لاءِ پي ايم سيڪريٽريٽ کان ڪليئرنس گهربل آهي. اهڙن بي اختيار وزيرن جي محڪمن ۾ وري نواز شهباز جا چمچا سيڪريٽري رکيل آهن جيڪي پنهنجي وزيرن کي باءِ پاس ڪري پي ايم سيڪريٽريٽ کي ”لائيو“ رپورٽ ڪندا آهن. سنڌ مان جتوئي به وزارت تان ان ڪري استعيفي ڏني، پر ڪو اثر ڪونه ٿيو. ميان صاحب رسمي طور به ڪونه پڇيو ته ”جتوئي صاحب، سياپا نا پائو، ڪٿي چلي او؟“

ان سڄي صورتحال ۾ وري ڪچن ڪيبينيٽ، پريوار ڪيبينٽ ۽ نثار ليگ وچ ۾ مفادن جي جنگ هر وقت جاري آهي. چوڌري نثار ۽ اسحاق ڊار پاڻ ۾ ڳالهائين به ڪونه. هڪ پاسي چڪريءَ جو چوڌري آهي ته ٻئي پاسي رتبي ۾ گهٽ سمجهئي ويندڙ ڪشميري نسل جي ماڻهن جو پريوار. چوڌري نثار جي ڪنڌ ۾ ٻنهي ڀائرن جي ڪنڌ ۾ پيل ”سرئي“ کان به وڏو ”سريو“ آهي. رکي رکي ڊار به طريقي سان ڌڪ ڪندو آهي. جنهن منسٽر کي پبلڪ ۾ خوار ڪرڻو هجي، ان جي وزارت جا فنڊ روڪي سندس تباهي ڪري سگهجي ٿي. چون ٿا ته شاهد خاقان عباسي نثار ليگ جو منسٽر آهي ۽ نثار کي وڌيڪ ويجهو آهي. تيل گئس واري وزارت ماضيءَ ۾ چوڌري نثار جي محبوب وزارت رهي آهي جيڪا هن ڀيري هن خاقان کي ڏياري آهي. سو اسحاق ڊار سندس ترا ڪڍڻ لاءِ پي ايس او جي 216 ارب رپين جي ادائيگي روڪي ڇڏي ته پي ايس او وٽ ٻاهران تيل گهرائڻ لاءِ پئسا نه بچيا. تان جو ملڪ ۾پيٽرول جي بدترين شارٽيج ٿي. شاهد خاقان عباسي ته چپ سبي ويهي رهيو ۽ ڊار جي باري ۾ هڪ لفظ به ڪونه چيائين جو کيس منسٽري پياري هئي.چوڌري نثار البته ميڊيا وارن اڳيان چيو ته خاقان کي گهرجي ته پاڻ تي الزام کڻڻ بدران اصل ذميدارن جو نالو وٺي. خاقان عباسي ته خوار ٿيڻو هو سو ٿيو، پر ڊار کي اندازو ڪونه هو ته ڳالهه ايتري وڌي ويندي جو خاص طور پنجاب ۾ پيٽرول پمپن تي بيٺل ماڻهوشاهي پريوار جي ماءُ ڀيڻ هڪ ڪرڻ لڳندا.

ويجهڙ ۾ خادم رائيونڊ شريفين جو محسن سعودي بادشاهه گذاري ويو. نئين بادشاهه لاءِ اطلاع آهن ته کيس Dementia آهي جنهن ۾ يادگيرو گهٽ رهندو آهي. شريف برادران مرحوم بادشاهه کي اهو چئي ياد ڪندا هوندا ته ”تيري ياد آئي، تيري جاني ڪي بعد.“ شهزادي مقرن مان اميدون رکي سگهجن ٿيون پر هو ماضيءَ ۾ مشرف کي وڌيڪ ويجهو هو. هڪ ڀيرو جڏهن ميان صاحب جهاز ۾ چڙهي زوري انٽري مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ان وقت شهزادي مقرن ميڊيا وارن کي معاهدي جو ڪاڳر ڏيکاري چيو هو ته اها معاهدي جي خلاف ورزي آهي. بهرحال وقت بدلجي ويا آهن ۽ هاڻي شايد لاڳاپا ٻي شڪل وٺن. پر جنرل ”ٻلي“ سعودي بادشاهه جي وفات تي اٽڪل سوچي درخواست وڌي ته کيس شاهي خاندان سان تعزيت ڪرڻي آهي تنهنڪري کيس ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي. پورو هفتو ميڊيا ۾ خبرون آيون ته ڳالهه پڪي ٿي وئي آهي ۽ جنرل ٻلي کي وڃڻ ڏنو ويندو. پر آخر ۾ ڊراپ سين ٿيو. شايد ميان صاحب اهو سوچيو ته باقي معاملا ته هاڻي هونئن ئي وڏي سرڪار وٽ آهن، پاڻ وٽ رڳو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ وارو پاور وڃي بچيو آهيسو جيڪڏهن درخواست رد ڪرڻ تي ڪو ڪاوڙجي ٿو ته ڀلي پيو ڪاوڙجي. پاڻ کان هاڻي ڇا کسيندو. وڃائڻ لاءِ جيڪي هو سو ته اڳ ئي وڃائي چڪا آهيون.

ڪنهن نه ڪنهن ريت نواز شريف بحرانن جي ڇير وڄائيندو ڪجهه وقت ڪڍي ويو آهي. پر بحران چون ٿا ته ”اڀي تو پارٽي شروع هوئي هي!“ في الحال ته پنجاب وارن لاءِ ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ جي پارٽي شروع ٿيڻ واري آهي جنهن دوران جيڪڏهن لوڊ شيڊنگ نه ٿي ته انهن کي هوش ئي ڪونه هوندو ته حڪومت کي گاريون به ڏيڻيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو