Home / سنڌ افيئر / بدين ۾ بد امنيءَ جي باهه!
above article banner

بدين ۾ بد امنيءَ جي باهه!

الهبچايو جمالي

ڪو زمانو هو جو بدين ضلعو سنڌ جي پر امن ضلعن ۾ شمار ٿيندو هو. سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن تائين ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جو سڄو لاڙ وارو ڀاڱو پر امن هو، جتي نه ڪارو ڪاري جي ظالماڻي رسم هئي ۽ نه ئي ڌاڙي، ڦر ۽ اغوا جون ڪي سنگين وارداتون ٿينديون هيون. لاڙ ۾ ڪڏهن ورلي ڪو خون ٿيندو هو ته ان ڳوٺ، شهر ۽ علائقي ۾ ڪيترائي ڏينهن ڏکارو ماحول هوندو هو. ماضي تائين لاڙ ۾ سنگين ڏوهن جي شرح تمام گهٽ ۽ نه هجڻ بي جي برابر هئي. هتي فقط چوپائي مال جي چوري ۾ مقامي وڏيرا ۽ انهن جا نامي گرامي چور ۽ پاٿاريدار گهر، ڳوٺ ۽ علائقي تي پنهنجو رعب ۽ دٻدٻو ويهارڻ لاءِ چوپائي مال جي چوري ۽ گهرن ۾ کاٽ هڻائيندا هئا. اهو به مقامي پوليس ٿاڻي جي مرضي ۽ ملي ڀڳت کانسواءِ چوري جون اهي وارداتون پڻ گهٽ ٿينديون هيون.

بدين جو امن جيڪو گذريل اٽڪل ٽيهن سالن کان آهستي آهستي ٽياس تي ٽنگجي ويو آهي، هن وقت بدين ضلعو بدامني جي جنهن باهه جي ڀنڀٽن ۾ جلي رک ٿي رهيو آهي. اهي باهه جون ڄڀيون جتي ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي رهيون آهن اتي بدين جا سمورا ننڍا وڏا شهر پڻ جلي رهيا آهن.

15 جنوري جو ڏينهن بدين جي پرامن بي ڏوهي شهرين لاءِ تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. واقعي واري ان ڏينهن تي هي رپورٽر بدين شهر ۾ موجود هو. صبح جو اٽڪل ساڍين يارهين وڳي ڌاري آفيس جي پٽيوالي صحافين کي ٻڌايو ته شهر ۾ اوچتو خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي. شهر جون سموريون بازارون تيزي سان بند ٿي رهيون آهن. غريب آباد وارو سڄو علائقو بند ٿي ويو آهي. واپاري ۽ شهري احتجاج لاءِ رستن تي نڪري آيا آهن، مظاهرا ڪري ڌرڻا پيا هڻن. شهر ۾ ڪيترائي جلوس نڪرن پيا. ٻڌو آهي ته غريب آباد ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙي ۽ ڦر جي ڪا سنگين واردات ٿي آهي ۽ هڪ واپاري سميت ٻه ڄڻا گوليون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ايتري ۾ هڪ شخص ايوان صحافت ۾ اچي واقعي متعلق چئي رهيو هو ته شهر ۾ ٻاهه ٻري رهي آهي. شهري ۽ واپاري سخت ڪاوڙيل آهن. شهر ۾ وڏو ڪو نقصان ۽ فساد ٿي سگهي ٿو. هن کي شهر ۾ ٿيل ڦر ڌاڙي ۽ ديده دليري واري واقعي تي ايترو پڇتاءُ نه هو جيتري کيس ڪاوڙ واپارين ۽ ان جي ٻن اڳواڻن هر هڪ حاجي تاج محمد ملاح جنهن گذريل 2013ع جي اليڪشن ۾ تعلقي بدين واري صوبائي تڪ تان ايم پي اي ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو سان ڪانٽي جو مقابلو ڪيو هو ۽ سيٺ امتياز ميمڻ تي گهڻي ڪاوڙ هئي. سندس چوڻ مطابق بدين شهر جا اهي ٻئي واپاري اڳواڻ مظاهرن ۽ ڌرڻن جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي ڄڻا ڊي ايس پي بدين محمد ايوب مهر خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪرائي رهيا آهن. اهڙو موقف رکندڙ شخص جي باري ۾ پتو پيو ته ان جو نالو واحد چانڊيو آهي ۽ هو سپاف يوٿ ونگ بدين جو اڳواڻ آهي.

jan 42

واحد چانڊيو اڃا ايوان صحافت جي آفيس ۾ ويٺل ئي هو ته بدين جو هڪ واپاري ۽ سماجي اڳواڻ عاشق علي خواجا به ان جي پاسي ۾ ويٺو هو. بدين ۾ ٿيل دهشت ناڪ واقعي تي افسوس ڪندي چئي رهيو هو ته بدامني ۾ بدين شهر سڙي رهيو آهي، جنهنجا ذميوار چونڊيل عوامي نمائندا ۽ بدين پوليس آهي. هو احتجاجي واپارين جي طرفداري ڪري رهيو هو. ايتري ۾ اهو اطلاع آيو ته ڦر دوران هٿياربندن سان مزاحمت ڪندڙ سخت زخمي ٿيل نوجوان واپاري عبدالشڪور کٽي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي موت جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آهي. جڏهن ته ٻئي زخمي رمضان منڌري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن منتقبل ڪيو ويو آهي.

ڦر دوران سخت زخمي ٿيل واپاري عبدالشڪور کٽي جي موت واري خبر باهه تي تيل جو ڪم ڪيو. احتجاج ڪندڙ واپاري ۽ شهري وڌيڪ مڇرجي شهر جي مختلف چوڪن تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي شهر ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن کي بند ڪرڻ لڳا. شهرين طرفان سڀ کان وڏو اهم ڌرڻو شهر جي وچ مان وهندڙ قاضيا واهه جي پل وٽان لڳايو ويو جنهن جي اڳواڻي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ تعليمدان سيد طاهر محمد شاهه، عاشق علي خواجا، غفور ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ڪاوڙيل مظاهرين بدين پوليس کي قاتل ۽ ڌاڙيلن جو ساٿاري سڏي، “بدين ۾ دهشتگردي ۽ غنڊا گردي کي بند ڪريو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا. قاضيه موري وٽ لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ بدين پوليس غائب هئي، ڪٿي ڪو هڪ پوليس وارو به نظر نه آيو، جيتوڻيڪ ڦورون سان مزاحمت دوران سخت زخمي ٿيل واپاري عبدالشڪور کٽي جي سول اسپتال بدين ۾ ٿيل موت واري دردناڪ خبر احتجاجين ۾ وڌيڪ تمام گهڻو اشتعال پيدا ڪيو. ان جي باوجود بدين جي سوين پرامن شهري وڏي حوصلي، صبر ۽ بردباري جو مثالي مظاهرو ڪندي پنهنجو پاڻ تي ضابطو آڻي قانون کي پنهنجي هٿن ۾ نه کنيو. هنن بدين پوليس سميت ڪنهن به سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ ملڪيتن کي ڪو به نقصان نه پهچايو.

بدين جا شهري سندن جان مال جي رکوالي لاءِ مقرر ڪيل ڪاري وردي وارن خلاف پوليس ڪماني جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪري رهيا هئا. ايس پي بدين جي آفيس واري ساڳي روڊ تي چند وکن جي پنڌ تي ضلعي جو مالڪ سڏائيندڙ ڊپٽي ڪمشنر بدين جي آفيس نظر اچي رهي هئي. بدين ۾ اهڙي اونداهي واري ڏوهاري راڄ خلاف ماڻهو پنهنجن پيارن جا لاش ضلعي انتظاميه جي ڪارن درن اڳيان رکي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. بدين جا شهري ته وس وارن جي درن جي اڳيان مقتولن جا لاش رکي ڪهرام مچائي رهيا آهن پر خود بدين جو اڳوڻو ايم اين اي ۽ اڳوڻو سگهارو گهرو وزير جنهنجي گهر واري بدين مان چونڊيل ايم اين اي ۽ پٽ ايم پي اي آهي، اهو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گذريل 18 نومبر تي ڊي سي چوڪ تي اهو چئي ڌرڻو هڻي ويٺو ته بدين ضلعو برباد ٿي ويو آهي. ڪرپشن جي انتها آهي، ضلعي انتظاميا سميت سرڪاري آفيسن ۾ سڀئي عوام دشمن راشي سرڪاري ڪامورا غريب عوام جو رت چوسي رهيا آهن.

ان ڏس ۾ اهو سوال به بنهه اهم آهي ته گذريل ڊگهي عرصي کان بدين تي راڄ ڪندڙ مرزا خاندان بيوس ۽ بي اختيار ٿي جڏهن انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيو آهي ته پوءِ آخر بدين تي هن وقت ڪنهن جو راڄ آهي؟ ڇا هن وقت بدين کي نا اهل راشي ۽ بدعنوان پوليس ۽ سرڪاري ڪامورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. يا بدين ضلعي جي انتظاميا ۽ مک سرڪاري ذميوار کاتن کي ٻي ڪا حڪومتي با اثر سياسي ڌر هلائي رهي آهي؟ جنهن سان بدين جي عوام جو جان ۽ مال غير محفوظ ٿي ويو آهي. ڏوهاري سرعام ڦرلٽ ڪري شهرين کي گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن ۽ شهر مان پوليس پنهنجا اختيار با اثر ڇڙواڳ قاتل ڏوهارين جي حوالي ڪري شهر مان گم ٿي وئي آهي.

بدين شهر جي ڪڍڻ بس اسٽاپ تي ڏينهن ڏٺي جو اٽي چڪي مالڪ واپاري عبدالشڪور کٽي کان لکين روپين جي ڦر ڪرڻ بعد مصروف روڊ تي ديده دليري سان سرعام گوليون هڻي قتل ڪندڙ هٿياربند ڌاڙيلن لاءِ واردات جا اکين ڏٺا شاهد وين اسٽارٽر عبدالخالق جمالي ۽ وين مالڪ ڊرائيور اسلم بوهڙ ۽ ٻيا ٻڌائن ٿا ته ٻئي هٿياربند ڦورو جيڪي هڪ موٽر سائيڪل تي چڙهي آيا، جن پهرين اٽي چڪي جي ڀرسان هڪ هوٽل مان چانهه پيتي واردات ڪرڻ وقت ٻئي ڦورو ايترا ته بي خوف هئا جو آخر تائين ٻنهي پنهنجا منهن به نه لڪايا. سخت زخمي رمضان منڌري جڏهن هڪ ڦورو کي مٿي ۾ سريو هڻي ڪڍيو ته ان جو مٿو ڦاٽي پيو ايتري ۾ مقتول عبدالشڪور اچي ان ڦورو ۾ ٻک وڌا ته ٻئي ڦورو عبدالشڪور کي مٿي ۾ سڌيون گوليون هيون. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اها واردات 20-15 منٽن تائين هلندي رهي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا. ٻئي ڦورو پنهنجي ٻنهي پستولن ۾ ڪيترائي دفعا گوليون ڀريندا مئگزينون بدلائيندا رهيا. آخر ۾ ڀڄڻ وقت جڏهن ڦورون جي موٽر سائيڪل بروقت اسٽارٽ ٿي نه سگهي ته اهي هڪ واٽهڙو مولوي عبدالحڪيم جاڙيجو کان موٽر سائيڪل ڦري ان تي چڙهي سرعام شهر جي وچ بازار مان فائرنگ ڪندا ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن عيني شاهدن “افيئر” کي اهو پڻ ٻڌايو ته ٻنهي ڦورون مان هڪ زخمي ٿيل ڦورو جي مٿي مان رت وهي رهيو هو. هنن اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته واقعي جي بر وقت هتان جي ڪيترن ئي ماڻهن بدين پوليس جي هنگامي نمبر 15 تي فونون ڪري اطلاع ڏنو پر مقامي پوليس آخر تائين نه پهتي ۽ پوليس نه شهر جي ناڪابندي ڪئي ۽ نه ئي قاتل ڌا‎ڙيلن جو ڪو پيڇو ڪيو.

بدين جا گهڻا شهري ان ڳالهه تي متفق راءِ آهن ته بدين ۾ اهڙا ڏوهه پوليس جي سرپرستي ۾ ڪي بااثر ڌريون بدين کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڪرائي رهيون آهن. ايڏي وڏي خوني واردات جا جوابدار بدين پوليس چئن ڏينهن تائين گرفتار ڪري نه سگهي، جن قاتل جوابدارن لاءِ بدين جا شهري چون ٿا ته اهي واردات ڪرڻ بعد شهر ۾ ئي لڪي ويا هئا. بدين پوليس پنجين ڏينهن بدين شهر جي هڪ وارڊ ڳوٺ پير ملوڪ شاهه مان هڪ گهر ۾ ڇاپو هڻي ابراهيم مغيري، پوڙهو ۽ عرفان مغيري سميت اٽڪل 11 ماڻهن کي گرفتار ڪيو. جن لاءِ پوليس جي دعويٰ آهي ته اهي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا. پوليس جنهن ڏينهن اهڙي دعويٰ ڪئي هئي ان ئي رات 20 جنوري تي ڏوهارين بدين شهر تي ڪاهه ڪري بدين جي ماڊل ٿاڻي جي سامهون هالا هينڊي ڪرافٽس جي دڪان مالڪ فاروق احمد جي دڪان جا تالا ٽوڙي هالا جي قيمتي کٽن سميت لکين روپين جو ڳرو ۽ گهڻو سامان ڪنهن گاڏي ۾ ڀري کڻي ويا.

مقتول عبدالشڪور کٽي جي واقعي بعد فقط پنجن ڏينهن ۾ با اثر ڦورو ۽ ڌاڙيل بدين شهر مان ٻه ڪارون، ٻه موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ کانسواءِ هڪ واپاري خان صاحب الهه بچايو ميمڻ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻي لکين روپين جي ماليت جو قيمتي سامان کڻي روانا ٿي ويا. بدين ۾ ڦر، ڌاڙي، لٽ مار، قتل ۽ غارتگيري جون اهي وارداتون ان ڏينهن کان گهڻيون وڌي ويون آهن، جڏهن کان نئين بدلي ٿي آيل ايس ايس پي غلام مصطفيٰ ڪورائي بدين پوليس جي چارج سنڀالي آهي. بدين جي سياسي سماجي اڳواڻ جبار حبيباڻي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي “افيئر” کي ٻڌايو ته بدين تي راڄ ڪرڻ واري چونڊيل نمائندن جي و چ ۾ هلندڙ ويڙهه جو نزلو بدين شهر ۽ ضلعي تي ڪيرايو ويو آهي. بدين جا با اثر چونڊيل عوامي نمائندا جن مان گهڻن وٽ پنهنجا پاليل بدنام ڏوهاري، چور، ڌاڙيل ۽ هٿيار بند غنڊا موجود هوندا آهن. اهي با اثر سياسي ڌڙا هڪٻئي کي ناڪام ۽ زير ڪرڻ لاءِ بدين کي باهه ڏئي امن کي تاراج ڪرائي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو