Home / دنيا / تحرير اسڪوائر جو ڪيڏارو!
above article banner

تحرير اسڪوائر جو ڪيڏارو!

ڊاڪٽر برڪت نوناري

تحرير اسڪوائر پوري دنيا ۾ انقلابي اُڀار طور مشهور ٿي چڪو آهي، وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا ۾ شامل عرب ملڪ مصر جي راڄڌاني قاهره جي مرڪزي حصي ۾ موجود هي چوڪ ان وقت عالمي ميڊيا تي مشهور ٿيو جڏهن تيونس ۾ بيروزگاري ۽ حڪومتي پاليسين کان متاثر ٿيل نوجوان رستن تي نڪري آيا ۽ تيونسي صدر زين العابدين علي کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. جنهن کان پوءِ پوري مصر ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعي ننڍا وڏا گروپ جوڙي مصري صدر حني مبارڪ جي خلاف مظاهرن جو سڏ ڏنو ويو. هونئن ته پوري مصر جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ حڪومت مخالف مظاهرن جو سلسلو هلندو رهيو پر قاهره جو تحرير اسڪوائر انقلابي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو.

سوشل ميڊيا جي حوالي سان مشهور ٿيل وچ اوڀر ۾ اٿيل سياسي هلچل کي تي عرب بهار جو نالو ڏنو ويو، جيتوڻيڪ ان تحريڪ کي چار سال گذري چڪا آهن پر ان جي باوجود اها تحريڪ حقيقي طور تي ڪا خاص تبديلي آڻي نه سگھي آهي. ڊگھي آمر شاهي، غير جمهوري حڪومت ۽ ملڪي وسيلن تي مخصوص ماڻهن جي اجاره داريء جي نتيجي ۾ مصر جي نوجوان طبقي جڏهن فوجي آمريت سان مهاڏو اٽڪائڻ شروع ڪيو ۽ حالتون مصري صدر حسني مبارڪ جي ڪنٽرول مان نڪري ويون ته موٽ ۾ ايندڙ ڪنهن به تبديليءَ جو رخ پنهنجي حق ۾ ڪرڻ خاطر مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي طاقتن مصري سياست کي پنهنجي وس ۾ ڪرڻ تي زور ڏنو. 18 ڏينهن جي مسلسل مظاهرن، ڌرڻن، جھڙپن، تشدد، قتل ۽ گمشدگين جي قربانين کان پوء تحرير اسڪوائر تي 25 جنوري 2011ع تي آخر ڪار فتح جو اعلان ٿيو، 32 سال آمر شاهي قائم رکندڙ حسني مبارڪ کي حڪومت ڇڏڻي پئي ۽ مصر جي وقتي حڪومت نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. مصري نوجوانن جي ڪنهن به متوقع ردِ عمل کي مُنهن ڏيڻ جي لاء مصري فوج پنهنجي اڳوڻي سربراھ حسني مبارڪ کي گرفتار ڪري مٿس هڪ کليل عدالت ۾ ڪيس هلايو. مصر جي روشن خيال سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته در حقيقت اها مصري فوج جي طرفان پنهنجي اڳوڻي سربراھ کي تحفظ ڏيڻ جي ئي ڪوشش هئي ته جيئن حسني مبارڪ ڪاوڙيل نوجوانن جي هٿان مارجي نه وڃي. شروع ۾ ته کليل ڪورٽ حسني مبارڪ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي پر مصري آئين جي پيچيدگين سبب اپيلن جي ذريعي ڪيس ٻيهر هلايو ويو، ڪيس صرف اهو هيو ته مصري پوليس احتجاج ڪندڙ نوجوانن جي جلوس تي گوليون هلايون جنهن جو ذميوار مصري صدر حسني مبارڪ آهي. اعلي عدالت حسني مبارڪ جي سزا کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هينئر تائين حسني مبارڪ صرف حفاظتي تحويل ۾ آهي.

حسني مبارڪ جي ٻنهي پٽن جمال ۽ علاء کي گرفتار ڪري مٿن ڪرپشن ۽ غير قانوني فائدا وٺڻ جو ڪيس هلايو ويو پر حسني مبارڪ جي زال طرفان ڏنڊ طور ساڍا چار ملين ڊالر جمع ڪرائڻ کان پوء اهو ڪيس به ختم ٿي ويو.

2011ع جي مصري انقلاب کي عام طور تي مصر ۾ 25 جنوريءَ جو انقلاب سڏيو ويندو آهي، اهو انقلاب هڪ عوامي اڀار هيو جيڪو 25 جنوري 2011ع کان شروع ٿيو. اها تحريڪ مظاهرن، ڌرڻن، سول نافرماني ۽ عدم تشدد جي پاليسي تي مشتمل هئي. ان تحريڪ ۾ شامل نوجوانن مصري آمر صدر حسني مبارڪ جي اقتدار ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو، هلندڙ تحريڪ ۾ مذهبي تنظيم الاخوان به شامل ٿي وئي جنهن تنظيم تي صدر حسني مبارڪ ڊگھي عرصي تائين پابندي لڳائي ڇڏي هئي. صدر حسني مبارڪ پنهنجي مخالف تحريڪ کي سختيء سان چيڀاٽڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو، جنهن کان پوء القاهره ۽ اسڪندريه ۾ پوليس ۽ مظاهرا ڪندڙن جي وچ ۾ جھڙپون شروع ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 846 ماڻهو مارجي ويا، 6000 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 90 پوليس اسٽيشنن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو.

جيتوڻيڪ مصر ۾ اها تحريڪ تيونس ۾ اٿيل تيونسي صدر زين العابدين علي جي مخالف تحريڪ مان متاثر ٿي شروع ٿي هئي پر زين العابدين علي جي طرفان اقتدار ڇڏي ملڪ مان فرار ٿي سعودي عرب ۾ سياسي پناھ وٺڻ کان پوءِ تيونس جي سرڪار مخالف تحريڪ ماٺي ٿي وئي پر مصري صدر حسني مبارڪ جي طرفان اقتدار ڇڏڻ کان انڪار ۽ مخالف مظاهرن تي تشدد جي نتيجي ۾ اها تحريڪ وڌيڪ زور پڪڙيندي رهي. 1981ع کان 2011ع تائين مصر جي مٿان پنهنجي آمريت قائم ڪري رکندڙ صدر حسني مبارڪ پنهنجي ئي ڪمانڊ ۾ هڪ خصوصي اختيارين واري پوليس فورس جوڙي رکي هئي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي سياسي مخالفن کي بغير ڪنهن ڪيس هلائڻ جي سخت ترين تشدد ۽ گمشدگين جي ذريعي سياسي ميدان تان آساني سان هٽائي سگھندو هيو. قاهره ۾ جنگي حالتن جو اعلان ڪيو ويو ۽ سامونڊي بندر جي شهر سوئيز ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ مصري فوج وچ ۾ مداخلت ڪري صدر حسني مبارڪ جي وفادار پوليس جي جٿن (جن کي سينٽرل سيڪيورٽي فورس چيو ويندو هيو ۽ کين گولي هلائڻ ۽ گرفتاري ڪرڻ توڙي سخت تشدد ڪرڻ جا خاص اختيار مليل هيا) کي هٽائي شهرن جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو.

jan 35

حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شدت ۽ اندروني توڙي بيروني دٻاءُ جي نتيجي ۾ 11 فيبروري 2011ع ۾ صدر حسني مبارڪ مصري انٽيليجنس جي اڳوڻي سربراھ عمر سليمان کي نائب صدر مقرر ڪري مصري ايئر فورس جي اڳوڻي سربراھ احمد شفيق کي نئين حڪومت جوڙڻ جي دعوت ڏني. مخالف گروپن ۽ جماعتن محمد البرادي کي سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاء ٽياڪڙيء خاطر اڳيان آندو. حسني مبارڪ اعلان ڪيو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ نه بيهندو. 11 فيبروري 2011ع تي نائب صدر عمر سليمان اعلان ڪيو ته حسني مبارڪ صدارت تان استعيفيٰ ڏيندو ۽ هن اقتدار فوجي جنتا جي مرڪزي اداري (سپريم ڪائونسل آف آرمڊ فورسز) جي حوالي ڪري ڇڏيو.

فوجي جنتا محمد حسين تنتاوي جي اڳواڻي ۾ وقتي حڪومت جوڙي 13 فيبروري 2011ع ۾ پارليامينٽ کي معطل ڪري ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري 6 مهينن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ اڳوڻي وزير اعظم احمد شفيق سميت سندس ڪابينا کي ايندڙ حڪومت تائين عبوري حڪومت ۾ شامل رکيو. مخالف جماعتن جي احتجاج سبب وزير اعظم احمد شفيق استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ايسام شرف وزير اعظم ٿيو جنهن اڳوڻي صدر حسني مبارڪ تي کليل عدالت ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪيو. 24 مئي 2011ع تي حسني مبارڪ تي ڪيس هليو جنهن ۾ مٿس مخالف مظاهرو ڪندڙن تي پنهنجي حمايت يافته پوليس فورس جي هٿان قتل ڪرائڻ جو ڏوھ ثابت ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 جون 2012ع تي کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جنهن کان پوءِ هڪ اپيل جي ذريعي خصوصي عدالت حسني مبارڪ جي مٿان سمورا ڪيس ختم ڪري کيس بري ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

مصر جي انقلاب کان پوء محمد مرسي مذهبي تنظيم الاخوان جي مدد سان جون 2012ع جي اليڪشن ۾ صدر چونڊجي آيو. مرسي جي مذهبي ڌرين ڏانهن رجحان ۽ سندس حڪومت ۾ مذهبي انتها پسند تنظيم الاخوان جي مداخلت سبب سوشلسٽ، سيڪيولر ۽ قومپرست ڌرين گڏجي مرسي جي حڪومت جي خلاف احتجاج شروع ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 3 جون 2013ع تي فوجي سربراھ جنرل عبد الفتاح السيسيء حڪومت جو تختو اونڌو ڪري صدارت تي قبضو ڪيو ۽ 2014 جي اليڪشن ۾ پاڻ کي صدر چونڊرايو.

مصري انقلاب (25 جنوري 2011ع) ۾ قاهره جي تحرير اسڪوائر تي شهيد ٿيل ڪارڪنن جي ياد ۾ 24 جنوري 2015ع تي کاٻي ڌر جي اڳواڻ شَيما الصباغ جي اڳواڻيء ۾ هڪ ننڍي ريلي نڪتي جڏهن اها ريلي شهيدن جي يادگار ڏانهن گل کڻي اڳتي وڌي ته پوليس انهن مٿان تشدد شروع ڪيو، ڳوڙها گئس جا شيل اڇليا، هوائي فارنگ ڪئي، لٺ بازي ڪري گرفتاريون شروع ڪيون. پوليس ۽ مظاهرو ڪندڙن ۾ جھڙپون ٿيون ۽ هڪ گولي 32 سالن جي کاٻي ڌر جي عورت اڳواڻ شيما الصباغ جي مٿي ۾ لڳي. شيما مظاهري ۾ شامل پنهنجي مڙس جي هٿن ۾ دم ڏنو.

پر امن احتجاج ڪندڙ شيما الصباغ جي شهادت 2009ع ۾ ايران جي اندر پر امن ريلي جي ياد تازي ڪري ڇڏي جنهن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري ندا سلطان آغا جي مٿان ايراني پوليس لاڳيتي فائرنگ ڪندي رهي هئي. تحرير اسڪوائر جي شهيدن جي يادگار تي گل رکڻ لاء جڏهن اها ريلي وچ چوڪ تي پهتي ته پوليس فائرنگ ڪئي، مظاهري ۾ شامل ڪارڪنن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس سندن اڳواڻ شيما الصباغ کي ٽارگيٽ ڪري سڌيون گوليون هلايون، هڪ گولي شيما کي مٿي ۾ لڳي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شيما پنهنجي مڙس جي ٻانهن ۾ ڪرندي زمين تي ليٽي پئي ۽ شيما شهيد ٿي وئي.

حڪومت خلاف مظاهرا ڪندڙ نوجوانن کي ان ڳالهه تي به سخت ڪاوڙ آهي ته تحرير اسڪوائر جي انقلاب طور مشهور ٿيل 25 جنوريء جي ڏينهن کي حڪومت مصري پوليس جو سرڪاري ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي. 25 جنوري 2011ع تي تحرير اسڪوائر وٽ سوين مصري نوجوان شهيد ٿيا هيا جن سان گڏ ڪجهه مصري پوليس جا ڪارندا به قتل ٿيا هيا، پر مصري حڪومت انهن نوجوانن کي پرڏيهي ايجنٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ۽ عرب بهار جي پوري تحريڪ جو عڪس ڌنڌلو ڪرڻ خاطر انهن انقلابي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي مصر جو قومي هيرو قرار ڏئي رهي آهي.

32 سالن جي شيما الصباغ جو تعلق مصر جي ٻئي وڏي شهر اسڪندريه (اليگزينڊيا) سان آهي ۽ کيس هڪ 5 سالن جو پٽ به هيو. شيما مصر جي کاٻي ڌر جي تنظيم حزب التحالف الشعبي الاشتراڪي (سوشلسٽ پاپولر الائينس پارٽي) سان هيو.

انساني حقن جي تنظيم نجي انگن اکرن موجب جنرل عبالفتاح السيسيء جي طرفان مصري صدر محمد المرسي کان هٽائي اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوء هڪ سال جي اندر 1400 ماڻهن کي عدالت کان مٿاهون ٿي قتل ڪيو ويو آهي، 22000 سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 200 سياسي ڪارڪنن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.

2011ع جي انقلاب کان پوءِ جڏهن مصر ۾ عام چونڊون ٿيون ته مرسي مذهبي تنظيم الاخوان جي مدد سان صدر چونڊجي آيو، مرسي جي سياسي پاليسين ۽ مذهبي دهشتگرد تنظيمن ڏانهن جھڪاءُ جي نتيجي ۾ مصر جون سيڪيولر ۽ سوشلسٽ تنظيمون ناراض ٿيون. مرسي جي خلاف مخالف تحريڪ وڌڻ سبب جولاء 2013 ۾ فوجي سربراھ جنرل عبدالفتاح السيسي مرسي کي هٽائي صدارت تي قبضو ڪيو. مرسيء جيم خالفت ۽ الاخوان جي مذهبي شدت پسنديء جي خلاف شيما الصباغ جي پارٽيء به جنرل سيسيء جي حمايت ڪئي. پهريان ته جنرل سيسيء 6 مهينن ۾ غير جانبدرانه چونڊون ڪرائي اقتدار سياسي تنظيم نجي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر سيسيء جڙتو چونڊون ڪرائي پاڻ کي صدر چونڊرايو. جنرل سيسي طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۽ سياسي معاملن ۾ فوجي مداخلت توڙي پوليس کي مليل ناجائز اختيار نجي خلاف شيما جي پارٽي احتجاج جو سڏ ڏنو. پوري مصر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي، 25 جنوري 2011ع جي انقلاب ۾ شهيد ٿيندڙ مصري نوجوانن جي قبرن ۽ يادگارن تي حاضري ڀرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 23 جنوري تي شيما جي اباڻي شهر اسڪندريه ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيو ته پوليس مظاهرو ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 سالن جي شاگردياڻي سُندس رضا ابو بڪر شهيد ٿي وئي.

شيما جو تعلق ته اسڪندريه سان هيو پر پارٽي ذميوارين ۽ انساني حقن جي لاء ڪم ڪرڻ خاطر قاهره ۾ ترسيل هئي، شيما هڪ سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏ بهترين شاعره هئي ۽ پنهنجي انقلابي شاعريء سبب مشهور هئي. 25 جنوري 2011ع تي جڏهن شيما پنهنجي پارٽيء جي ٽيهارو کن ڪارڪنن سان گڏ 25 جنوري 2011ع تي تحرير اسڪوائر وٽ شهيد ٿيل نوجوانن جي ياگار طرف هٿن ۾ گل کڻي اڳتي وڌي رهي هئي ته سندن ننڍڙي گروپ کي هر طرف کان پوليس گھيري ۾ آڻي پهريان آنسو گئيس جا شيل اڇليا. پوليس جي لٺ بازيء کان پوء به شميا پوئتي نه هٽي ته پوليس مٿس سڌي فائرنگ ڪئي. تحرير اسڪوائر جي ڀر ۾ بيٺل انساني حقن جي مشهور وڪيل عزه سليمان پنهنجي فيسبوڪ اڪائونٽ تي هڪ حلفيه بيان رکيو آهي ته شيما پنهنجي هڪ ننڍي گروپ سان گڏ هٿن ۾ گل کڻي تحرير اسڪوائر وٽ شهيدن جي يادگار ڏانهن وڌي رهي هئي ته پوليس عملدارن شيما جي سڃاڻپ ڪندي سندس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي. شيما جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته شيما کي هڪ گولي دماغ ۾، ٻي گولي دل ۾ ۽ ٽين گولي ڦڦڙن ۾ لڳل آهي، اهي ٽيئي گوليون صرف چند ڦوٽن جي فاصلي تان هنيون ويون آهن. شيما جي پارٽي ترجمان طرفان شيما تي ٿيندڙ پوليس جي فائرنگ جي وڊيو يوٽيوب تي رکي وئي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته پوليس جو ٽارگيٽ صرف شيما الصباغ هئي تنهنڪري کيس ويجھو کان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

جيتوڻيڪ 25 جنوري 2015ع تي مصري عوام کي خطاب ڪندي صدر جنرل عبدالفتاح السيسيء چيو ته مان 25 جنوري 2011ع کان هن وقت تائين شهيد ٿيل سمورن مصري ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، پر ان سان گڏ هن پوليس جو دفاغ ڪندي چيو ته مظاهرا ڪري مصر جو امن امان خراب نه ڪيو وڃي.

عرب نيٽورڪ فار هيومن رائيٽس جي ڊائريڪٽر جمال عيد جو چوڻ آهي ته مصر جي پوليس پنهنجي ظلمن ۽ زيادتين ۾ ماضيء جي اوڀر جرمنيء جي خفيه پوليس گسٽاپو بڻجي وئي آهي. ڪنهن به مظاهري ۾ شهيد ٿيل نوجوانن کي مصري پوليس دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيندي آهي پر هن ڀيري شيما جي شاعري ۽ شهادت وقت سندس هٿن ۾ پڪڙيل گل مصر جي حڪومت جون پاڙون لوڏي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو