Home / سنڌ افيئر / تلور-عرب شڪارين جي نشاني تي!
above article banner

تلور-عرب شڪارين جي نشاني تي!

Nasir Panhwarهر سال سياري جي موسم ۾ جڏهن پرڏيهي پکي سنڌ ۾ اچي واهيرو ڪندا آهن ته ان وقت ڏيهي توڙي پرڏيهي شڪاري به سنڌ ۾ اچي، خوبصورت پکين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ڪندا آهن. ملڪي قانون ۽ بين الاقوامي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي وفاقي سرڪار هن سال به 29 خاص پرمٽون سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر ۽ بحرين جي شاهي خاندان سان لاڳاپيل ماڻهن کي جاري ڪيون آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان گذريل سال اهو اعلان ڪيو هو ته تلور پکيءَ جي نسل وڌائڻ لاءِ ان جي شڪار تي هن سال پابندي هوندي پر ان جي باوجود سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل علائقن ۾ تلور جي شڪار جي اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن ته شڪار ڪرڻ لاءِ ڪو به اخلاقي ضابطو مهيا نه ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ جهنگلي جيوت جي صوبائي کاتن پاران به انهن شڪارين کي شڪار ڪرڻ جي کليل ڇوٽ مليل آهي ته هو جيترا به پکي مارڻ چاهين سي ماري سگهن ٿا.

گذريل سال بلوچستان ۾ سعودي شهزادي فهد کي هڪ سو تلورن جي مارڻ جي اجازت هئي پر ان حد کي پار ڪندي ٻه هزار هڪ سو تلورن جو شڪار ڪيو هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ تلور جو شڪار ڪندڙ عرب خود پنهنجي ملڪ سعودي عرب ۾ تلور جي آبادي وڌائڻ لاءِ ٻاويهه سو اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل ايراضي مخصوص ڪئي آهي. جيڪو دنيا جو ٻيو وڏو فطري محفوظ قرار ڏنل ماڳ آهي، جتي ڪنهن کي به شڪار ڪرڻ جي اجازت ناهي. هن علائقي مان تلور جو نسل ختم ٿي چڪو هو ۽ ان کي ٻيهر متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ هاڻي ان جو تعداد هڪ هزار تائين پهتو آهي. پنهنجي ملڪ ۾ تلور جو تحفظ ڪندڙن کي ٻين ملڪن ۾ وڃي اتي نسل ڪشي ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿو ٿئي. بياباني علائقن ۾ تلور جي شڪار مان لطف اندوز ٿيڻ کان سواءِ عرب تلور جي گوشت کي جنسي طاقت وڌائڻ لاءِ پڻ ڪارائتو سمجهن ٿا، جنهن جو بهرحال اڃا تائين سائنسي ثبوت نه مليو آهي.

jan-39

هڪ اندازي مطابق هر سال ٽيهن کان چاليهن هزارن تائين تلور ڇهن مهينن لاءِ پاڪستان جي حدن ۾ اچي ٿو. تلور جي خوراڪ ۾ صحرائي ٻوٽا ۽ جيت جڻا آهن. جيتوڻيڪ بين الاقوامي سطح تي 1912ع ۾ تلور پکي کي محفوظ قرار ڏيندي، ان جي شڪار تي پابندي هنئي وئي آهي پر حڪومت عرب شاهي خاندان کي 1960ع کان تلور جي شڪار جي اجازت ڏني آهي. جڏهن گڏيل عرب امارتن جي باني شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان ۾ شڪار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. شيخ زيد 2004ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر شاهي خاندان اڃا تائين اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪري ٿو ته جيئن هو تلور جو شڪار جاري رکي سگهي.

رحيم يار خان ضلعي ۾ تلورن بابت تحقيقي ۽ بحالي جو مرڪز به قائم ڪيو اٿن. اهڙو ساڳيو مرڪز بلوچستان جي ناگ واديءَ ۾ به قائم ڪيو ويو آهي. اڄ کان ويهه سال اڳ تلور جي آباديءَ ۾ خطرناڪ گهٽتائي اچي وئي هئي پر هاڻي تلورن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيو آهي.

تلور ۽ ٻين پکين جي شڪار جي لاءِ جاري ڪيل اجازت نامن خلاف تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. اها پٽيشن لال خان چانڊئي ۽ راهب ڪلهوڙي پاران داخل ڪئي وئي آهي. پٽيشن موجب تلور پکي جي تحفظ بدران ان جي شڪار لاءِ پرمٽون جاري ڪيون پيون وڃن. شاهي خاندان پرمٽون حاصل ڪرڻ کان پوءِ بازن ذريعي تلور جو شڪار ڪن ٿا، جنهن جي لاءِ کين مقامي ماڻهو به ساٿ ڏين ٿا. پٽيشن موجب نه رڳو مقامي ماڻهو پر سرڪاري عملدار به هن ڪم ۾ حصيدار آهن. جڏهن ته پٽيشن داخل ڪندڙن سميت ٻين ماڻهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اتي شڪار ڪرڻ لاءِ خاص بندوبست ڪيا ويا آهن. جڏهن ته علائقي ۾ مقامي زميندارن، هارين ۽ مال چاريندڙن جي چرپر تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري آءِ يو سي اين پاران تلور کي “خطري” هيٺ قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ مجموعي طور جهنگلي جيوت خطري ۾ آهي. انهن خطرن ۾ جهنگلي جيوت جي قدرتي ماڳن جو خاتمو، ٻيلن جو وڍجڻ، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ شڪار شامل آهن. موسمياتي تبديلين جا اثر به جهنگلي جيوت تي واضح آهن. سياري ۾ اڍائي کان ٽي لک پکي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي آبي گذر گاهن، صحرائن ۽ ٻين علائقن ۾ اٽڪل ساڍا چار مهينا رهندا آهن. موسمي تبديلن جي ڪري هن سال گهٽ پکين جي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.

هر سال 15 آڪٽوبر کان پرڏيهي پکين جي آمد جو سلسلو شروع ٿيندو آهي، جيڪي ڏهين مارچ تائين مخلتف علائقن ۾ رهن ٿا. انڊس فلاءِ وي زون تي هجڻ ڪري سنڌ جون ڍنڍون ڍورا ۽ صحرا انهن پرڏيهي پکين لاءِ صحتمند مسڪن فراهم ڪندا رهيا آهن. پر هاڻي ڍنڍون ڍورا خود پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ نتيجي ۾ منڇر، ڪينجهر، هاليجي، ڊرگهه ۽ ٻين ڪيترين ئي ڍنڍن تي هاڻي پکين جو گهڻو تعداد نه ٿو اچي.

جهنگلي جيوت ۽ خاص ڪري پکين جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي ته فطرت کي بحال ڪرڻ سان گڏ انساني مداخلت کي ختم ڪيو وڃي ۽ شڪار تي مڪمل پابندي هڻي، ڍنڍن ڍورن کي مڪمل بحال ڪري، ڍنڍن جو وڃايل فطري حسن بحال ڪيو وڃي ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي معاهدن جي پاسداري ڪئي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو