Home / دنيا / تيل جي سياست-آمريڪا ۽ سعودي عرب جو ناني ويڙهو!
above article banner

تيل جي سياست-آمريڪا ۽ سعودي عرب جو ناني ويڙهو!

“سعودي آئل پاليسي بابت ويجهڙ ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون هلايون ويون آهن-اسان تيل جي سياست نٿا ڪرڻ چاهيون. اسان لاءِ اهو طلب ۽ رسد جو مامرو آهي، اهو خالص ڪاروبار آهي”. علي ال النعيمي سعودي تيل جو وزير چوي ٿو.

“ڪا سازش ناهي، ڪنهن کي به نشانو نه پيو بڻايو وڃي. هي منڊي آهي جيڪا هيٺ مٿي ٿيندي رهندي آهي”. سهيل بن محمد ال مزوري، پئٽروليم جو وزير، گڏيل عرب امارات.

“اسان سڀني تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏٺي آهي. ان جي سبب بابت ڪجهه نه ڪجهه ڪيو پيو وڃي. ڇا هي آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايران کي سزا ڏيڻ تي اتفاق آهي؟ ڇا ان سان روس، وينزويلا جي معيشتن کي متاثر ڪرڻ ته مقصد نه آهي؟ ايئن ٿي به سگهي ٿو”. روسي صدر ولاديمير پيوٽن.

ڇا تيل جون ڪرندڙ قيمتون سعودي عرب ۽ آمريڪا جو منصوبو آهي ته جيئن ان سان ايران، روس ۽ وينزويلا جي معيشتن کي ٻوڙي سگهجي؟

وينزويلا جي صدر نڪولس مڊور جو لڳ ڀڳ اهڙوئي خيال آهي. رائٽرز کي ويجهڙ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ مڊور جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي خواهش هئي ته تيل جون قيمتون گهٽجي وڃن، خاص طور تي روس کي نقصان پهچائڻ خاطر.

jan-24

بوليويا جو صدر، وينزويلا جي صدر سان اتفاق ڪري ٿو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته “تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي آمريڪا بهادر طرفان روس ۽ وينزويلا جي معيشتن تي حملو آهي. اهڙن معاشي ۽ سياسي حملن جي صورت ۾ قومن کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي”.

ايراني صدر حسن روحاني ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو موقف ورجائيندي چوي ٿو: “تيل جي اگهن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي جو بنيادي سبب مخصوص ملڪن طرفان ٿيندڙ سازش آهي، جنهن جو مقصد خطي ۽ اسلامي دنيا کي نشانو بنائڻ آهي. ايران ۽ هن خطي جا ماڻهو، مسلم دنيا خلاف ٿيندڙ ان مڪاري کي ڪڏهن به نه وساريندا.”

آمريڪا-سعودي مڪاري؟” ڇا تيل جون قيمتون گهٽجڻ جو اصل ڪارڻ آهي؟

سعودي عرب جو تيل وارو وزير علي ال نعيمي ايئن نٿو سمجي. هن ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته سندن ملڪ اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته تيل جون قيمتون اوپيڪ کان ٻاهر تيل جي پئداوار وارن ملڪن کانسواءِ غلط فهمين ۽ جوارين جي لالچ جي ڪري ٻاڙائي جو شڪار آهن. ٻين لفظن ۾ تاريخي طور تيل جي قيمتن کي مٿي رکڻ ۾ اهم ترين ملڪ کانسواءِ باقي سڀ ماڻهو ان جا ذميوار آهن. ڇا توهان جي خيال ۾ ان ۾ وڌاءُ ناهي؟ فنانشل ٽائمز موجب، اوپيڪ جي حقيقي اڳواڻن ڪارٽل جي “روايتي حڪمت عملي” کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته تيل جون قيمتون ڀلي ته 20 ڊالر في بيرل جي سطح تي اچي وڃن، اهي پوءِ به ان جي پئداوار ۾ گهٽتائي نه ڪندا.

ايئن ڇو؟ ڇو ته سعودي وارن پنهنجي پراڻي حڪمت عملي ترڪ ڪري ڇڏي آهي. ڇا کين ڏوڪڙن سان محبت ناهي رهي؟ ۽ ڇا لاءِ نعيمي تيل جي گهٽ ٿيندڙ قيمتن بابت ايترو بي چين آهي، ان گهٽتائي وچ اوڀر جي اسٽاڪ مارڪيٽن جا گوڏا کوڙائي ڇڏيا آهن. ان سان سندن سعوديه بجيٽ جو گهاٽو جي ڊي پي جي 5 سيڪڙو برابر ٿي ويو آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي ۽ ان سان معاشي بدحالي وڌي وئي آهي، منڊي مان حصو وصول ڪرڻ ايترو ئي ضروري هو يا اندروني طرح ڪجهه ٻيو کيل تماشو ٿي رهيو آهي؟

گارجين جي ليري ايليٽ جي خيال ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب ان سازش ۾ ملوث آهن، جنهن جو مقصد تيل جون قيمتون ڪيرائڻ آهي. هن سيپٽمبر 2014ع ۾ جان ڪيري ۽ سعودي شاهه عبدالله وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن ۾ تيل جي پئداوار ۾ واڌارو ڪري ايران ۽ روس کي سيکت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو هو. هتي ان مضمون جا ڪجهه حصا ڏجن ٿا، مضمون جون عنوان هو “وڏو داءُ-آمريڪا- روس ۽ ايران خلاف تيل جو پتو کيڏڻ لڳو”.

“پنهنجي سعودي اتحادين جي مدد سان واشنگٽن اڳ ۾ ئي ڪمزور منڊي ۾ خام تيل جو وڏو مقدار اڇلائي تيل جون قيمتون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي- ايران ۽ روس تيل جي ايڪسپورٽ تي تمام گهڻو ڀاڙين ٿا. خيال اهو آهي ته تيل جون قيمتون گهٽجڻ سان کين آساني سان منهن ڏئي سگهبو”.

“آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري مبينه طور سيپٽمبر ۾ سعودي شاهه سان هڪ ڊيل ڪئي هئي جنهن هيٺ سعودي خام تيل کي منڊي جي هاڻوڪي قيمتن کان گهٽ تي وڪرو ڪيو ويندو. ان مان انهي ڳالهه جي وضاحت ٿئي ٿي ته عراق ۽ شام ۾ داعش جي گرٻڙ باوجود قيمتون گهٽجي رهيون آهن، اهڙي جنگاڻ جي صورت ۾ عام طور قيمتون چڙهنديون آهن”.

“سعودي عرب وارن هن ڏهاڪي جي وچ ڌاري پڻ ايئن ئي ڪيو هو. ان وقت ان جو مقصد اهو هو ته تيل جي قيمتن کي ڏهه ڊالر في بيرل تائين پهچائي صدام حسين جي حڪومت کي نقصان پهچايو وڃي. هن وقت وچ اوڀر جي ماهرن موجب سعودي، ايران ۽ ماسڪو کي ان ڳالهه تي مجبور ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي شام ۾ اسد حڪومت جي حمايت بند ڪن”.

اها ايليٽ جي ٿيوري آهي، پر ڇا اها صحيح آهي؟ ولاد ي مير پيوٽن ان بابت پڪ نٿو ڏئي. مورالس، مڊور ۽ حسن روحاني جي ابتڙ روسي صدر، آمريڪا- سعودي عرب کي تيل جي ڪرندڙ قيمتن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۾ مونجهاري جو شڪار آهي. “اتاس تار” ۾ روسي صدر پيوٽن لکيل پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته: “تيل جون قيمتون گهٽجڻ بابت جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اها سعودي ۽ آمريڪا بهادر جي گڏيل سازش جو نتيجو آهي ۽ ان جو مقصد ايران کي سزا ڏيڻ، ايران، روس ۽ وينزويلا جي معيشتن کي متاثر ڪرڻ هو.” ايئن ٿي به سگهي ٿو ۽ نه به. اهو به ممڪن آهي ته ان جو سبب خام تيل ۽ رال کي صاف ڪرڻ لاءِ تيل پئدا ڪندڙ ملڪن ۾ روايتي ڇڪتاڻ هجي. منڊي جي هاڻوڪي صورتحال مطابق رال کي صاف ڪري تيل پئدا ڪرڻ جي ڪري آپريٽنگ قيمت ٻُڙي ٿي چڪي آهي”.

هميشه وانگر پيوٽن نهايت اعتدال وارو موقف اختيار ڪيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا ۽ سعودي جي ملي ڀڳت هجي يا عين ممڪن آهي ته ڪرندڙ قيمتن جو سبب وڌيڪ رسد ۽ گهٽ طلب هجي. ٻين لفظن ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪا سازش ٿيندي هجي ليڪن اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهڙو ڪجهه نه ٿيندو هجي. پيوٽن اهڙو ماڻهو آهي جيڪو بنا ڪنهن ثبوت جي ڪا ڳالهه نه ڪندو آهي.

ليڪن واشنگٽن پوسٽ لاءِ ايئن نٿو چئي سگهجي. ويجهڙ ۾ ان سان لاڳاپيل هڪ صحافي ڪرس مَوني مذڪوره سڀني ماڻهن کي رد ڪري ڇڏيو جن جو خيال آهي ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آمريڪا بهادر ۽ سعودي عرب جي سازش جو نتيجو آهي. هو انهن ماڻهن کي “سازشي ٿيوريون گهڙيندڙ” چوي ٿو. موني جي ان مضمون ۾ ڪيترائي تضاد موجود آهن. هڪ پاسي موني جو چوڻ آهي ته اوپيڪ ڪارٽل ئي تيل جي قيمتن تي ڪنٽرول رکندو آهي ۽ ٻئي طرف منڊي جون قوتون پڻ ان سموري عمل پٺيان آهن. ڇا ان بي ربط سلسلي کي محسوس ڪيو آهي؟ ڪارٽل رسد ۽ طلب جي اصول ۾ رڪاوٽ بڻجي قيمتن جو تعين پنهنجي مرضي سان ڪندو آهي. لڳي ٿو ته موني ان حقيقت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. موني جي مضمون ۾ هڪ ٻي حقيقت به نظرانداز ڪئي وئي آهي، اها حقيقت اها آهي ته سوال اهو ناهي ته مارڪيٽ جي قوتن پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي يا نه. سوال اهو آهي ته سعودي وارن جيڪا سپلاءِ وڌائي آهي ان جو ڪو سياسي مقصد آهي يا رڳو اهي منڊي تي هڪ هٽي چاهين ٿا.

سعودي عرب طرفان اهڙيون حرڪتون ڪا نئين ڳالهه نه آهن. آمريڪا سان ڳٺ جوڙ ڪري هو اڳ به اهڙا ڪيترائي هٿڪنڊا استعمال ڪري چڪو آهي. “سازشي نظريا گهڙيندڙن” جي فهرست ۾ نيويارڪ ٽائمز جو ڪالم نگار ٿامس فرائيڊ مين به شامل آهي. زميني حقيقتون اهو ٿيون ٻڌائن ته سعودي عرب هن کان اڳ به گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا تيل کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري چڪو آهي. 1973ع، 1986ع، 1990ع، 1998ع ۽ 2008ع ۾. سوال اهو آهي ته هن ڀيري ان بابت سوال اٿاريندڙن کي ميڊيا نشانو ڇو بڻائي رهي آهي؟ ڪٿي ان جو مطلب اهو ته ناهي ته تيل جي قيمتن کي گهٽ سطح تي رکڻ لاءِ انهن قوتن جو ساٿ ڏيندي عوامي راءِ کي منظم ڪيو پيو وڃي؟

هر معاملي تي نظر رکندڙ ان ڳالهه کان باخبر آهن ته هفتن کان تيل جي قيمتن بابت خبرون هيڊلائينز ۾ آهن، جنهن ۾ حقيقت فقط ايتري آهي ته ان بابت بنيادي حقيقتون تبديل نٿيون ٿين ليڪن اها خبر شهه سُرخين ۾ ئي رهندي آهي. ڇا توهان خبر تائين پهتا آهيو؟ خبر اها آهي ته “سعودي عرب تيل جي پئداوار گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.”

ڇا اهو اجتماعي طرح عوام جي برين واشنگ ڪرڻ جي تجربي جو حصو آهي؟ ڇا ايئن ته ناهي ته هر ڀيري جڏهن اهڙي خبر اڳيان اچي ٿي ته تيل جا سودا رڪجي وڃن ٿا ۽ قيمت وڌيڪ گهٽجي وڃي ٿي، ڪٿي ايئن ته ناهي؟

ان ڳالهه جي وضاحت ڪجهه هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن لبيا ۾ ڪنهن آئل ريفائنري تي حملو ٿئي ٿو ته تيل جون قيمتون فوري طور وڌي وينديون-ڪلاڪن اندر اها خبر آمريڪا ۾ ٽي وي ۽ اخبارن جي شهه سرخين جي زينت بڻجي وڃي ٿي ته “سعودي عرب تيل جي پئداوار گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو”. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته تيل جون قيمتون وري هيٺ اچي وڃن ٿيون.

اهڙي ريت ميڊيا حڪومت جي پاليسي کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ميڊيا اهڙو پيغام بار بار ماڻهن تائين پهچائي ٿي جنهن سان قيمتون گهٽبيون ئي رهن ٿيون ۽ ايئن “خراب” پيوٽن متاثر ٿئي ٿو. ميڊيا اهو دهل تيستائين وڄائيندي رهندي جيستائين پيوٽن جي وات مان اها آهه نه نڪري ته “انڪل”!

قصو مختصر تيل جون ڪرندڙ قيمتون منڊي جي قوتن جي ڪري نه آهن. اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏي سياسي کيل جو حصو آهي. ان جو مقصد پيوٽن کي گوڏا کوڙائڻ ۽ سموري ايشيا ۾ آمريڪا جي بالادستي قائم ڪرڻ آهي. اهو سڀ ڪجهه آمريڪا بهادر کي دنيا جي اڪيلي سپر پاور طور قائم رکڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، حالانڪه سندس معيشت خود زوال ڏانهن وڃي رهي آهي.

Courtsy: International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو