Home / افيئر / جلال چانڊيو: سنڌي عوامي سنگيت جو سپر اسٽار!
above article banner

جلال چانڊيو: سنڌي عوامي سنگيت جو سپر اسٽار!

Rafiq Wasanشاعري ۽ فن موسيقيءَ جي حوالي سان سنڌي سماج ۽ ثقافت جو جائزو مختلف پهلوئن ۽ موضوئن جي حوالي سان ڪري سگهجي ٿو. مثال طور: سنڌي موسيقيءَ جي تاريخي اوسر ۽ ان جا مختلف قسم ، ٻوليءَ جو استعمال ۽ موسيقي، شاعري ۽ موسيقي، صوفياڻي، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ فوڪ موسيقيءَ جون روايتون، پاپولر ۽ عوامي فنڪار، ڪيسٽ انڊسٽري ، فلمي موسيقي، راڳ جا استاد گهراڻا ۽ سرپرستي وغيره.

سنڌي سنگيت کي پاپولر عوامي رنگ ۽ مقبوليت ڏيڻ ۾ جلال چانڊيو بنيادي ۽ بي مثال ڪردار ادا ڪيو. 70 جي ڏهاڪي دوران جلال چانڊيو سنڌيءَ موسيقيءَ ۾ جيئن ئي متعارف ٿيو ته سندس منفرد اسٽائيل ۽ تخليقي ڏات وسيلي هڪ نئين عوامي سنگيت جي دور جي شروعات ٿي. جنهن جو اثر ۽ عروج لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين ڇانيل رهيو. سنڌي موسيقيءَ ۾ جلال چانڊيو هڪ نئين آغاز ۽ عروج جو دور آهي. سندس ڪڙڪيدار آواز ، يڪتاري چپڙين جي وڄت، عوامي تصوراتي عشق ۽ محبت جي جذبن ۽ جماليات سان ڀرپور اظهار واري شاعري کيس اهڙي ته شهرت بخشي جو هزارين پرستارن (مردن توڙي عورتن) لاءِ سنڌي موسيقيءَ جو هيرو ۽ سپر اسٽار ٿي اڀري آيو. عوامي فنڪار جي حيثيت ۾ هو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڳندڙ ميلن، ڪچهرين، شادين مرادين ۽ محفلن ۾ هزارين پرستارن جي آجيان ۾ پرفارم ڪندو هو. ڪوهن ميلن کان سندس چاهيندڙ ۽ پرستار جلال چانڊيو جون محفلون ٻڌڻ لاءِ ڪٺا ٿي ويندا هئا. جلال چانڊيو پنهنجي عوامي گائڪي ۽ شاعري جي وسيلي عشق ۽ محبت جي اظهار جا دلين کي ڇهندڙ ۽ ترجماني ڪندڙ جيڪي عوامي تصور کڻي آيو اهي ان دور جي ڳوٺاڻي زرعي جاگيردار سماج هيٺ دٻيل ۽ لڪل جذبن خلاف هڪ مضبوط رد عمل ۽ تبديلي طور اتساهيندڙ هئا. جلال چانڊيو جوڪلام عشق، محبت ۽ پيار جو کليل اظهار ۽ پرچار هو. سندس آواز ۽ ڪلام جو ان وقت جي ڳوٺاڻي نوجوان لاءِ تفريح کان سواءِ عشق جو آواز هو. جنهن ۾ محبت ۽ پيار جا باغي جذبا هئا، آرزو هئي، اتساهه هو ۽ اميد هئي. زرعي سماج اندر عشق ۽ محبت بابت مروج روايتي قدرن کي جلال چانڊيو جو عوامي سنگيت ۽ شاعري نئين معنيٰ ۽ وضاحت ٿي ڏني. اهو ئي سبب هيو جو جلال چانڊيو جا ڪلام سماجي طور ” خَراب ۽ بگاڙيندڙ” ليکيا ويندا هيا. ڪافي هنڌن تي جلال جو ڪلام ٻڌڻ تي پابندي هوندي هئي. خاص ڪري عورتن جي حوالي سان ته سندس ڪلام تي سماجي پابندي پيل هوندي هئي.

jan 51

سنڌ ۾ 70 جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ آڊيو ٽيڪنالاجي جي حوالي سان اڃا ڪيسٽ رڪارڊنگ ڪمپنين وارو دور وڏي پيماني تي متعارف نه ٿيو هو. جلال چانڊيو جي عوامي مقبوليت جي ڪري نه صرف ڪيسٽ ڪمپنيون کليون پر ڪيترائي نوان فنڪار پڻ متعارف ٿيا ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ ميوزڪ شاپس کليا ۽ ٽيپ رڪارڊرس عام جام ٿيا. جلال چانڊيو جي نئين ڪيسٽ جو ميوزڪ سينٽرن تي هٿو هٿ وڪرو ٿيندو هو. جلال چانڊئي جي عوامي مقبوليت واري موسيقي نه صرف سنڌ ۾ مشهور ٿي پر پنجاب جي سرائڪي بيلٽ ۽ بلوچستان جي سڄي بلوچ بيلٽ ۾ به عام ٻڌي ويندي آهي.

80 وارو پورو ڏهاڪو جلال چانڊئي جي گائڪي ۽ اسٽائيل تمام گهڻو ڇانيل رهيو. گهرن، اوطاقن، محفلن، ميلن، هوٽلن، ٽريڪٽرن، ٽرڪن، سوزڪين ۽ بسن ۾ جلال چانڊيو جا ڪلام عام هئا. سندس عوامي مقبوليت ۽ عروج جي ڪري ان زماني جي مشهور سنڌي فلم ڊائريڪٽر شاهه اسد “جلال چانڊيو” نالي سان فلم ٺاهي. جنهن ۾ جلال چانڊيو بطور هيرو ڪم ڪيو. سنڌي سئنيما واري عروج وارن ڏينهن ۾ سئنيما هائوسز ۾ فلم شو شروع ٿيڻ کان پهرين جلال چانڊيو جا ڪلام هلايا ويندا هئا.

جلال چانڊيي جي سنڌي پاپولرعوامي گائڪي جو هڪ اهم سبب ۽ خاصيت اها پڻ هئي ته هن گهڻ رنگي شاعرن جو ڪلام ڳايو. جنهن ۾ صوفي شاعر به هئا ته عوامي شاعر به. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، مهدي سائين، پير اعجاز سائين، جانڻ فقير چن، راضي فقير، ٻڍل فقير، محمد فقير کٽياڻ کي به ڳايو ته استاد بخاري، راشد مورائي، انور قمبراڻي ۽ ميهر فقير کي به ڳايو. ان حوالي سان جلال چانڊيو جي ڪلام ۾ عشق، حسن جماليات به آهي ته صوفي خيال به. قصيدا به آهن ته قومپرست ۽ وطن دوست شاعريءَ وارو ڪلام به آهي.

80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ جو پڻ عروج وارو دور هو. جلال چانڊيو ان زماني ۾ پنهنجي ڪيسٽن ۽ محفلن ۾ قومپرست گيت به ڳايا جيئن استاد بخاريءَ جو هي مشهور گيت هن ڳايو.

ڏيندو ڏيهه ميار او يار

قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو

تازوئي جنوري مهيني ۾ جلال جي 15هين ورسي ٿي گذري. شايد پيڙهي فرق ۽ ٻين سماجي تبديلي وارن لاڙن ۽ اثرن ڪري جلال چانڊيو جي 70، 80 ۽ 90 وارن ڏهاڪن وارو اوج ۽ اڀار سنڌي موسيقيءَ ۾ باقي نه رهيو آهي. پر اڄ به جلال چانڊيو جي راڳ واري يڪتاري چپڙيءَ واري روايت سنڌي موسيقيءَ ۾ کيس ياد ڪندي رهندي. جلال چانڊيو جي سگهاري اثر کي سنڌي راڳ ۽ موسيقي جي اهم باب طور ڏهاڪن تائين ياد ڪيو ويندو.

سنڌ جي واسطيدار ادارن کي جلال چانڊيو جي سنڌي موسيقي ۾ ڇڏيل بيمثال ثقافتي ورثي کي ضايع ڪرڻ کان بچائيندي محفوظ ڪيو وڃي ڇو ته موسيقي ثقافت جو اهم حصو هجي ٿي ۽ ثقافت قومن جي تاريخي سڃاڻپ جو اهم محرڪ ۽ اهڃاڻ هجي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو