Home / اسپيشل افيئر / جناح جي زندگي ۽ موت جا گم ٿيل ورق!
above article banner

جناح جي زندگي ۽ موت جا گم ٿيل ورق!

Akhtar Balochقائد اعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ جا ڪجهه پهلو اهڙا آهن جيڪي اڄ تائين ڪنهن به عام پاڪستاني جي نظرن کان اوجهل آهن. ان جو سبب گهڻو ڪري اهو آهي جو اهي سامهون اچڻ سان ڪجهه اهڙيون حقيقتون منظر عام تي اچن ٿيون جيڪي پاڪستان جي نوڪر شاهي کان هضم نٿيون ٿين. انهي حد تائين جو قائد اعظم محمد علي جناح بابت اهڙي معلومات جيڪا سندس ڀيڻ فاطمه جناح لکي آهي، اها به رڪارڊ مان غائب ڪئي وئي آهي.

پاڪ-هند جي تاريخ نويسي هيمشه مستند هئڻ بدران تڪراري رهي آهي. عام طور تي تاريخ نويسي راجائن، مهاراجائن ۽ بادشاهن جي پيشيور تاريخدانن طرفان سندن دور ۾ ڪئي ويندي هئي. اهڙي لکيل تاريخ هميشه تعريف سان ڀريل هوندي هئي. اها تاريخ عوامي تاريخ نه هوندي هئي بلڪه ان ۾ فقط حڪمرانن جي سوڀن، سخاوت ۽ نام نهاد ڪارنامن جو ذڪر هوندو هو.

اڳوڻي آمر ايوب خان جي دور ۾ هڪ اديب ناول لکيو ۽ ڇپرائڻ لاءِ پبلشر وٽ کڻي ويو، ليڪن کيس سخت مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻو پيو. جڏهن سمورن پبلشرز کيس ٻڌايو ته سندن ادارو صدر ايوب خان جو ڪتاب “جس رزق سي آتي هو پرواز مين ڪوتاهي-فرينڊز ناٽ ماسٽرز” شايع ڪري رهيو آهي ۽ ناول ڇاپڻ لاءِ سندن وٽ وقت ناهي. وڏين ڪوششن کانپوءِ هن هڪ پريس جي مالڪ کي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ورتو. ليڪن پريس جي مالڪ اهو شرط رکيو ته ڪاغذ جو بندوبست ليکڪ پاڻ ڪري.

هاڻ ليکڪ ويچارو ڪاغذ جي تلاش ۾ نڪتو ته ڪاغذ وڪرو ڪندڙن جو به اهوئي جواب هو ته ڪاغذ صدر ايوب جي ڪتاب لاءِ موجود آهي، ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڪتاب لاءِ ڪاغذ آهي ئي نه- گهڻي ڏکيائي کانپوءِ هن ڪاغذ جو پڻ بندوبست ڪري ورتو ۽ ايئن ڪتاب شايع ٿي ويو. ڪتاب شايع ٿي وڃڻ کانپوءِ جڏهن هن ڪتاب وڪرو ڪندڙن سان رابطو ڪيو ته انهن جو جواب به اهو هو ته سندن دڪان ۾ هن وقت فقط صدر ايوب جو ڪتاب سجائي رکيل آهي ۽ اهو ئي وڪرو ٿي رهيو آهي، ٻئي ڪنهن ڪتاب جي وڪري جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي.

آخرڪار ليکڪ مايوس ٿي سمورا ڪتاب پنهنجي ننڍي گهر ۾ رکي ڇڏيا. سندس زال ڪجهه عرصي لاءِ ته ڪتابن جا ڍير برداشت ڪيا ليڪن ڪجهه عرصي کانپوءِ روزانو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته هڪ ته گهر اڳ ۾ ئي ننڍو آهي ۽ ان ۾ به اَڌ جاءِ ڪتابن گهيري ڇڏي آهي.

june 54

روز روز جي جهنجهٽ کان تنگ ٿي نيٺ ليکڪ ڪتاب کڻي، پراڻن ڪتابن جي بازار ريگل چوڪ پهتو، اهو سندس لاءِ آخري صدمو هو، جڏهن پراڻا ڪتاب کپائيندڙن به کيس اهو جواب ڏنو ته هن وقت اهي فقط صدر ايوب جا ڪتاب ردي ۾ کپائي رهيا آهن، ٻئي ڪنهن ڪتاب جي گنجائش نه آهي.

اهڙن ڪتابن جو اهڙو ئي حشر ٿيندو آهي، ها ته اسان ذڪر ڪري رهيا هئاسين محمد علي جناح جي موت ۽ زندگيءَ جي حوالي سان سندس ڀيڻ فاطمه جناح جي ڪتاب جو، جيڪو هن “My Brother” يعني “منهنجو ڀاءُ” جي نالي سان لکيو ليڪن شايع ٿيڻ کان اڳ ئي ان جا ڪجهه صفحا غائب ٿي ويا. اهو ڪارنامو قائد اعظم اڪيڊمي جي روح روان جناب شريف المجاهد سرانجام ڏنو هو.

مون جڏهن ان سلسلي ۾ شريف صاحب سان ڳالهايو تڏهن سندس چوڻ هو ته اهي صفحا پاڪستان جي نظرئي خلاف هئا ان ڪري مون ڪتاب مان حذف ڪري ڇڏيا ۽ کيس پنهنجي ان عمل تي نه تڏهن ڪو افسوس ٿيو، نه اڄ آهي!

جڏهن مون کيس ٻڌايو ته اهي صفحا ته قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب “شهاب نامو” (1988 ۾ ڇپيل) ۾ شايع ڪري ڇڏيا آهن تڏهن هن چيو ته مواد حذف ڪرائڻ ۾ قدرت الله شهاب بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو.

اچو ته پهرين اهي ڦاٽل يا حذف ڪيل پنا پڙهون:

پهريون واقعو جولاءِ 1947ع جو آهي، جڏهن قائد اعظم بيماريءَ سبب علاج ۽ آرام لاءِ زيارت ۾ ترسيل هو. مس فاطمه جناح لکيو آهي ته جولاءِ جي آخر ۾ هڪ ڏينهن وزير اعظم نواب لياقت علي خان ۽ سيڪريٽري جنرل مسٽر محمد علي اوچتو زيارت پهچي ويا. سندن اڳواٽ اچڻ جو ڪو اطلاع نه هو. وزير اعظم ڊاڪٽر الاهي بخش کان پڇيو ته قائد اعظم جي صحت بابت سندس تشخيص ڇا آهي؟ ڊاڪٽر چيو ته کيس هتي مس فاطمه جناح گهرايو آهي، ان ڪري هو پنهنجي مريضن بابت صرف کيس ئي ٻڌائي سگهي ٿو.

نواب صاحب زور ڏنو ته: “وزير اعظم جي حيثيت سان قائد اعظم جي صحت بابت ڳڻتيءَ ۾ آهيان”

ڊاڪٽر ادب سان جواب ڏنو “جي ها، بلڪل. ليڪن آءُ پنهنجي مريض جي اجازت کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهان”

جڏهن مس فاطمه جناح، قائد اعظم کي وزير اعظم جي اچڻ جو ٻڌايو ته هن مسڪرائيندي چيو: “توکي خبر آهي، هو ڇو آيا آهن؟ هو ڏسڻ ٿا چاهين ته منهنجي بيماري ڪيتري خطرناڪ آهي ۽ آءُ ڪيترو عرصو جيئرو رهي سگهان ٿو. تون هيٺ وڃ ۽ پرائيم منسٽر کي چئو ته ساڻس هينئر ئي ملندس”.

مس فاطمه جناح چيو ته “هينئر ڪافي دير ٿي وئي آهي سڀاڻي صبح جو ملي وٺجو”.

“نه” قائد اعظم وارڻيو “انهن کي هينئر اچڻ ڏي، اکين سان ڏسڻ ڏي”.

وزير اعظم اَڌ ڪلاڪ تائين قائد اعظم سان گڏ رهيو. ان کانپوءِ جڏهن مس فاطمه اندر وئي ته قائد اعظم ڏاڍو ٿڪل هو. هن ٿورو جيوس گهريو ۽ پوءِ چوڌري محمد علي کي پاڻ وٽ گهرايو. سيڪريٽري جنرل 15 منٽ قائد اعظم جي ڪمري ۾ رهيو. ان کانپوءِ مس فاطمه جناح قائد اعظم جي ڪمري ۾ وئي پڇيو ته ڇا هو ڪافي يا جوس پيئڻ پسند ڪندو؟

قائد اعظم ڪو به جواب نه ڏنو، هو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هو. هاڻي ڊنر جو وقت ٿي ويو هو. قائد اعظم، مس فاطمه جناح کي چيو “بهتر آهي تو تون هيٺ هلي وڃ ۽ ساڻن گڏ ماني کاءِ”.

“نه” مس فاطمه جناح اسرار ڪيو ته “مان توهان وٽ ئي ويهندس ۽ هتي ئي ماني کائي وٺندس”.

“نه” قائد اعظم چيو “اهو مناسب ناهي-هو هتي اسان جا مهمان آهن، ساڻن گڏجي ماني کاءِ”.

مس فاطمه جناح لکي ٿي ته: هن ماني جي ميز تي وزير اعظم کي نهايت خوشگوار موڊ ۾ ڏٺو. هو ڳالهه ڳالهه تي ڀوڳ ڪندو رهيو، جڏهن ته مس فاطمه، ڀاءُ جي بيماري سبب پريشان حال هئي، جيڪو مٿين ماڙ تي بيماري جي بستري تي اڪيلو پيل هو. ماني کائڻ مهل چوڌري محمد علي بلڪل خاموش ڪنهن سوچ ۾ گم هو.

ماني ختم ڪرڻ کان اڳ ئي مس فاطمه جناح مٿي هلي وئي هن وڏي ضبط سان پنهنجا ڳوڙها روڪي رکيا هئا. قائد اعظم کيس ڏسي ٿورو مشڪيو ۽ چيو: “فطي، توکي همت کان ڪم وٺڻ گهرجي”.

ان واقعي کان ٻه اڍائي هفتا پوءِ 14 آگسٽ تي پاڪستان جي آزادي جي پهرين سالگرهه آئي. پنهنجي ڪمزور صحت باوجود “پاڪستان ڏينهن” تي قائد اعظم عوام جي نالي اتساهيندڙ پيغام جاري ڪيو. مس جناح پنهنجي مسودي ۾ لکيو آهي ته: يوم پاڪستان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ناڻي وارو وزير مسٽر غلام محمد، قائد اعظم سان ملڻ ڪوئيٽا آيو. مانجهاندي مهل جڏهن مس فاطمه جناح ساڻس اڪيلي ويٺي هئي تڏهن مسٽر غلام محمد چيو: “مس جناح آءُ هڪ ڳالهه اوهانکي ضرور ٻڌائڻ چاهيندس. يوم پاڪستان تي قائد اعظم قوم جي نالي جيڪو پيغام ڏنو هو، ان کي خاطر خواه تشهير ۽ اهميت نه ڏي وئي. ان جي ابتڙ وزير اعظم جي پيغام جا پوسٽر چاپي انهن کي نه رڳو شهر شهر ديوارن تي هنيو ويو بلڪه هوائي جهازن وسيلي اهي وڏن شهرن ۾ اڇلايا پڻ ويا”.

مس جناح اها ڳالهه خاموشيءَ سان ٻڌي، ڇو ته ان وقت کيس بيمار ڀاءُ جي صحت جي ڳڻتي هئي، پبلسٽي جي نه.

اها هئي انهن گم ٿيل ورقن جي ڪهاڻي جيڪي فاطمه جناح جي ڪتاب “منهنجو ڀاءُ” مان حذف ڪيا ويا هئا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون وارداتون ٿيون آهن ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته انهن سمورن واقعن کي اصلي شڪل ۾ توهانجي خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن توهان وٽ به اهڙي ڪا ڄاڻ هجي ته ضرور آگاهه ڪجو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو