Home / ايڊيٽوريل / حاڪمن کي ڪيتري سنڌ گهرجي؟
above article banner

حاڪمن کي ڪيتري سنڌ گهرجي؟

ڪنهن روسي ڪهاڻيڪار جي هڪ ڪهاڻي جو عنوان آ ته، “ماڻهو کي نيٺ ڪيتري زمين گهرجي؟” ڪهاڻي ۾ هڪ روسي جاگيردار جنهن کي لکين ايڪڙن جي جاگير آ سو اعلان ٿو ڪري ته هو پنهنجي زمين ماڻهن ۾ ورهائڻ ٿو گهري ان ڪري جيڪو به شخص سندس زمين وٺڻ چاهي سو ميدان تي اچي. ڪنهنکي ڪيتري ملندي ان بابت طريقو اهو اعلان ڪيائين ته صُبح کان وٺي شام تائين جيڪو شخص جيتري زمين جي ايراضي تي گول چڪر لڳائي، قلعا کوڙي، موٽي ايندو ان کي اوتري زمين ملندي. هڪ شخص گهوڙي تي چڙهي جاگير پهچي ٿو ۽ مقرر جاءِ تي پهريون قلعو کوڙي گول چڪر ڪاٽي موٽي اچڻ لاءِ روانو ٿئي ٿو. همراه وڌ مان وڌ زمين حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ تمام تيز گهوڙو ڊوڙائي ٿو. اڃا تيز. اڃا تيز. ٽيپهري ڌاري تائين همراه شروعات واري جاءِ تان تمام پري نڪري چڪو هوندو آ. جيئن ته شرط مطابق کيس سج لٿي کان پهرين واپس شروعات واري هنڌ تي پهچڻو هوندو آهي ان ڪري اتي ئي قلعو کوڙي مقرر جاءِ تي پهچڻ لاءِ گهوڙي کي انتها درجي تائين تيز ڊوڙائي واپسي جو پنڌ وٺي ٿو.

جاگيردار ۽ تماشبين مقرر جاءِ تي سندس واپسي جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن. سج لهڻ کان ٿورو پهرين کين پري کان ڌوڙ اڏائيندو ڪو گهوڙيسوار ايندو نظر آيو. اڃا ويجهو. اڃا ويجهو. نيٺ کين گهوڙيسوار جي شڪل نظر آئي. تماشائين ۾ هوڪرا پئجي ويا. سج اڃا ٽُٻي نه هنئي جو گهوڙو مقرر جاءِ تي اچي رسيو. جاگيردار ۽ تماشائي کيس شاباش ڏيڻ لاءِ ڊوڙي اڳتي وڌيا. ڏٺائون ته گهوڙو مقرر جاءِ تي پهچي ٿورو ٿاٻڙيو ۽ پوءِ ڦهه ڪري اچي پٽ تي ڪريو. گهوڙيسوار به پٽ تي ڪري پيو.جاگيردار ۽ تماشائين ويجهو اچي ڏٺو ته نه گهوڙي ۾ ساه نه سوار ۾. سومهڻي تائين گهوڙيسوار کي اتي ئي ڇهه فٽ قبر کوٽي ان ۾ دفن ڪيائون. جاگيردارڀڻڪيو ته، “ماڻهو کي ايتري ئي زمين گهرجي.”

پر سنڌ جي حاڪمن اها ڪهاڻي ناهي پڙهي. سندن بُک ڏسي اسان کي ته سندن پيٽ آڏو هي سڄو جهان به ننڍڙو ٿو لڳي. نه ته ڪمند جي آبادگارن کي سندن اگهه ڏيڻ ۾ ڇاهي؟ ڪيترو فرق پوندو؟ ٻه چار ارب رپيا؟ يا مٿي. پر ان لاءِ به آبادگارن جون پٽون کڻڻ. آبادگارن کي پنڌ ڪرائڻ. کين سندن حق نه ڏيڻ. اهو سڀ ڇا ٿو ظاهر ڪري؟بُک؟پر کين ڪيتري زمين گهرجي؟

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار آهي . ڪمند جون اڪثر ملون يا ته پارٽي جي سربراه آصف علي زرداري جي گروپ جون ملڪيتون آهن يا سندس سنگت ساٿ جون آهن. ڪمند جي آبادگارن ،شگر مل مالڪن ۽ حڪومتن وچ ۾ ڪمند جي اگهن تي تڪرار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. حڪومت ڪمند جي خريداري جو اگهه مقرر ڪندي آهي پوءِ ان تي مِل مالڪن ۽ آبادگارن ۾ ڪجهه ڏي وٺ ٿيندي آهي. هن سال باقي صوبن به ڪمند جي خريداري جا اگهه مقرر ڪيا جن تي انهن صوبن جون ملون آبادگارن کان ڪمند خريد ڪن پيون. پر جنهن پڪائي سان سنڌ جي شگر مل مالڪن آبادگارن کي آڱوٺو ڏيکاريو آهي ان جو ته مثال ئي نه ٿو ملي.

حالانڪه وزيراعلي سنڌ اهڙا بيان ڏيندو رهيو آهي ته سرڪاري اگهه تي ڪمند نه کڻندڙ مِل مالڪن تي ڪيس داخل ٿيندا پر سندس بيان رڳو ڏيکاءُ لاءِ آهن. سيد قائم علي شاه نه رڳو خوب ڄاڻي ٿو ته ملون ڪنهن جون آهن پر اهو به ڄاڻي ٿو ته سندس بيان جي مل مالڪن آڏو ڇا اهميت آهي. اسان جي خيال ۾ وزيراعلي صاحب پهرين مرحلي ۾، مالڪ ته پري ٿيا شگر مل جي مئينيجرز خلاف ڪيس داخل ڪرائي ته کيس مڃجي.

هي بي رحم حڪمران آهن. ٻارن جي اسڪول جي ڪتابن ۽ ڊيسڪن مان به پيسا ڪمائن، مريضن جي دوا مان به کين ڪميشن کپي، شهرن ڳوٺن جي گهٽين ۽ نالين جي صفائي ۽ ڀنگين جي نوڪري مان به پيسا کپن، واهن جي کاٽي مان به پيسا ٺاهڻا آهن ته آبادگارن کي فصل لاءِ پاڻي به پئسن تي کپائي ڏيڻو آهي. گهوسٽ روڊ، گهوسٽ اسڪول ۽ ماستر، گهوسٽ ترقياتي رٿائون. سنڌ سڄي گهوسٽن سان ڀري پئي آهي. سنڌ جون زمينون ملڪ رياض حوالي. اڃا ته ذوالفقار آباد رٿا باقي آهي. ٿورو اندازو ڪريو ته ان سڄي ڀيل مان پيپلزپارٽي جي ڪرتا ڌرتائن کي گهڻن ڏوڪڙن جي اپت ٿيندي هوندي؟ اربن، کربن جي. سنڌ وسيلن سال مالامال هوندي بيواه جي سينڌ جيان ڇو اجڙيل آ ان جو اندازو ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي.

پر آبادگارن کي ته ساه کڻڻ ڏيو. زراعت سنڌ لاءِ جيئڻ جو واحد وسيلو آهي. ٻيا وسيلا اسلام آباد توڙي بلاول هائوس ۾ ويٺل حڪمران اڳي ئي هڙپ ڪري چڪا. نه تيل گئس جي پيداوار مان سنڌين کي ڪو فائدو ملي، نه ڪا نئين فيڪٽري لڳي، ماڻهو ڪهڙي روزي ڪن؟ هڪ ٻني ٻارو. ۽ ان ٻني ٻاري مان به آبادگار فضيلت سان گذارو نه ڪري سگهن ته پوءِ ڪاڏي وڃن؟

ڳالهه اسان جي سمجهه کان مٿي آهي. آخر حڪمرانن کي ڳيهڻ لاءِ ڪيتري سنڌ کپي؟ پوئتي بچيو ڇاهي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو