Home / اسپيشل افيئر / دهشتگردي جو ڪو به مذهب نه آهي!
above article banner

دهشتگردي جو ڪو به مذهب نه آهي!

گذريل مهيني “افيئر” جي انٽرنيشنل واري صفحي تي “دهشتگردي جي نئين لهر-پاڪ ڀارت تڪرار ۽ عالمي مفاد” جي سري هيٺ مسٽر پارٿا بينرجي جو مضمون نظر مان گذريو. مون کي تعجب ٿيو ته مسٽر پارٿا بينرجي ڪٿان جو ڪٿان وڃي پهتو آهي ۽ ڪهڙا سوال پيو پڇي.هن جو پهريون ئي سوال منهنجي خيال ۾ صحيح ناهي. اها حقيقت آهي ته مسلمان مسلمان کي قتل ڪري رهيو آهي ليڪن سوال ته سڀ مسلمان دهشتگرد ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ اهو صحيح آهي ته مسلمانن کي هڪٻئي کي مارڻ نه گهرجي ڇو ته اسلام ۾ اهو بلڪل منع آهي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته مسلمان، مسلمانن کي گهڻي زماني کان ماري رهيا آهن ۽ ساڳي وقت هندو هندن کي، عيسائي عيسائين کي به ماري رهيا آهن اهي به ته سڀ هندو يا عيسائي دهشتگرد ته ناهن.

پارٿا بينرجي اڳتي هلي اهو چوي ٿو ته “انڊيا ويجهڙائي ۾ “اسلامي دهشتگردي” جي ڪيترن ئي واقعن کي منهن ڏنو آهي” اهو چوڻ ته هندستان “اسلامي دهشتگردي” کي منهن ڏنو آهي بلڪل غلط آهي ۽ اصل غلط سوچ جو نتيجو آهي. پارٿا بينرجي جو اهو چوڻ حقيقت کان پري آهي-پهرين ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ يا چند ماڻهن جي عمل کي جيڪي مسلمان هجن يا هندو يا عيسائي کي مذهب سان ملائي دهشتگردي چوڻ بلڪل غلط آهي. ڇا ڀلا مسلمانن تي مودي صاحب واري ظلم جنهن ۾ ڪيترائي مسلمان ماريا ويا يا ساڙيا ويا يا اهي ماڻهوجيڪي پاڪستان مان هندستان ٽرين ذريعي وڃي رهيا هئا ۽ اهو ڪنهن هڪ ماڻهو ڪيو يا ڪجهه ماڻهن سان ملي ساڙيو هيو، ڇا اها هندو دهشتگردي هئي؟ يا اهڙا واقعا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي رهيا آهن پوءِ اهي آمريڪا ۾ هجن يا اسرائيل ۾ ٿين ته انهن کي مذهب جو رنگ ڏئي عيسائي يا يهودي دهشتگردي جو نالو ڏنو وڃي! بلڪل غلط آهي-دهشتگردي جتي به هجي اها دهشتگردي آهي. ان کي ڪنهن به مذهب سان ڪو به واسطو ناهي. اسلام ته اسان کي انسانيت جو سبق ڏئي ٿو ته ڪنهن انسان کي مارڻ وڏو گناهه آهي ۽ اسلام ان جي سخت مخالفت ڪئي آهي-

jan 28

باقي اهو درست آهي ته هندستان هجي يا پاڪستان پنهنجي مفادن لاءِ ڪجهه حد کان وڌيو پيا وڃن. اهو پوءِ ڪشمير ۾ هجي يا هندستان ۾ يا پاڪستان ۾-هاڻي کڻي پشاور اسڪول واري واقعي کي ڏسو-جڏهن پاڪستان حڪومت کي ثبوت مليا ته اهو حملو افغانستان کان ٿيو- اهي سڀئي ثبوت آرمي چيف پاڻ کڻي ۽ فون وغيره هٿ ڪري افغانستان جي صدر ۽ ٻين عهديدارن کي ڏنا ۽ افغانستاني صدر غني ۽ ISAF جي ليڊر پاڪستان جي آرمي چيف کي يقين ڏياريو ۽ آئينده افغانستان جي زمين ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي خلاف ڪڏهن استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي ۽ اهو به يقين ڏياريو ته اتي جيڪي به تحريڪ طالبان جا دهشتگرد لڪل آهن ان جي خلاف افغانستان حڪومت ڪارروائي ڪندي-اها ٻي ڳالهه آهي ته افغانستان حڪومت اهو واعدو پورو ڪري سگهندي يا نه ڇو ته اتي حڪومت ڪمزور آهي ۽ سڄي افغانستان تي ان جي حڪومت جي گرفت آهي پڻ نالي ماتر آهي.

اها به هڪ حقيقت آهي ته افغانستان ۾ انڊين ماڻهن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترو به ناهي نه وري ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏو واپار آهي، جيڪو ڪجهه آهي به ته اهو به ٽئين ملڪ ذريعي آهي- ته پوءِ هندستاني ست يا اٺ ڪائونسل جنرل ڇو کوليا ويا آهن ۽ انهن جو اصل ڪم ڪهڙو آهي- هڪ طرف اهو ڪم پاڪستان جي اولهه واري سرحد تي پيو هلي ته وري اوڀر واري سرحد تي فائرنگ جا مسلسل واقعا پيا ٿين. ڇا اها مودي سرڪار جو دوستي جو هٿ وڌائڻ آهي يا منافقي؟ مودي صاحب نواز شريف جي قسم کڻڻ واري موقعي تي نه آيو ليڪن نواز شريف ان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ خود ويو ۽ مبارڪباد به ڏنائين-نواز شريف جي ان مبارڪ ڏيڻ جو بدلو اڃا تائين مثبت انداز ۾ سامهون ناهي آيو. رهي ڳالهه آمريڪن دشمني پاڪستان يا هندستان لاءِ ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي اوباما جو هندستان جو ٻيو دفعو دورو آهي جڏهن ته هن اٺن سالن دوران هڪ دفعو به پاڪستان اچڻ جي تڪليف نه ڪئي.

ان مان اهو اشارو ملي ٿو ته آمريڪا هندستان ڏانهن ڪيترو جهڪيل آهي ۽ پاڪستان جيڪو هن سان هٿ ۾ هٿ ملائي القاعده خلاف 14 سال وڌندو رهيو ان کي ڇا مليو. ڪوڙا واعدا ۽ اقرار. پاڪستان جا ماڻهو ته آمريڪا کي سمجهي چڪا آهن ليڪن اڃا اسان جي ليڊرن جون اکيون نه کليون آهن. اڳي سوويت يونين واري افغانستان جي قبضي ۽ ان کان پوءِ ۽ هاڻي افغانستان جي آمريڪا واري لڙائي جيڪا افغانستان ۾ وڙهڻ کپندي هئي، ڊڪٽيٽر پرويز مشرف اها لڙائي پاڪستان کڻي آيو جيڪا اڃا تائين هتي وڙهي پئي وڃي. پنهنجي حڪومت کي بچائڻ خاطر ڊڪٽيٽر هر اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار هوندو آهي پو ڇو نه چيف جسٽس هجي يا بينظير، ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو.

طاقتور ملڪ ته اهو چاهيندا ته غريب ملڪ هڪٻئي سان وڙهندا رهن جيئن اسان جون حڪومتون انهن جون ڳيجهو هجن. هندستان ۽ پاڪستان ان مان سبق سکن ۽ ويڙهه کي ختم ڪري سٺن پاڙيسرين جيان سڪون سان رهن. يورپي پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران وڙهندا رهيا ۽ هاڻي يورپي يونين جي ڌاڳي ۾ ڳنڍيل آهن ۽ ترقي جون منزلون پيا ماڻن. اسان لاءِ به سارڪ اهڙي ئي آرگنائيزيشن آهي ۽ ان کي اڳتي وڌايون پر اسان جي دشمني ايئن ڪرڻ نه ڏيندي جنهن جو خاتمو ضروري آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو