Home / شوبز / دپيڪا، رام راگهون جي پهرين پسند
above article banner

دپيڪا، رام راگهون جي پهرين پسند

show 3بالي ووڊ هدايتڪار شري رام راگھون جو چوڻ آهي ته سيف علي خان ۽ ڪترينا ڪپور سان ٺاهيل سندس فلم ناڪام ٿي وئي، نه ته هو ان فلم ”ايجنٽ ونود“ جو سيڪوئل به ٺاهي ها، پر مستقبل ۾ هو عورتن جي مرڪزي ڪردار واري هڪ فلم ٺاهڻ چاهي ٿو جنهن جي لاءِ سندس پهرين پسند دپيڪا پڊوڪون آهي. هن پنهنجي ايندڙ فلم ”بدله پور“ جي رليز کان اڳ خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته وڏن ستارن سان ڪم ڪرڻ تي هدايتڪار ۽ فلم تي پيسو ڪمائڻ جو دٻاءُ هوندو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪهاڻيءَ سان سمجھوتو ڪرڻو پوندو آهي. راگھون موجب ڪئين ڀيرا هڪ آزاد فلمساز سان ڪم ڪرڻ بهتر هوندو آهي، هن دپيڪا سان ٺهندڙ فلم جو ڪو تفصيل ته نه ٻڌايو پر محسوس ايئن ٿيو ته کيس ان لاءِ ڪنهن آزاد فلمساز جي ڳولا آهي. شري رام راگھون جي فلم ”بدله پور“ 20 فيبروريءَ تي رليز ٿيندي، ان ۾ ورن ڌون ۽ يامي گوتم اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو