Home / افيئر / راهو تنهنجي ريت پرکنڊين پڌري!
above article banner

راهو تنهنجي ريت پرکنڊين پڌري!

Jami Chandioسنڌ جي تاريخ ۾ لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڪري مختلف شعبن ۾ جيترا گهڻا ۽ وڏا ماڻهو اڻويهينءَ ۽ ويهينءَ صدين ۾ پيدا ٿيا، ان جو اڳ ۾ ڪٿي مٿال نٿو ملي ۽ اُها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ کي جيتريون بدنصيبيون، ڏک، ڏوجهرا، غلامي، خطرا ۽ زوال جا محرڪ ۽ اهڃاڻ به جيترو انهن ٻن صدين ۾ مليا، ان جو به اڳ ڪو مثال نه ٿو ملي. بهرحال قومن تي عروج ۽ زوال ايندا آهن ۽ سنڌ به پنهنجي تاريخ جو بدترين زواليه دور ڀوڳي پئي ۽ نيٺ ان مان وڃي پار پوندي پر بحرانن جا دور قومن ۽ سماجن کي انيڪ وڏن ماڻهن جي صورت ۾ انهن نقصانن جي تلافيءَ جي صورت ۾ پڻ ملندا آهن. تاريخ ۾ ڏٺو ويو آهي ته معمول جي ڏينهن ۾ سماجن کي وڏا ماڻهو گهٽ ملندا آهن، پر بحرانن جي دورن جي گرڀ مان قومن کي هر شعبي ۽ ميدان ۾ سُونهان ملندا آهن ۽ سنڌ جي جهوليءَ ۾ به انهن ٻن صدين ۾ انيڪ ماڻڪ موتي پيا، جيڪي سدائين سنڌ جي اِتهاس ۾ اُتساهه جي علامت رهندا. شهيد فاضل راهو به سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو يگانو فرد هو، جنهن لاءِ لطيف سائينءَ جا هي لفظ بلڪل ٺهڪي اچن ٿا، جنهن ۾ هن چيو هو ته:

راهو تنهنجي ريت، پرکنڊين پڌري،

گهڻا گهوڙي چاڙهيئي، مسافر مسيت،

پُڇي ڪانه پريت، جي آيا سي اگهيا.

jan 46

مان 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر پاس ڪري آيس ته پليجو صاحب به جيل مان آزاد ٿيو ۽ مان سُتت ئي عوامي تحريڪ ۽ خاص طور پليجي صاحب سان واڳجي ويس. مون پليجي صاحب جي صحبت ۽ دوستن جي ڪچهرين ۾ جنهن ماڻهوءَ جا قصا ۽ سندس شخصي ۽ سياسي ڪردار بابت گهڻي ۾ گهڻا قصا ٻُڌا، اهو شهيد محمد فاضل راهو هو. ڄڻ ته ڪو ماڻهو نه پر ديومالائي ڪردار هو. پليجي صاحب کان اجائي تعريف ڪنهن جي پُڄندي ناهي پر اُن زماني ۾ هن جي ڪابه ڳالهه فاضل صاحب جي ذڪر ۽ سندس ڪارنامن ۽ گهڻ طرفي ڪردار جي ساراهه کان خالي نه هوندي هئي. مون کي ساڻس ملڻ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو وڏو اتساهه ۽ شوق هوندو هو پر ان هڪ سال اندر ئي هو شهيد ٿي ويو ۽ اهو ارمان هميشه رهندو ته مان ساڻس ملي نه سگهيس. ماڻهوءَ جو جسم ته ڪابه معنيٰ نه ٿو رکي ۽ منهنجي حقيقي ملاقات فاضل صاحب سان راهوڪيءَ ۾ سندس چاليهي ۾ ٿي هئي. سڄيءَ سنڌ ۽ ملڪ مان ماڻهن جا انبوهه اچي گڏيا. هر شعبي ۽ سوچ جا ماڻهو سندس سياسي تڏي تي، هر اک آلي- ڪنهن وٽ به اظهار جي قوت نه هئي جو هو فاضل جي شهادت جو سُور ڪنهن سان سَلي سگهي. ڪير ڪنهن سان تعزيت نه پيو ڪري، ڇاڪاڻ ته اِهو هر ڪنهن جو ذاتي ۽ قومي ڏک هو. هي ڪهڙو ماڻهو هو، جنهن لاءِ لاهور مان دانشور پروفيسر عزيزالدين احمد به هلي آيو هو ته گولاڙچيءَ جا ڪولهي به تڏي ڌڻي ٿيا ويٺا هئا. ولي خان، معراج محمد خان، افضل بنگش ۽ حاڪم علي زرداريءَ کان وٺي سنڌ جي هر جماعت جا اڳواڻ هڪ ڇت هيٺ- اهو فقط شهيد فاضل جي ديومالائي شخصيت ئي ڪري ٿي سگهي. اهو چاليهو ته نه هو، فاضل جي سورهيائيءَ، ڪردار ۽ وَڙَ جي تعارفي تقريب هئي، هن جي انقلابي جوهر جو جمال هو، هن جو حُسناڪ روح هو، هن جي اڻ ورچ جدوجهد جا جرڪندڙ نشان هئا، هن جي ڪردار جي خوشبوءِ هئي، هن جي ڪيف جي سرمستي هئي ۽ هن جي لازوال مرڪ هئي، جنهن لاءِ رسول بخش پليجي چيو هو ته فاضل کي ڏسي لڳندو هو ته دنيا ۾ مسئلا هوندا ئي ان لاءِ آهن ته انهن کي مُرڪندي مُرڪندي حل ڪري ڇڏجي.

شهيد فاضل جنهن کي ڳوٺ ۾ ننڍپڻ کان سڀ ناٿو چوندا هئا، اُن جي شخصيت، وجود ۽ ڪردار جا “جز” ته انهن سڀني کي معلوم هئا، جن کيس ڪنهن نه ڪنهن مخصوص ڪردار يا روپ ۾ ڏٺو هو. گولاڙچيءَ جي ڪولهين لاءِ هو سندن “هنئين ٿوڻي” مثل ناٿو ۽ فاجل هو، سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن لاءِ هو هڪ ارڏو هاري اڳواڻ هو، قومي ڪارڪنن لاءِ هو قومي سپهه سالار هو، ايم آر ڊيءَ جي جدوجهد جي ساٿين لاءِ هو 1983ع جي جدوجهد جو اصل روح روان هو، جيل جي ساٿين لاءِ هو بهادر سُورمو هو، عوامي نيشنل پارٽيءَ وارن لاءِ هو ملڪ جو صفِ اول جو انقلابي اڳواڻ ۽ مرڪزي سينيئر نائب صدر هو، پنجاب جي ترقي پسندن لاءِ هو سنڌ ۾ طبقاتي ۽ انقلابي جدوجهد جو محور هو. دانشورن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ هو ڏندڪٿائي ڪردار هو، جنهن جهڙن ڪردارن جو ذڪر رڳو انقلابي شاعريءَ ۽ ناولن ۾ ملندو آهي. شهيد فاضل جي چاليهي تي جڏهن سندس هزارين ۽ لکين چاهيندڙ گڏ ٿيا ته هر ڪنهن کي فاضل جو اهو “ڪُل” نظر آيو، جنهن سدا جرڪندڙ هيري جا ايترا روشن پاسا هئا، جو ماڻهو بيان نٿي ڪري سگهيا. فاضل جي مثالي ڪردار جي مڪمل تصوير ماڻهن کي ان ڏينهن راهوڪيءَ ۾ نظر آئي، جنهن ۾ سندس ڪردار جي سڀ طرفي سونهن پسڻ وارن ۾ هڪڙو نوجوان مان به شامل هئس. مون کي ياد آهي ته حيدرآباد مان منهنجو پراڻو ۽ دل گهُريو دوست مدد علي سنڌي ۽ مان گڏ ويا هئاسين.

ايئن ناهي ته فاضل راهو ڪو ڄمندي ڄام هو ۽ هو ننڍپڻ کان ان ڪردار جو حامل هو. هو بنيادي طور هڪ لاڙ جو ننڍو وچولو روايتي زميندار هو، جنهن جي رسمي تعليم به معمولي هئي پر شهيد فاضل اندر جو سچ پچ وڏو ماڻهو هو، جنهن پاڻ کي تبديل ڪيو، جنهن پنهنجي طبقي، طبقاتي مزاج ۽ مفادن کي پُٺِ ڏئي سنڌ وطن ۽ اُن جي هارين ۽ ڪولهين سان سياسي ۽ روحاني سڱ ڳنڍيو جيڪي کيس ناٿو يا “فاجل” چوندا هئا. هن پنهنجي روايتي سوچ کي ڇڏي پاڻ کي تاريخ جي سڀ کان اڳتي وڌيل سائنسي شعور سان سلهاڙيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن جي خوشبختي هئي جو هن کي رسول بخش پليجي جهڙو ڏاهو سُونهون مليو، جنهن کيس هڪ نئين انسان ۾ تبديل ٿيڻ ۾ مٿس وڏا اثر وڌا پر اِها بنيادي طور فاضل صاحب جي پنهنجي مڻيا هئي، جو هو هڪ عام وچولي زميندار مان ڦري انقلابي سُورمو فاضل راهو ٿيو، نه ته پليجي صاحب جي صحبت ۾ ته ٻيا به سوين هزارين ماڻهو هئا، پر انهن مان ڪوبه فاضل نه ٿيو.

شهيد فاضل جي مثالي ڪردار جو هڪ سبب اِهو به آهي جو هن انقلابيت رڳو ڪتابن ۽ ڪچهرين مان نه پر اڻ ورچ قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد مان سکي. ڇاڪاڻ ته جدوجهد کان وڏو ٻيو ڪوبه استاد ٿي نه ٿو سگهي. سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي يا “ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو” تحريڪ هجي، “زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو” تحريڪ هجي يا سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد هجي، ڀُٽي صاحب جي دور جي غلط فيصلن خلاف جدوجهد هجي يا ضياءَ شاهيءَ کي ايم آر ڊيءَ جي جدوجهدن جي صورت ۾ سنڌ مان للڪار هجي يا بدين مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس لاءِ رائلٽيءَ جي جدوجهد هجي، شهيد فاضل انهن سمورين تحريڪن جو روح هو، اصل ڪرنگهي جي هڏي هو. اِهي اڍائي ڏهاڪا شهيد فاضل نه هجي ها ته سنڌ ۾ اهي تحريڪون نه هلي سگهن ها ۽ مزاحمت ان درجي کي نه پُڄي سگهي ها. اهو ئي دشمن فاضل جي شهادت جي صورت ۾ سنڌ کي سَنڌائتو ڌڪ هنيو، جنهن جو ازالو نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن ٿي سگهندو. ڇاڪاڻ ته تن ڏهاڪن جي جدوجهد جي کُوري مان فاضل پچي ريٽو راس ٿيو هو. اهو ئي اُهو وقت هو جڏهن هو سنڌ ۽ ملڪي سطح تي هڪ وڏي اڳواڻ جي روپ ۽ ڪردار ۾ اُڀري آيو هو ۽ سنڌ پنهنجي هن سُورمي کي سُڃاڻڻ لڳي هئي. دشمن فاضل جي شهادت جي صورت ۾ سنڌ کي اهو ثمر نصيب ٿيڻ نه ڏنو.

مان اڪثر سوچيندو آهيان ته جي شهيد فاضل سنڌ کان ڪُمهلو وڇڙي نه وڃي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ ظاهر آهي ته اڪيلو فاضل سنڌ کي هن گهڻ طرفي تاريخي بحران مان نه ڪڍي سگهي ها پر پوءِ به مون کي ويساهه آهي ته سنڌ هينئن نه هجي ها، جيئن اُها اڄ آهي- مثال طور:

(1) سنڌ ۾ انقلابي تحريڪ ايئن ويهجي نه وڃي ها ۽ نه وري عوامي تحريڪ جهڙي مثالي تنظيم لڳاتار اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ايئن وِکري وڃي ها. فاضل ايئن ٿيڻ ئي نه ڏئي ها. پليجو صاحب هڪ غيرمعمولي عالم، اديب ۽ فڪري سونهون ته آهي پر عوامي سگهه ۾ فاضل گهڻو مٿي هو ۽ فاضل جي هوندي تنظيم ۾ اهو توازن هجي ها. اِها ڳالهه پليجو صاحب پاڻ به ڪندو آهي ته “فاضل جيڪڏهن سوچجي ٿو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ صدين جو طوفان، سنڌ جي صدين جي جدوجهد جو نچوڙ هو ۽ آهي. سنڌ جي تاريخ جو، سنڌ جي عوام جي جدوجهد جو عڪس هو، خمير هو پر عرق به هو. فاضل تاريخ جي طرفان سنڌ جي مظلوم، محڪوم ۽ بهادر عوام کي ڪو انمول ۽ بي بها تحفو هو…. فاضل ۾ اُهي سموريون خوبيون هيون، جيڪي اسان جي شاعرن، اديبن، فنڪارن سنڌ جي سُورمن بابت ڳايون آهن، وڄايون آهن، جيڪي مڙسيءَ جا تصور آهن، روايتي طور اسان جي تاريخ ۾ سخي هجي، بهادر هجي، ڏاتار هجي، سورهيه، اڻ موٽ ۽ حوصلي وارو هجي. فاضل انهن سمورين خوبين جو مجسمو هو.”

(2) شهيد فاضل هجي ها ته سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي تحريڪ محدود گروهي حيثيت مان نڪري حقيقي طور عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته هن جو اُٿڻ، ويهڻ، مرڻ، جيئڻ، خوشيون ۽ ڏک سڀ سنڌ ۽ عوام سان وابسته هئا. فاضل ئي اهو ماڻهو هو جيڪو سنڌ جي دانشور، اديب، وچولي طبقي، وطن دوست زميندار، عوام دوست ڪاموري ۽ هارين ۽ پورهيتن کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي ٿي سگهيو. ان روايت جو فڪر سنڌ ۾ پليجي صاحب ڏنو پر ان خواب کي ساڀيان فاضل ئي ڏئي ٿي سگهيو. جو لازمي ناهي ته هڪ مفڪر عوامي اڳواڻ به هجي. فاصل هجي ها ته گذريل اڍائي ڏهاڪن کان سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي تحريڪ ايئن ڪمزور نه ٿئي ها. اهو مون کي يقين آهي.

(3) شهيد فاضل هجي ها ته سنڌ ۾ جمهوري جدوجهد جو ناجائز کٽيو رڳو وڏيرا نه کائي سگهن ها. شهيد فاضل ۾ ئي اِهي ڳڻ هئا، جو هو پارلياماني مورچي تي به سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي سوڀون ماڻي ڏئي ها. سنڌ ۾ فاضل کانپوءِ ڪو ماڻهو اهڙو نه هو جيڪو سنڌ جي وطن دوست زميندار کي حقيقي قومي ۽ عوامي سياست ڏانهن ڇڪي سگهي ها. اها سندس ڪردار جي سگهه هئي جو فاضل صاحب جو چيو سنڌ ۾ ڪوبه موٽائي نه سگهندو هو. هڪ ڀيري غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ مون کي پاڻ ڪچهريءَ ۾ چيو ته فاضل هڪ جادوگر ماڻهو هو، جنهن جي هر ڪنهن وٽ وڏي سائِٿُ هئي ۽ هن زندگيءَ ۾ شهيد ڀُٽي کانپوءِ فاضل جهڙو ماڻهو نه ڏٺو. سندس جيل ۽ جدوجهدن جا ۽ سمورين تنظيمن جا ساٿي اهڙي ساک ڏين ٿا.

(4) شهيد فاضل هجي ها ته سنڌ جا ماڻهو ايئن نڌڻڪا نه هجن ها، هو ميدانن جو ماڻهو هو. هن جي غيرت، سورهيائي، جدوجهد، لوڪ ڏاهپ ۽ قربانيءَ جو محور سنڌ ۽ ان جا مظلوم پورهيت هئا. هو سنڌ جي نجات کي پورهيت طبقن جي نجات سان سلهاڙي ڏسندو هو. شهيد فاضل اهو ماڻهو هو جيڪو جتي وڏن قومي ۽ جمهوري معاملن تي جدوجهد ڪندو هو، اُتي هو عوام جا ننڍا ننڍا مسئلا به کڻندو هو، اهو ئي سبب آهي جو گولاڙچيءَ جا ڪولهي اڄ به “فاجل” کي خوابن ۾ ڳوليندا ۽ ساريندا رهن ٿا. فاضل پنهنجي مثالي ڪردار سبب ماڻهن لاءِ ڏڍ هو.

تاريخ جو اهو ڪيڏو نه الميو آهي ته فاضل جي واٽ تي نه هن جي اولاد هلي سگهي ۽ نه فاضل جو تسلسل اُها تنظيم ٿي سگهي، جنهن کي هن پنهنجي حياتي ارپي هئي. ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو ته جي فاضل جو اولاد سندس دڳ وساري ويٺو ته سندس تنظيم کيس ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ فاصل جون ورسيون سندس تنظيم ڇو نه ٿي ملهائي؟ اُتي فاضل جي نالي کي ڇو متروڪ ڪيو ويو آهي؟ پر سنڌ جو ماڻهو پنهنجي هن املهه سورمي کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي. هو سنڌ جي اتهاس ۾ سدائين مُرڪندو ۽ جرڪندو رهندو. هن جي خاندان سندس واٽ وڃائي ته ڇا، هن جي تنظيم هن کي وساريو ته ڇا- گولاڙچيءَ جا ڪولهي اڄ به پنهنجي ناٿي ۽ فاجل کي ايئن سارين ٿا، ڄڻ هو ڪو ديومالائي ڪردار هو، جيڪو آيو، جڳ کي پنهنجين جدوجهدن سان جرڪائي موٽي ويو. فاضل جهڙي عظيم سورمي کي لطيف جا هي لفظ ئي ارپي سگهجن ٿا ته:

ڀڪليا ڀوڻن ۾، ڌڙ تي گڏيو ڌوڙ ۾،

ڳالهيون، ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن،

ڪامل آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.

jchandio@cpcs.org.pk

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو