Home / اسپيشل افيئر / سنڌي ٻوليءَ ۾ ايف آءِ آر تي گوڙ ۽ تاريخي حقيقتون!
above article banner

سنڌي ٻوليءَ ۾ ايف آءِ آر تي گوڙ ۽ تاريخي حقيقتون!

Sana Ullah Soomro16 ڊسمبر 2014ع جي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر مطابق قومي اسيمبلي جي قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪاميٽي جي چيئرمين چوڌري محمود وردڪ سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تقريرون ڪرڻ، سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ايف آءِ آر لکڻ سميت ان جي انتظامي استعمال جي مخالفت ڪندي چيو ته قوم سان وفاداريءَ جي تقاضا اِها آهي ته ملڪ ۾ هڪ زبان استعمال ڪئي وڃي. اجلاس ۾ (ن) ليگ جي معين وٽو چيوته سنڌي، پشتو ۽ ٻيون ٻوليون علائقن ۾ مادري ٻولين طور زنده رهڻ گهرجن باقي ايف آءِ آر لکڻ سان فائدو نه پر مونجهارو پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو هتان ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ وڃي ته ان کي پهريان سنڌي سکڻي پوندي، ايترا معاملا علائقائي نه ڪيا وڃن ۽ لساني سوچ کي ايترو اجاگر نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اياز سومرو چيو ته سنڌ ۾ ايف آءِ آر نه پر روينيو رڪارڊ ۽ آفيسن ۾ به سنڌي استعمال ٿيندي آهي.

ڄاڻايل خبر سنڌ جي هڪ نهايت اهم مسئلي سان تعلق رکي ٿي. سنڌ ملڪ جو اهو واحد صوبو آهي جنهن وٽ هن ملڪ جي قيام (1947ع) وقت هڪ ترقي يافته زبان (ٻولي) هئي، ڪلچر ۽ تهذيب هئي سڀ کان وڏي ڳالهه ته سنڌ 1947 ۾ ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ خوشحال هو پر پوءِ وارن قدمن جهڙوڪ 1948ع ۾ ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ، 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام، 1973ع جي آئين ۾ بندرگاه ۽ مالياتي مامرا مرڪز حوالي ڪرڻ وغيره سبب سنڌ اڄ نه رڳو ٻين سڀني صوبن کان غريب ۽ بدحال صوبو آهي پر هينئر سندس ترقي يافته سنڌي زبان جي تاريخي حيثيت به کانئس کسڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن.

jan-34

سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪار علمي سرمايي ۽ تاريخي پسمنظر کي نظر ۾ رکندي انگريزن ان کي 1857ع ۾ انتظامي ٻوليءَ جو درجو ڏنو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ مستقل رسم الخط پڻ مقرر ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي لکپڙهه لاءِ خداواي، ناگري ۽ ٻيون رسم الخطون استعمال ٿينديون هيون. رسم الخط جي مقرر ڪرڻ بعد سنڌ جي ڪمشنر حڪم جاري ڪيو ته سنڌ ۾ مقرر ٿي ايندڙ برطانوي آفيسرن کي به سنڌي ٻولي سکڻ جو امتحان پاس ڪرڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو مشهور برطانوي آفيسر ايڇ ٽي سورلي شاه لطيف تي هڪ اهم تحقيقي مقالو لکي سگهيو. ان کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ ٻين ليکڪن جيڪو علمي خزانو سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ڪيو اهو تاريخ جو هڪ اهم رڪارڊ آهي.

پاڪستان ٺهڻ بعد مختلف وقتن تي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي گهٽائڻ ۽ اردوءَ کي رائج ڪرڻ لاءِ مرڪزي سرڪار طرفان قدم کنيا ويا پر سنڌ جي اديبن، دانشورن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي جدوجهد ڪئي جنهن ڪري مرڪزي سرڪار پنهنجا فيصلا واپس ورتا (جهڙوڪ 1969ع ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌيءَ ۾ لکرائڻ لاءِ ٿيل جدوجهد تاريخ جو هڪ اهم ورق آهي.)

17 جولاءِ 1972ع تي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي انتظامي ۽ تعليمي حيثيت جي بحاليءَ بابت سنڌ اسيمبليءَ هڪ بل پاس ڪيو ته ان تي به وڏا گوڙ ڪيا ويا ۽ “اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي” جهڙا شعر اردو اخبارن ۾ شايع ڪيا ويا. آخرڪار تڏهوڪي سرڪار وري ٻيهر 22 جولاءِ 1972ع تي هڪ ترميمي اردو ۽ سنڌي ٻنهي کي سنڌ جي انتظامي ۽ تعليمي ٻوليون بنائڻ جو آرڊيننس پاس ڪيو ويو. پر ان تي به هينئر تائين مڪمل طور تي عمل نٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙن کي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي نٿي پڙهائي وڃي جيڪا هڪ انتظامي ڀڃڪڙي آهي. انهيءَ ٻولي ائڪٽ تحت سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي بچاءُ ۽ ترقيءَ واسطي لاءِ هڪ ادارو قائم ڪرڻو هو جيڪو گهڻو پوءِ 1990ع ۾ قائم ڪيو ويو جنهن کي “سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو” (Sindhi Language Authority) چيو وڃي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي اڄ وري ملڪي فورمن تي مختلف حربن ۽ حيلن وسيلي چئلينج ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي گهڻ گهرن کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس نهايت مدلل ۽ سگهاري انداز ۾ کڻڻو پوندو. سڀ کان وڏو دليل هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ملڪ جي ٻين ٻولين جهڙوڪ پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائڪي وغيره وانگر صرف مادري ٻولي واري ڪونهي پر هيءَ ٻولي لکپڙهه توڙي انتظامي، تعليمي ۽ تدريسي حيثيت ۾ 1857ع کان وٺي هينئر تائين عمل ۾ رهندڙ هن خطي جي هڪ ترقي يافته زبان آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو