Home / افيئر / سنڌ جو ديوداس ۽ شام جا اُداس پاڇا….!!
above article banner

سنڌ جو ديوداس ۽ شام جا اُداس پاڇا….!!

اُهو جنهن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات سن کان ڪئي هُئي. تنهن پنهنجي ابتدائي تعليم جا ڏينهن ديوبند جي مدرسي ۾ فارسيءَ جا ڪتاب ”گُلستان“ ۽ ”بوستان“ پڙهي گُذاريا هُئا. جنهن جي نصاب ۾ ”شيخ سعدي“ به شامل هو ته حافظ شيرازي به هُن جي نصاب جو حصو هُئا. جنهن ”ديوانِ حافظ“ ۽ ”خيام“ جي خيالن جي پرواز تي پنڌ ڪيا هُئا. جنهن فارسي شعر کي ڪنهن مدرسي جي معلم وانگر نه پر عاشق جي دل ۾ لهي ويندڙ ڇيت وانگر محسوس ڪيو هو. جنهن جڏهن”امير خُسروءَ“ جي فارسي شعر جون سِٽون پڙهيون هُيون، جنهن جو مطلب هو ته: ”مُحبت جي مريض جو علاج فقط محبوب جي جهلڪ ۾ آهي.“ تڏهن هُو، اُن محبوب لاءِ مجذوب بڻجي پيو هو. هُن جو محبوب ڪير هو؟ ڪير هو؟ جيڪو هُن جي اندر ۾ اوتيندڙ مُلائيت واري نصاب اڳيان شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل هو. ڪڏهن ڪڏهن تجسس به محبوب سان مِلڻ جو رستو بڻجي ويندو آهي. هُو به تجسس جي گهٽين ۾ گِهڙي پنهنجي محبوب کي ڳوليندو رهيو. ڇا هُو ڪنهن سُرخ رئي ۽ نماڻين نظرن واري ناريءَ جي عشق ۾ مُبتلا هو؟ جي ائين هُجي ها ته شايد هُن لاءِ مسجد جو محراب ڇڏڻ مجبوري نه بڻجي ها. ليڪن هُن جو عشق اُهو خيال هو، اُهو آدرش…!! جنهن لاءِ صوفي شاعرن جون سِٽون آهن ته: ”مين تان کوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي….!!“جيڪو خيال هُن جي دل مٿان لاڙ جي هوائن وانگر لٿو هو ۽ اُتر جي آرهڙ ۾ تندور بڻجي تپيو هو.؟ هُو جيڪو سائين جي ايم سيد جي بندش پيل ڪتابن کي مدرسي جي ڪٻٽن ۾ لِڪائي رکندو هو ۽ جڏهن سڀ کٿابي، ننڊ جي خُمارن ۾ ستارن جي سيج تي حُورن جي هنج ۾ هليا ويندا هُئا. تڏهن هُو اُنهن ڪتابن کي کولي پڙهندو هو ۽ پنهنجي پيرن هيٺان اُن تتل تندور کي محسوس ڪندو هو، جيڪا تپش کيس سُک سان سمهڻ نه ڏيندي هُئي.ڀٽائيءَ جي انهن سِٽن وانگرته:

کَرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.

jan 48

۽ اُن کاهوڙيءَ کي هميشه پنهنجي اُن پنڌ جو اوسيئڙو رهندو هو. جنهن پنڌ لاءِ سيد جو آواز کيس سڏي رهيو هو.جڏهن سائين جي ايم سيد مٿان مُلن پاران مُلحد هُجڻ جون طنز ڀريون تُهمتون لڳايون پئي ويون ۽ سيد خلاف فتوائن جهڙا فِتنا کڙا ٿيڻ شروع ٿيا.تڏهن به هُن سيد مٿان مڙهيل فتوائن خلاف دليلن سان جواب ڏنا هُئا ۽ مُلن جي اهڙين فتوائن خلاف پمفليٽ لکي ورهائيندو رهيو.هُو جيڪو حيدرآباد جي ٻڪرا منڊيءَ ويجهو ڪيتري عرصي تائين مسجد ۾ پيش امام رهيو. جنهن ننڍي کنڊ جي تمام وڏي عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي معتقد هُجڻ سبب ساڄي ڌُر سان گڏ رهندي به، ڪڏهن ساڄي ڌُر جي سياست جو پاسو نه کنيو. جنهن سنڌ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ سيد جي فڪري رستي کي ئي سنڌ جي آجپي ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ سمجهيو. هي اُهو دور هو جڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي خيالن سبب حُڪومتي عتاب هيٺ رهيو. سيد جي فڪر واري سياست ڪندڙن کي هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ مٿيون سياسي طبقو حقارت سان ڏسندو هو. ايئن جيئن آمريڪي فوجي ويٽنامين کي حقارت مان Gook(غليظ) يا Dink(بي وقوف) سڏيندا هُئا. تڏهن سن جي سياسي رستي جي چونڊ ڪا عياشي نه پر امتحان هُئي. هُو پنهنجي پيش اماميءَ کي الوداع چئي، سن پاسي روانو ٿيو ۽ اُن پنڌ ۾ پنهنجي زخمي پيرن سان عمر جي هِن عليل عرصي ۾ به نڀائيندو رهي ٿو. هُو جنهن پنهنجي ڪتاب ”سَر ۾ سانجهيءَ وير“ جو انتساب به شاعريءَ جهڙي شڪايت ۾ ڪيو. ”اُنهن جي نالي، جيڪي واٽن ۾ ويهي رهيا.!!“ پنڌ ڏاڍو پري آهي پانڌيئڙا..(اياز)اُن انتساب کي پڙهي هُن جي سفر جي اٿاهه ٿَڪ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيڪو ٿَڪ هُن ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو. ليڪن مون سنڌ جي هن ”ديوداس“ کي ڪُجهه موقعن تي اڪيلائيءَ جي رِڻ جهڙو سفر اڪيلي سِر طئي ڪندي ڏٺو آهي. جڏهن به کيس مُلڪ جي مهربان طاقتن کنڀيو آهي. تڏهن هِن جي حصي ۾ جسماني تشدد کان سواءِ رُڳو نفس جي ذِلتن جهڙين صعوبتن جا پهاڙ آيا. نيلسن منڊيلا، هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: ”مون لاءِ جسماني ۽ ذهني تشدد ڪا به معنى نٿا رکن، ليڪن جنهن تشدد ۾ ذِلت جو احساس محسوس ٿيندو آهي، اُهو تشدد ناقابلِ برداشت هوندو آهي.“ ليڪن هِن سنڌ جي سفير سڀني اذيتن کي ائين سمجهي سَٺو آهي ته: ”غلاميءَ ۽ محروميءَ جهڙي غليظ، دُنيا ۾ ڪا ٻي گار پئدا ئي ناهي ٿي.“ اُهو ئي سبب آهي جو هُن لاءِ قيد ۽ صعوبتون بي معنى بڻجي وينديون هُيون. هُو جيڪو پنهنجي ڪمزور جسم مٿان هر طرح جو تشدد برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو پئي آيو آهي، جنهن جي ٿُوهر جهڙين اکين ۾ ڪڏهن ماڪ ڦُڙن مهرباني ناهي ڪئي. پر جڏهن سنهڙا، سيپڪڙا، 15 کان 30 سالن جي وِچ واري وَهيءَ وارا نوجوان، سنڌ جي ڪارين راتين ۾ ڪُٺا ويا،تڏهن پنهنجي همسفر سياسي جوانن جا چِچِريل لاش ڏسي، رڙيون ڪري روئڻ لڳو. هُن جون ٿوهر جهڙيون اکيون خود ندي بڻجي وهڻ لڳيون. مان ڪيترا ئي ڀيرا سوچيندو آهيان ڇا انسان! ايترو مضبوط آهي؟ جنهن جون اکيون ماءُ جي وڇوڙي تي به آليون ٿي نه سگهن؟ انسان واقعي مضبوط آهي. ليڪن اندر ۾ اُٿلون کائيندڙ دلين جون نديون ڪڏهن ڪڏهن اکين جو سيلاب بڻجي وينديون آهن. مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته هُو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جا حوالا ڏيندي، ارغونن، تُرخانن ۽ مُغلن سان سنڌ جي ويڙهه جي ڪٿا جا تاڪيا کوليندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ سندس آواز جي سرڪشي ڪڏهن به سُڏڪي ۾ بدلجي نه سگهندي. ليڪن سيد جي وڇوڙي وقت هن ديوداس جي دل يتيم بڻجي وئي هُئي، ڄڻ هُو جنهن ”پاروءَ“ جا پنڌ پُڇندي سيد وٽ پُهتو هو، سا ”پارو“ ڪنهن ٻئي پار هلي وئي هُجي.

سنڌ جي سرڪش دل اُن وقت به ڏکوئجي پئي هُئي، جڏهن باکوڙيءَ ۾ باهه ٻري هُئي، جڏهن رتيديري جون ماڙيون رُنيون هُيون ۽ سنڌ سيد کان پوءِ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو هو، تڏهن به هِن ديوداس جي دل ڀُري پئي هُئي. هُو ته اُن وقت به ڀُري پوندو آهي، جڏهن سنڌ جي رستن مٿان روزانو لاش اُڇلايا ويندا آهن. هُو جنهن کي سياسي مارڪيٽ ۾ وکر ٿي وِڪرو ٿيڻ جون آڇون ٿيون، جنهن کي ڀُٽي صاحب کان وٺي پاڪستان جي ڪيترن سياستدانن اسيمبليءَ ۾ اچڻ جون آڇون ڪيون ۽ وزارتن جون لالچون ڏنيون. پر هُو خليفي نبي بخش جي اِنهن سِٽن وانگر اٽل رهيو ته: ”ويا اُڏامي ڪَکَ، پِڙَ تان پَهڻ نه چُري.“ هُو به پِڙَ جي پهڻ وانگر پَل لاءِ به نه هٽيو. جنهن ڪڏهن به سياسي سوديبازين عيوض عظيم آدرشن کي اوڙاهه ۾ اُڇلائي، اُها واٽ نه ورتي جنهن واٽ تي وڃڻ لاءِ سياستدانن کان سنڌ جي سلامتي ۽ وجود به وِسري ويندو آهي. هُو جيڪو پنهنجي تقريرن جي سحر سان سنڌ جي نوجوانن کي اسيربڻائي ڇڏيندو هو. جنهن سنڌ جي گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سياسي سُجاڳيءَ لاءِ سفر ڪيا هُئا. جنهن ”جُمن دربدر“ سان گڏ، سنڌ ۾ ابتدائي سياسي شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ سفر ڪيا هُئا ۽ پئسي جي کوٽ وقت پنهنجي انائن جا لباس لاهي، بسن مان پِني پُورت ڪئي هُئي. جنهن ڪڏهن به، سنڌ جي سياسي آجپي واري واٽ کان اکيون ٻُوٽي، اهڙو رستو اختيار نه ڪيو، جيڪو رستو سنڌ جي سياسي وجود جي سلامتيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي وڃي. مان دعوى سان چوان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي سياسي فڪر ۽ نظرياتي رستي کي هِن ديوداس جهڙي معصوم دل ۽ سياسي منطق جي اِمام مُدبر ۽مُقرر چاچا حفيظ قريشي ۽ شهيد بشير خان جهڙو سرڪش عوامي سياسي انداز، حصي ۾ نه اچي ها ته، شايد سيد جي سياسي واٽ پاسي وڏي اڪثريت جو جُهڪاءُ ۽ اُن جي حصي ۾ ايتري وڏي مقبوليت اچي نه سگهي ها. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪانگريس کان پوءِ مُسلم ليگ ۽ عوامي ليگ جي وڏن اڳواڻن وٽ سيد جي پنهنجي ذاتي سياسي ساک هُئي. پر 70ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سيد سياسي طور پنهنجي رستي جو تعين ڪري رهيو هو. تڏهن سيد جي سياسي ساٿ ڏيڻ لاءِ، گهڻن سيد سان نڀائڻ جا وچن ڪيا هُئا. ليڪن اُهي سڀ واعدا جَر تي ڦوٽو ثابت ٿيا هُئا. سيد جي سياسي فڪر سان آخري گهڙين تائين جن ساٿ ڏنو، اُنهن ۾ هڪ نالو اُن مولوي عبدالواحد آريسر جو به آهي. جيڪو سنڌ جي عشق ۾ پنهنجي مڪتب مان پِرايل نرسري واري تعليم به وساري ويٺو ۽ شاهه سائينءَ جي ان سِٽ ۾ سمائجي ويو ته:

صُورت جا ساهَڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،

هوند نه پليو مان، گِهڙو سڀ گهڙا کڻي.

هُن سيد جي فِڪر واري واٽ ۽ سنڌ سان عشق واري پنڌ کي پنهنجي پُوري سچائيءَ سان نڀايو. اُها سياسي واٽ، جيڪا”انڪار“ جي واٽ هُئي سرمد جي نفيءَ واري واٽ هُئي. کيس خبر هُئي ته اهڙي سياست کيس اذيتن کانسواءِ ڪُجهه به ڏئي نه سگهندي. ليڪن هُن سنڌ سان وفا خاطر اُن رستي جي چونڊ ڪئي جتي ذرو ذرو بڻجي جيئڻو هوندو آهي. وِک وِک تي واسينگ وِچڙيل رهندا آهن. جيڪڏهن هِن مُلڪ جي سياسي انداز کي ڏسجي ٿو ته سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ خاطر سياست جا خُواب اکين ۾ سانڍي هلندڙن جا قافلا مجذوبن جا قافلا محسوس ٿين ٿا، ليڪن ڇا اُها مجذوبي سنڌ جي سُتل جذبي کي جاڳائي سگهي ٿي؟ پر اُن جو جواب هُن جي پُرسڪون چهري تي مُرڪ مان ئي مِلي وڃي ٿو. هُو جيڪو سنڌ جو ديوداس آهي. جنهن جي ”پارو“ اُها پوڙهي سنڌ آهي. جنهن جي ٻانهن جا چُوڙا به چورايا ويا آهن. جنهن جي ڪاراين جا ڪنگڻ به لاٿا ويا آهن. جنهن جي ڪنن جون واليون به بُکايلن وانگر وياج تي رکيون ويون آهن. جنهن جي قيمتي لباس کي، لينڊ مافيا جي مِلي ڀڳت سان لاٿو ويو آهي. جنهن جي سون جي جُتيءَ کي سياسي عبادتگاهه مان چورايو ويو آهي. سو پنهنجي تقريرن ۾ پنهنجي سياسي سفر جي سچاين جي ساک کڻي چئي رهيو آهي ته: ” ممڪن آهي سياسي سفر ۾ اسانجي عقل دوکو کاڌو هُجي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سياسي بصيرت ٺوڪر کاڌي هُجي، اهو به امڪان آهي ته اسان سياسي مسئلي جي گهرائيءَ تائين پُهچي نه سگهيا هُجون. پر اي! سکر جا شهر، اي کرڙيءَ جي شهيدن جا مقدس لاشئو، اي ڦاسيءَ جي ٽياس تي هيمون ڪالاڻيءَ جي آخري مُرڪ! اي بکر جي اونداهي کوهه ۾ ارغونن هٿان ڪرندڙ ڌاريجن جي حُب الوطني ۽ اياز جي لازوال شاعري! اوهان سڀ ساکي رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦُڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ تقدس هميشه رهيو آهي. اسان ڪڏهن به مڻيي تي موهجي نه ويا آهيون، اسان ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، اسان ڪڏهن به استقبالي جُلوسن خاطر سنڌ نه وِساري آهي.

“ اُهو سانوري سنڌ جو دراوڙ”ديوداس“ اڄ بيمار آهي. ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ هُن جي حياتي هيڊي بڻجي پئي آهي. جڏهن هُو راجپوتانه اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ داخل هو، تڏهن به هُن جي چهري تي سفر جي پيڙا جا پاڇا نظر نه آيا. ليڪن الائي ڇو؟ مون انتهائي ڏُک مان ڌنوءَ (ڌڻي بخش سولنگيءَ) کي چيو: ”بيماريءَ جي بستري تي پيل هن ٻار جي پارت اٿو..“ هي ٻار رُڳو سائين جي ايم سيد جو فڪري پُٽ ئي ناهي، پر هي ٻار قومي تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن جي سياسي تربيت جي حوالي سان اُستاد به آهي. جيڪو علالت جي عجيب گهڙين ۾ سج جي آخري لڪير بڻجي لهي رهيو آهي ۽ شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو آهي. سيد جي وڇوڙي کان پوءِ، سن جي سايي ۾ ساهه کڻندڙ سمورين پارٽين، پنهنجي گڏيل راءِ سان هُن کي سيد جيترو مانُ ڏئي، مرڪزيت ڏني هُئي. تڏهن به هُن اُن مانَ ۽ شان جو ڀرم ته رکيو. ليڪن هُو سيد جو سچو سپاهي هو. ”سيد“ نه هو، جيڪو اُن بار کي برداشت ڪري سگهي. ڪنهن به ڪمانڊر جو بار سپاهيءَ جا ڪمزور ڪُلها ڪيئن ٿا کڻي سگهن؟ جڏهن به پارٽيءَ جي اندر اختلاف ٿيا ته هُن اُنهن جي نبيري لاءِ وس آهر ۽ پنهنجي سياسي سمجهه آهر فيصلا ته ڪيا.. ليڪن سيد جو مُتبادل بڻجي نه سگهيو. جنهن جو اعتراف هُو پنهنجي اُنهن ڪچهرين ۾ به ڪندو رهيو، جڏهن ڪَوڙن ڍُڪن جا کيپ هُن جي دل جا دروازا کوليندا هُئا. پر ڇا اِهو سچ ناهي ته هُو اُنهن سياڻن سياسي سوداگرن مان ناهي. جيڪي هر وقت سيد ۽ سنڌ جو نالو پنهنجي سياسي ڍال طور استعمال ڪري اڳتي نِڪري ويندا آهن ۽ پوءِ ”سن“ جي سار اُنهن جي ويسر جو مُستقل مرض بڻجي پوندي آهي. هُو چاهي ها ته ”اندرا“ به آڪسفورڊ ۾ پڙهي ها، ليڪن، ”اندرا“به اُنهن اسڪولن ۾ پڙهي، جن اسڪولن جون ڀُريل ڀِتيون ۽ ڇتين جا ڇِنل ڇپرڪڏهن ڪڏهن المناڪ حادثن جو سبب بڻجي پوندا آهن ۽ جنهن جي پڙهائيءَ جو خرچ به سندس پُراڻو ساٿي ۽ سيد جو عاشق ”جُمن دربدر“ ڀريندو رهيو. هُو چاهي ها ته”اُنڙ آباد“جا ڪَک ڇڏي ڪراچيءَ جي ڊفينس ۾ لکاپتي بڻجي رهي ها. ليڪن هُن پنهنجو عشق ۽ ايمان هميشه سلامت رکي اِهو ثابت ڪيو ته سياست لاءِ پئسي ۽ پروٽوڪول جي ضرورت ناهي هوندي. پر ”ايمان“ جي سلامتي ئي اهم هوندي آهي. هُو جنهن جي سانوري چهري ۾ چتائي ڏسبو ته هُن جي چهري تي معصوم مُرڪ نظر ايندي.

مون ڪٿي پڙهيو آهي ته: ” جياپي جي جنگ وڙهندڙ انسان،پنهنجي مُنهن تي ڪڏهن به مايوسيءَ جا تاثرات ڪنهن اسٽيڪر وانگر چنبڙائي ناهن گُهمندا. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي مايوس چهرن کي پڙهندڙ، اُنهن جون دلين آسانيءَ سان پڙهي وٺندا آهن. جنهن سان اُنهن جي طاقت مٿان وار ڪرڻ آسان بڻجي پوندو آهي.“ سنڌ جي ديوداس جو چهرو به سندس دل جي ڪتاب جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هُو جيڪو شديد بيماري جي حالت ۾ به ڪنهن کي پنهنجي پيڙا جا پاڇا نٿو ٻُڌائي. جيڪو پنهنجي من جي مُونجهه کي، ماڻهن اڳيان بيان ڪرڻ کي بڪواس سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جياپي جي جنگ ۾ مايوس ٿي موٽڻ مِهڻي وانگر هوندو آهي. مضبوط ڪمانڊرن جي ڪمان هيٺ وڙهندڙ سپاهين وانگر هُو پنهنجي بيماريءَ جي حالت ۾ به مُسڪرائيندو رهي ٿو. اُها مُسڪراهٽ ئي اُنهن طاقتن جو موت آهي جيڪي، سيد جي فڪري رستي جا مُنڪر آهن. ڇاڪاڻ ته سيد جو فِڪر جڏهن هِن ديوداس جي سيني ۾ ساهه بڻجي ڌڙڪندو آهي ۽ هُو اسٽيج تي ايندو آهي ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ هُن جي زبان مان لفظ تلوارن جي نوڪ تي نچندا هُجن، ڄڻ جرمن جو باغي ”روهرباڪ“ باهه جي مچ مٿان رقص ڪندو هُجي. ڄڻ تاريخ پاسو ورايو هُجي ۽ دراوڙ جي دانهن جو درد سنڌ جي نئين نسل جي نس نس محسوس ڪندي هُجي. پر ڇا؟ ڪوئي آهي جيڪو قومي تحريڪ جي هن اثاثي کي امانت سمجهي کيس اُن زهر کان نجات ڏياري سگهي. جيڪو زهر سندس زندگيءَ کي ذرو ذرو ڪري ڳِهي رهيو آهي ۽ سنڌ جو ديوداس شام جي اُداس پاڇن وانگر بڻجي پيو آهي.

latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو