Home / سنڌ افيئر / سنڌ جو وِکريل خزانو !
above article banner

سنڌ جو وِکريل خزانو !

Nasir Aijazڪنھن زماني ۾ ھڪ ڀوڳ مشھور ٿيو ھو ته جڏھن نيل آرمسٽرانگ اھو سوچي چنڊ تي قدم رکيو ته تاريخ ۾ کيس چنڊ تي پھچڻ واري پھرين شخص طور ڄاتو ويندو، تڏھن کيس وڏي مايوسي ٿي جو اُتي سنڌي اڳي ئي موجود ھئا ـ اھڙو ڀوڳ اجايو ڪونه ٺھيو ھو ڇوته سنڌين لاءِ مشھور رھيو آھي ته دنيا جي ڪا اھڙي ڪُنڊ بچيل ڪانھي جتي سنڌي موجود نه ھجن ـ سنڌ ۾ رھندڙ اسان سنڌي اھو سوچي پيا سڙندا آھيون ته سنڌي پوئتي پيل آھن ۽ دنيا جي ھر ملڪ ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ ڪشميري ڇانيل آھن، پر ڏٺو وڃي ته سنڌي به ڪنھن کان پوئتي ناھن ـ صدين تي پکڙيل تاريخ ٻڌائي ٿي ته عرب دنيا ھجي يا آفريڪا کنڊ، يورپ ھجي يا آمريڪا، ايشيائي ملڪ ھجن يا ڏُور اوڀر ۽ سينٽرل ايشيائي ملڪ، واپار توڙي صنعت ۽ ويندي جنگي معاملن ۾ به سنڌي اڳڀرا رھيا آھن ـ

“قديم روسي دستاويزن مان خبر پوي ٿي ته روس ۽ سنڌ وچ ۾ واپاري لاڳاپا ٽي سئو ورھين کان به اڳ کان قائم ھئا ـ سترھين صديءَ ۾ وولگا نديءَ جي دامن ۾ وڏي واپاري مرڪز آستراخان ۾ سنڌ جي وچولي علائقي جا سوداگر وڏي تعداد ۾ مستقل طور آباد ھئا ـ روس ۽ سنڌ جا واپاري لاڳاپا ارڙھين صديءَ جي شروع ۾ به ان وقت تائين قائم رھيا جيستائين سنڌو ماٿريءَ جي آزاد رياستن تي برطانيا قبضو نه ڪيو،” روسي پروفيسر يُو وِي گنڪوفسڪي ھڪ روسي محقق وِي ايف آگئيف جي ڪتاب “سنڌ تاريخ جي آئيني ۾” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ـ اھو ڪتاب 1988 ۾ روسي ٻوليءَ ۾ ڇپيو ھو ـ

jan-30

بيٽرائس نڪولينيءَ جي ڪتاب “نوٽس آن بلوچ پريزنس اَلانگ دي سواحلي ڪوسٽ”

Notes on the Baluch presence along the Swahili Coast

۾ وري انھن سنڌي ڪڇين جو ذڪر ملي ٿو جيڪي زنجبار ۽ ممباسا ۾ وڃي آباد ٿيا ھئا. سندس تحقيق موجب اومان جي سلطان سعد بن بوسعد اوڀر آفريڪا جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ فوج ۾ 1821 ۾ جيڪا ڀرتي ڪئي ان ۾ عرب، ايرانين ۽ ھندستاني پٺاڻن سان گڏ وڏي تعداد ۾ بلوچ ۽ سنڌي ڪڇي به شامل ھئا ـ اھي سنڌي بعد ۾ زنجبار ۽ ممباسا ۾ آباد ٿي ويا.

سوداگر سنڌين بابت معلومات ڪلاڊ مارڪووِٽس جي ڪتاب

The Global World of Indian Merchants 1750-1947 – Traders of Sindh from Bukhara to Panama

مان به ملي ٿي جنھن ۾ ھو انگريزن جي فائيلن ۾ موجود رپورٽن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته سنڌي واپاري دنيا جي ھر ملڪ ۾ ملن ٿا ـ ھن مثال ڏيندي چين، جپان، فلپائين، لائبيريا، سيراليون، لبيا، مصر، مالٽا، سنگاپور، ھانگ ڪانگ، ڪينري آئلينڊس، جبرالٽر، انڊونيشيا، ملائيشيا، افغانستان، مراڪش، الجزائر، نائجيريا، ڪيريبين آئلينڊس، اولھه آفريڪا، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، ڪيناڊا، سينٽرل ايشيائي رياستن ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا نالا کنيا آھن ـ

“برطانوي رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته سنڌي سوداگر دنيا جا شايد واحد ماڻھو ھئا جيڪي شڪارپور، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن مان واپار سانگي اڪيلا نڪري پوندا ھئا ـ سندن زالون ۽ ٻار پوئتي ئي رھندا ھئاـ چين جي سنڪيانگ ۽ ٻين رياستن جي واپاري مرڪزن ۾ اھي سنڌي واپاري ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڏھه ڏھه ڄڻا گڏجي رھندا ھئا،” ڪلاڊ لکي ٿوـ سندس چوڻ موجب ڪيترائي سنڌي سوداگر ته مسافر خانن ۾ يا قافلي سراءِ ۾ رھيا پيا ھوندا ھئا ـ ھو خاص طور واپاري مارڪيٽن جي ويجھو ۽ گڏجي ان ڪري رھندا ھئا ته جيئن ھڪ ته مارڪيٽ تي نظر رکي سگھن ۽ ٻيو ته ڪنھن به حملي جي شڪل ۾ محفوظ رھن جو کين ڦورن جو به خطرو رھندو ھو ـ برطانوي حڪومت سنڌي سوداگرن جي ذاتي زندگيءَ بابت به رپورٽون گڏ ڪيون ھيون ـ “گھر گھاٽ کان ايڏو وقت پري رھڻ جي ڪري پنھنجون فطري خواھشون پوريون ڪرڻ لاءِ سنڌي واپاري مقامي طوائفن سان تعلق رکندا ھئا ـ ڪي ته اُتان جي عورتن کي پنھنجي رَکَيل طور به ويھاريندا ھئا ۽ وڏو عرصو رھڻ جي ڪري ڪي عشق جي نتيجي ۾ شاديون به ڪري ويھندا ھئا جنھن لاءِ ڪن سنڌي واپارين ته ھندومت کي ڇڏي مسلمان ٿيڻ به قبوليو،” ھو لکي ٿو ـ اھا ٻي ڳالھه آھي ته اھي سنڌي سوداگر پاڻ کي تڏھن به محفوظ ڪونه سمجھندا ھئا ـ چين جي سنڪيانگ ۽ ڪاشغر رياستن ۾ توڙي ڪن سينٽرل ايشيائي رياستن ۾ مقامي ماڻھو مٿن اچي ڪڙڪندا ھئا ته اسان جون عورتون اسان کي موٽائي ڏيو ـ

تحفظ جو احساس ھنن سنڌي سوداگرن کي رڳو سنڌ ۾ ئي ملندو ھو جتي ھو پنھنجي ونين کي، ٻارن ٻچن کي بي خوف ڇڏي ھليا ويندا ھئا ـ ڪن سوداگرن کي ڇڏي اڪثر ته موٽ کائيندا ھئا پنھنجي ڌرتيءَ ڏانھن، پر ھڪ زمانو اھڙو آيو جو سنڌ ورڪي سڏائيندڙن کي وطن جا وڻ ڇڏي ھتان سدائين لاءِ ھليو وڃڻو پيو ۽ ان مھل منجھن عدم تحفظ جو جيڪو احساس پيدا ٿيو، تنھن اڄ تائين سندن پيڇو ڪونه ڇڏيو ـ

“1947 ۾ ورھاڱو ٿيو ته ڪن سنڌي ھندن خوشيءَ سان لڏپلاڻ ڪئي. آڪٽوبر 1947 جي انگ اکرن موجب اھڙن سنڌين جو تعداد سوا لک مس ھو ـ ان لڏپلاڻ تي 20 آگسٽ 1947 تي ڪوئٽا ۾ ٿيل ڪجھه واقعن جو به اثر ٿيو ھو پر اصل لڏپلاڻ ان وقت شروع ٿي جڏھن ٻنھي آزاد ٿيل ملڪن جي حڪومتن جي رٿابنديءَ سان اوڀر پنجاب مان لڏپلاڻ ٿي ۽ اتان آيل پناھگيرن ڪراچيءَ ۾ 6 جنوري 1948 تي سنڌي ھندن خلاف مار ڌاڙ ۽ لُٽ مار شروع ڪري ڏني ـ ھڪ سال اندر ايتري تعداد ۾ سنڌي ھندو انڊيا لڏي ويا جو 1948 ۾ انڊيا ۾ سندن انگ ٻارھن لک ٿي ويو،” ڪلاڊ مارڪووِٽس لکي ٿو ـ

جيتوڻيڪ سنڌ مان لڏي ويلن جو وڏو تعداد احمدآباد ۽ سنڌ سان ملندڙ ٻين علائقن ۾ آباد ٿيو، پر باقي سنڌي سڄي ھندستان ۾ ٽڙي پکڙجي ويا ـ ھو ممبئي ۾ به آباد ٿيا جتي ڀر ۾ ھنن اُلھاس نگر ڪئمپ کي آباد ڪري سنڌو نگر نالو ڏئي پنھنجي سنڌ اُتي ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي، ھنن ممبئيءَ کي پنھنجو روحاني مرڪز سمجھيو پر اھو شھر سنڌ جي حيدرآباد جو نعم البدل ٿي نه سگھيوـ اھو احساس کين کائيندو رھيو ته ھندستان ۾ وٽن زمين جو ڪو ٽڪر به ڪونھي جتي ھو پنھنجي سنڌ ٺاھي سگھن ـ ھنن ھندستان جي معيشت کي زمين تان کڻي عرش تي پھچائي ڇڏيوـ ڪارخانا ھنيا، ھوٽلون کوليون، گھڻ ماڙ عمارتون ٺاھيون، فلمي صنعت ۾ سيڙپ ڪئي، سياسي ليڊر پيدا ڪيا، ناليوارا وڪيل ھندستان کي ڏنا، پر اھو ھندستان کين تحفظ جو احساس نه ڏئي سگھيوـ ھو ھندستان جي ڪنھن ھڪ رياست ۾ رھڻ بدران ٽڙي پکڙجي ويا. ھندستان جي سنڌي ليکڪ موھن گيھاڻيءَ تڏھن ته چئي ڏنو ته ھتان جا سنڌي وکريل ھجڻ سان گڏ اندر ۾ ڦٽيل آھن ـ

ڪلاڊ مارڪووِٽس چوي ٿو ته 1951 جي انگن اکرن حيران ڪندڙ نتيجا آڏو آندا جو 1948 کان وٺي ٽن ورھين جي اندر ھندستان ۾ فقط اٺ لک سنڌي رھجي ويا ۽ باقي چار لک دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويا ـ اڳتي ھلي ھانگ ڪانگ جا انگ اکر ٻڌائيندي چوي ٿو ته 1960 ۾ اُتي 20 ھزار ھندستانين مان پندرھن ھزار سنڌي ھئا ـ

ھندستان توڙي باقي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين پاڻ مڃايوـ شڪارپور جو ڄائو ھندوجا ھجي يا ڪي ٻيا، دنيا جي اليڪٽرانڪ انڊسٽري، ٽيڪسٽائل انڊسٽري سميت ھر قسم جي صنعت سان گڏ سون، ھيرن جواھرن سميت ھر واپار تي ايترو ڇانيل آھن جو چاھين ته مارڪيٽ کي لاھي پٽ تي ڪيرائي وجھن ۽ چاھين ته چوٽ تي پھچائين ـ ھر ملڪ ۾ سنڌي مردن توڙي عورتن جون تنظيمون به جوڙيل اٿن ۽ پاڻ ۾ سماجي لڳ لاڳاپا به رکن، پر سنڌ جو اھو خزانو وري به وکريل ئي آھي ته مٿن عدم تحفظ جو احساس به حاوي آھي ـ

مارڪ انٿوني فالزن پنھنجي ڪتاب

Cosmopolitan Connections – The Sindh Diaspora 1860-2000

۾ لکي ٿو ته سنڌين ۾ غير محفوظ ھجڻ جو احساس ايترو ته شديد آھي جو ھو ھڪ ملڪ ۾ رھندي به پنھنجي خاندان ۽ ملڪيتن کي ٽيڙي پکيڙي رکن ٿا ـ سندن سيڙپ ھڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ آھي ـ اھڙي طرح ڪيترن ئي ملڪن ۾ آباد سنڌين جو گھٽ ۾ گھٽ ھڪ گھر يا فليٽ انگلينڊ ۾ ضرور آھي، جتي ھو وڃي رھندا آھن ـ “مون مالٽا جي ھڪ سنڌيءَ کان ان جو ڪارڻ پڇيو ته سندس جواب ھو: سڀ بيدا ھڪ ٽوڪريءَ ۾ نه رکجن ته ڀلو ـ جيڪڏھن ھندستان ۾ مالٽا جي ڪنھن تبليغيءَ کي ماري وجھن ۽ ھتي ان جو رد عمل ٿئي ته پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟ ” مارڪ انٿوني لکي ٿو ـ سندس چوڻ موجب سنڌي پاڻ کي سدائين انديشن ۾ ٻڏل رکن ٿا ـ

سنڌين جي ان ڪيفيت کي سمجھائڻ لاءِ مارڪ انٿوني پولينڊ جي ھڪ يھودي واپاريءَ جو قصو ٻڌائي ٿو جنھن موجب يھودي پنھنجي گھر واريءِ کي فڪر وچان چوي ٿو ته جيڪڏھن مسيحا آيو ۽ اسان کي پنھنجو ديس موٽي مليو ۽ اسان کي اوڏانھن ھلڻو پيو ته منھنجي ڪروڙن جي ڪيل سيڙپ جو ڇا ٿيندو؟ ان تي زالس وراڻيس: تون فڪر نه ڪر، مسيحا ايترو جلد ڪونه ايندوـ “سنڌين کي ته ھاڻي سنڌ موٽڻ جو ڪو آسرو ڪونھي. ھو آسرو لاھيو ويٺا آھن ـ سنڌين جي نئين نسل کي ته اھا به ڄاڻ ڪانھي ته سنڌ ڇا ھئي،” ھو لکي ٿو ـ نئين نسل جو پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿي وڃڻ پراڻي نسل کي جھوريندڙ الميو ھو ـ تڏھن ئي ته نارائڻ شيام لکيو ھو: الا ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي، ته ھُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي ـ مون کي نارائڻ شيام جي اھا شاعري پوري ته ياد ڪانھي پر سنڌ کي ياد ڪندي ھن لکيو ھو: نيري آڪاس تي چنڊ ۽ تارا ته ايئن ئي آھن جيئن مان نوشھري (پنھنجي جنم ڀوميءَ) ۾ روز رات جو ڏسندو ھئس، پر ھتي سنڌ جون اُھي وارياسون ڀِٽون ڪٿي آھن؟ ڪٿي آھي اھا ماروي؟

سنڌ مان لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌين محل ماڙيون وري ٺاھي ورتيون، حياتيءَ جو ھر عيش حاصل ڪري ورتو پر ڌرتي کسجڻ جي نقصان جو پورائو نه ڪري سگھيا ـ ھُو سنڌ کان ٻاھر ڪابه سنڌ ٺاھي نه سگھيا ۽ جڏھن پنھنجي سنڌ نه ٺاھي سگھڻ ۽ ڌرتيءَ ڏانھن موٽڻ جي آس ختم ٿيڻ جو يقين ٿي وين تڏھن ھندستان جي ئي ڪنھن سنڌي شاعر چيو: جتي به سنڌي آھن، اتي سنڌ آھي ـ ڪلاڊ مارڪووِٽس سڄي دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل پر ھر شعبي ۾ ڇانيل سنڌين لاءِ ڪنھن مھل “وکريل خزانو” جو لفظ استعمال ڪري ٿو ته ڪنھن مھل کين عالمي قبيلو (انٽرنيشنل ٽرائيب) سڏي ٿو ۽ سچ ته اھو ئي آھي ته اھي سنڌي اسان جي سنڌ جو وکريل خزانو ئي آھن، جيڪو سنڌ کي واپس ملي وڃي ته ھن ڌرتيءَ جا ڀاڳ کُلي پون ـ

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو