Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جو گهوٽ- جئه پور جي ڪنوار!
above article banner

سنڌ جو گهوٽ- جئه پور جي ڪنوار!

Luxmanسنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ مختلف برادرين جون منفرد ريتون ۽ رسمون آهن. انهن برادرين مان ٻنهي سرحدن تي صدين کان رهندڙ راجپوت برادري جون رسمون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ۽ شاهڪار آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب سرحدن جي ٻنهي پاسي رهندڙ برادري جي ريتن ۽ رسمن تي گهرا اثر پيا آهن. راجپوت برادري جي مختلف رسمن مان ٽيڪا رسم ڏاڍي منفرد حيثيت رکي ٿي. ورهاڱي سبب اها رسم ڪيترن ئي ورهين تائين ادا ٿي نه سگهي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 7 ڊسمبر 2014ع تي ڍاٽ جي 26 ورهين جي گادي نشين راڻي همير سنگهه سوڍو جي پٽ ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو جي ٽيڪا رسم عمر ڪوٽ ۾ منعقد ٿي. هي تاريخي شهر اڪبر بادشاهه جي جنم هنڌ طور مشهور آهي، جڏهن ته هتي مغل بادشاهه همايون پڻ پناهه ورتي هئي.

اها رسم وڏي ڌوم ڌام سان عمرڪوٽ لڳ راڻا جاگير ۾ ادا ڪئي وئي. ننڍي کنڊ ۾ صدين کان ٽيڪا رسم کي هندن جي مذهبي ٻولي ۾ “لگن پتري“ به چيو ويندو آهي.

ٽيڪي جي رسم دراصل راڻن يعني راجپوتن ۾ شادي جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي رسم هجي ٿي. ياد رهي ته اها شادي هلندڙ سال 10 جون تي جئه پور ۾ ٿيندي.

jan 54

پاڪستان جي آزادي کانپوءِ هي پهريون موقعو هو جو ڀارت کان ٽيڪو پاڪستان آندو ويو. ڍاٽ جي راڻي همير سنگهه جو موڀي پٽ ڪنور ڪرني سنگهه آهي، جنهن کي نرڙ تي تلڪ هڻڻ لاءِ ڪنوٽا ٺڪاڻا جا راٺوڙ سردار جئه پور کان عمر ڪوٽ هلي آيا هئا.

ثقافتي رنگ ۾ رڱيل هن رسم ۾ راجستان جي ڪانوٽاجي ڇهين ٺاڪر مان سنگهه چمپاوٽ راٺوڙ 32 رڪني وفد سان شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته راڻا همير سنگهه جي اَمڙ راج ماتا صاحبه سبڌرا ڪماري جو تعلق بيڪا نير ڀارت سان آهي، جنهن جي شادي سندس والد راڻا چندر سنگهه سان ٿي هئي. جڏهن ته ڪرني سنگهه سوڍي جي ماءُ نيلڻي پرڀا جو تعلق اجمير جي شاهي گهراڻي سان آهي ۽ سندس ٽن ڀينرن جي شادي پڻ ڀارت ۾ ٿيل آهي، سندس پڦي سنگيتا سوڍي جي پڻ شادي ڀارت ۾ ٿيل آهي.

راجا ۽ مهاراج جي دور جي هن رسم کي شاهي چيو ويندو آهي. هن شاهي رسم دوران هندستان ۾ گهوٽ کي هاٿي تي سوار ڪري دهل شرنائين جي وڄت ۾ تقريب ۾ آندو ويندو آهي. پر راڻا جاگير ۾ ڪوٺايل هن رسم ۾ راڻي همير سنگهه جي حوالي سان گهوٽ سفيد گهوڙن جي رٿ (جنهن کي بگي به چوندا آهن) تي براجمان ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو هٿ ۾ تلوار کڻي شاهي پوشاڪ ۾ ٻاهر نڪتو. مٿي تي رنگين پٽڪو ٻڌل هئس ۽ انهي تي سون جي ڪلنگي سجايل هئي. ساڄي پير ۾ سون جو ڪڙو پاتل هئس ۽ هٿ ۾ سونو بريسليٽ، اهي ٻئي زيور ساهرن طرفان ٽيڪي ۾ ڏنل هئا. ڪنور جي رٿ جي پويان هزارين عورتن جو هجوم هيو. اهي عورتون ڳيچ ۽ لاڏا ڳائي جمهريون هڻي رهيون هيون.

ڪنور ڪرني سنگهه جي بگي جڏهن پنڊال جي ويجهو پهتي تڏهن ان جي آجيان لاءِ راجپوت نوجوانن دهل جي ڏونڪي تي تلوارن واري “چڪر راند” ڏيکاري. ڪنور ڪرني سگهه سوڍو جي مڱڻي 10 جون تي جئه پور جي ڪانوٽا جي ڇهين ٺاڪر مان سنگهه چمپاوٽ راٺوڙ جي نياڻي پدمڻي سنگهه راٺوڙ سان طئي ٿي چڪي هئي. هن ئي مـڱڻي واري رسم ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار پاران هڪ ٻئي کي سون جون منڊيون ڏنيون ويون ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪري جيون ساٿي طور قبول ڪيو.

واضح رهي ته ڪرني سنگهه سوڍو زيبسٽ ڪراچي جو گريجوئيٽ آهي، ايل ايل بي (آنرز) لنڊن مان ڪرڻ کانپوءِ هن ڪراچيءَ ۾ هڪ بئريسٽر سان گڏ وڪالت پڻ ڪئي. اڄڪلهه هو خانداني زرعي فارم وغيره سنڀالي پيو. جڏهن ته پدمڻي راٺوڙ مهاراڻي گائتري ديوي اسڪول جئه پور ۽ سينٽ بيڊز ڪاليج شملا ۾ پڙهي آهي. هوءَ جئه پور مان گرافڪس ڊزائن ۾ ڊپلوما آهي، گڏوگڏ اسڪول ۽ قومي سطح تي ڪرڪيٽر به رهي چڪي آهي.

راڻا جاگير ۾ ٿيل ٽيڪا رسم ۾ ڪنور ڪرني سنگهه. سوڍو کي سندس عزيزن ۽ ساهريجن جي وفد پاران پنڊال ۾ پهچائي اسٽيج تي ويهاريو ويو. هن شاهي رسم ۾ اميرن، چڱن مڙسن ۽ علائقن جي ٻين هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. راجا ۽ مهاراجا واري دور ۾ هن شاهي رسم ۾ ڪاناٽاجي ڇهين ٺاڪر مان سنگهه چمپاوٽ راٺوڙ پاران 151 ٿالهه ۽ ٻيو سامان جنهن کي علائقائي زبان ۾ “پٽڙو” چيو ويندو آهي. ان سامان کي اسٽيج تي سجايو ويو. جنهن ۾ گهوٽ ۽ سندس ڄاڃين لاءِ ڪپڙا، زيور ۽ سڪو ميوو هوندو آهي.

رسم جي شروعات مذهبي رسمن سان ڪئي وئي. مذهبي رسمن کانپوءِ ڪنوار پدمڻي سنگهه راٺوڙ جي موڀي ڀاءُ ڪنور پرڀات پاران ڪنور ڪرني سوڍو کي هيرن جوهار ۽ سون سان ڀريل ناريل پارايو ويو. شادي جي شاهي رسم جي شروعات ٿيندي ئي گهوٽيتن پاران ڪيسر ۽ ڪنڪو جو تلڪ لڳايو ويو. سوستي وچن جي منتر کان آسيس ڏئي ٽيڪي جي رسم کي پڄاڻي تي پهچايو ويو.

ٽيڪا رسم جي ادائيگي کانپوءِ راڻن جي پر وقار قسم جي رياڻ واري رسم پڻ ٿي جنهن ۾ مختلف راجائن ۽ مک ماڻهن شرڪت ڪئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو