Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جي وکريل خزاني کي ڪيئن گڏ ڪجي؟ 
above article banner

سنڌ جي وکريل خزاني کي ڪيئن گڏ ڪجي؟ 

نصير اعجاز

گئبريل ڀاٽيا منھنجي لاءِ اھڙو نالو ھو جنھن تي مونکي حيرت ڪانه ٿي جو مان مائوزيتنگ علي جھڙو نالو به گھڻو اڳ ٻُڌي چڪو ھئس (منھنجي ھڪ ڪامريڊ دوست پنھنجي پُٽ تي اھو نالو رکيو ھو) ـ فيس بُڪ تي اھو نالو آڏو ايندي ئي سوچيم ته اھا پڪ ئي پڪ ڪا سنڌياڻي آھي يا ڪنھن سنڌيءَ جي گھر واري آھي ـ منھنجي دوستيءَ جي درخواست به ھن ھڪدم قبول ڪئي ھئي ۽ جڏھن مون کانئس پھرين ئي سوال ۾ سنڌي ھجڻ جي پُڇا ڪئي ته وراڻيائين: “مان ٻه سئو سيڪڙو سنڌي آھيان” ـ ھوءَ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي انجينيئر ھئي ۽ سوئڊن ۾ رھندي ھئي ـ سندس والد حيدرآباد جو ھو ۽ سندس امڙ به سنڌياڻي ھئي پر ناناڻا لاھور ۾ رھندا ھئس جڏھن سندن پرڻو ٿيو ھو ـ “مان ڪڏھن به انڊيا ڪانه وئي آھيان، تنھنڪري مون کي اُتان جي ڪابه ڄاڻ ڪانھي،” ھن ٻڌايو ھو ـ منھنجي ھورا کورا اڃا به ختم ڪانه ٿي ھئي ـ “مان سنڌي نه رڳو سمجھي پر ڳالھائي به سگھان ٿي،” منھنجي پڇڻ تي ھن ٻڌايو ھو ـ سندس ڄمڻ نپجڻ يورپ ۾ ئي ٿيو ھو، پر حيرت ۽ خوشيءَ جي ڳالھه ھئي ته سندس ماءُ پيءُ نه رُڳو پنھنجي سنڌيت کي نه وساريو پر ان کي پنھنجي اولاد ڏانھن به منتقل ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ يورپي نالو رکندڙ ھيءَ ڇوڪري پاڻ کي پنھنجي نِک ۽ سنڌي قوم جي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ قائم رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿي ـ

ڏھاڪو ورھيه اڳ جي انگن اکرن موجب ٽيھه لکن کان وڌيڪ سنڌي سنڌ کان ٻاھر رھندا آھن ـ انھن ۾ وڏو انگ انھن جو آھي جيڪي 1947ع ۾ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ان وقت لڏي ويا جڏھن نئين ملڪ پاڪستان سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ اندر فساد ڪرايا ويا ـ مان پنھنجي گذريل ڪالم ۾ لکي چڪو آھيان ته ھندستان لڏي ويل ٻارھن لک سنڌين مان ٽن سالن جي اندر چار لک سنڌي ايشيا، آفريڪا، يورپ ۽ آمريڪا جي مختلف ملڪن ڏانھن لڏي وڃي آباد ٿيا، تنھنڪري لڏي ويل سنڌين جو وڏو تعداد ته ھندستان ۾ چئي سگھجي ٿو پر وري اتان جي سنڌين جو وڏو انگ ھندستان کان ٻاھر رھي ٿو ـ بھرحال اھي جتي به ويا، ان ديس کي پنھنجو وطن سمجھي رھي پيا ـ ھيل تائين سندن پراڻو نسل يا ته ختم ٿي چڪو ھوندو يا ڪي داڻا اڃا به بچيل ھوندا، سندن ٻه ٽي نسل ٻيا به جنم وٺي چڪا ھوندا، پر انھن سڀني ۾ ھڪ خاصيت قائم رھي ۽ اھا ھيءَ ته پاڻ کي ھندستان، انگلينڊ، آمريڪا يا ٻين ملڪن جو شھري سڏائڻ سان گڏ پنھنجي سنڌي ھجڻ واري سڃاڻپ قائم رکي ـ پنھنجي محنت ۽ اَوَرچائيءَ سان ھنن پاڻ کي معاشي طور ته مضبوط ڪري ڇڏيو ھو پر سندن وڏو مسئلو ھو سنڌيت کي قائم رکڻ ۽ ان جو واحد حل ھيو سنڌي سڃاڻپ، ٻولي، ڪلچر ۽ ريتن رسمن کي برقرار رکڻ ـ سندن پراڻي نسل سنڌيت کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جنھن جو ئي نتيجو آھي جو اڄ به اسان کي کوڙ اھڙا سنڌي مختلف شعبن ۾ نظر ايندا جيڪي سنڌي ڳالھائن ٿا ۽ سنڌي ھجڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا ـ

پر ان ڳالھه تي اطمينان شايد صرف سنڌ ۾ رھندڙ اسان سنڌي ڪندا ھونداسين ـ ھندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ سنڌين کي ھوريان ھوريان ختم ٿيندڙ سنڌيت تي وڏي ڳڻتي آھي ـ ھندستان جو سنڌي صحافي ارون ٻاٻاڻي ڪجھه سال اڳ پنھنجي ڪالم Happy Being A Sindhi: The Sindhi Experience ۾لکي ٿو: “1960 واري ڏھاڪي ۾ اسان کي ڪڏھن به احساس ڪونه ٿيو ته اسان سنڌي Endangered Species (جنھن نسل کي ختم ٿيڻ جو خطرو ھجي) منجھان ھڪ آھيون پر فقط ٻه ڏھاڪا گذرڻ کانپوءِ 1980 واري ڏھاڪي ۾ حالتون ئي مٽجي ويون ـ اھڙي ڪا ڳالھه رھي ئي ڪانه جنھن سان نئين نسل کي پنھنجي سنڌي ھجڻ جو احساس ٿئي ـ”

“اسان سنڌيءَ ۾ حساب سکيا ۽ اڄ به سنڌيءَ ۾ کوڙا لکون ۽ پڙھون ٿا ـ اسان سنڌي ڪتاب پڙھندي وڏا ٿياسين ۽ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي صحبت ملي ـ منھنجي اندر ۾ سنڌي زنده آھي جو مان سنڌيت جي انھن مرحلن مان لنگھيو آھيان ـ مان اڄ تائين خواب به سنڌيءَ ۾ ڏسان ٿو پر نئين نسل کي سنڌيت جو اھڙو تجربو ڪٿان ملي،” ارون لکي ٿو ـ

ھندستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين جا اسڪول ختم ٿيندا پيا وڃن ـ نئون نسل نئين ماحول ۾ پلجي سنڌيت کان پري ٿيندو پيو وڃي ـ “ھند ۾ اسان جي سنڌي ادب جا پڙھندڙ تيزيءَ سان گھٽجندا پيا وڃن ـ ان جو وڏو ڪارڻ اھو آھي ته ھند ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيندڙ ادارا گھٽجندا پيا وڃن،” سرڳواسي لڇمڻ ڪومل ڊسمبر 2003 ۾ سنڌ جي دوري دوران ھڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو ھو ـ

“توھين ھتي سنڌ ۾ سڀ سنڌي ته ھڪ ھنڌ ويٺا آھيو، پر ھوڏانھن ھند ۾ اسين ڪڻو ڪڻو آھيون ـ مختلف شھرن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آھيون ـ ڪنھن ھڪ ھنڌ تي اسان سنڌين جا وڃي ڪي پاڙا ئي باقي بچيا آھن ـ اڳي اتي اسان سنڌين جا شھر آباد ھئا جيئن اُلھاس نگر ۽ ڪي ٻيا شھر،” ھن چيو ھو ـ “جيئن ھتي سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ غير سنڌين جي آباد ٿيڻ کانپوءِ سنڌي آباديءَ جا ڪي پاڙا وڃي بچيا آھن تيئن ھُتي به ساڳي ڪار ٿي آھي ـ غير سنڌين جي اُتي آبادڪاريءَ جي ڪري سنڌين جا شھر به پاڙن ۾ بدلجي ويا آھن ۽ انھن پاڙن ۾ به اسين خبر ناھي ته ڀُرندڙ ڀِت وانگر ڪڏھن ٿا ڀُرون ۽ ھڪٻئي کان وڇڙون ـ اسان کانپوءِ اسان جي جنريشن ڪيترو ٿي اسان کي ياد ڪري ۽ سنڌي ٻولي ڪيترو ٿي ھند ۾ اڳتي وڌي، اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ـ ھند ۾ اسان جي سنڌين ايترو پئسو ڪمايو آھي جو جيڪر ھن وقت اسان سنڌ ۾ ھجون ھا ته وڌ ۾ وڌ لکپتي ئي ھجون ھا پر ھُتي ھند ۾ سنڌي لکاپتي ۽ ڪروڙپتي نه ارب پتي آھن، پر افسوس جو…….. ” لڇمڻ جملو اڌ ۾ ڇڏڻ جي باوجود گھڻو ڪجھه چئي ويو ـ

لڇمڻ وري به مايوسيءَ جو اظھار ڪونه ڪيو ـ “مان پيدائشي پُراُميد ماڻھو آھيان ـ مونکي پورو ويساھه آھي ته ھند جو سنڌي ڀلي ارب پتي ٿي وڃي پر نيٺ سڏبو ته سنڌي ئي آھي ـ ۽ مونکي پڪ آھي ته اھو سنڌي سنڌ ۾ اچي پنھنجون پاڙون ضرور ڳوليندو ـ”

“ھندستان ۾ وسندڙ ڪوبه سنڌي ھجي، يا ڪوھه قاف، جارجيا، آمريڪا يا دنيا جي ڪنھن به حصي ۾ رھندڙ سنڌي، اھو ايستائين مري نٿو سگھي جيستائين سنڌ آھي ـ جيستائين سنڌ زنده آھي، اسان سنڌي به جيئرا آھيون، ” لڇمڻ پنھنجي جذبن جو اظھار ڪندي چيو ھو ـ

اڄ لڇمڻ جون اھي ڳالھيون لکندي مون سوچيو ته سندس ۽ ھندستان ۾ وسندڙ ٻين ڪيترن ئي سنڌين کي اھو احساس آھي ته سنڌ ئي سندن سڃاڻپ آھي ۽ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ئي سندن پاڙون آھن، ڪي سنڌي اھڙا به آھن جن کي سنڌ جي سڃاڻ ته آھي پر اھي ھتان جي سنڌين کان ذھني ۽ روحاني طور گھڻو پري آھن ـ اھي سنڌ جي مسلمان سنڌين کي سنڌي سمجھڻ لاءِ تيار ئي ڪونھن ـ اھڙو اظھار ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمن صغير شيخ 31 جولاءِ 2004 تي لنڊن ۾ “سنڌ مان لڏي ويل سنڌي ۽ سنڌ جي حقِ خود اراديت” جي موضوع تي ڪوٺايل ڇھين انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ به ڪيو ھو ـ “اسان جو مسلمانڪو نالو ٻڌي اھي چوندا آھن ته توھان سنڌي ڪيئن آھيو؟” ھن پنھنجي تقرير ۾ چيو ھو ـ مونکي اھڙي سوچ جو اندازو ھند ۾ ويٺل کوڙ سنڌي ليکڪن جي لکڻين مان به ٿيندو رھيو ھو ـ ايئن محسوس ٿيندو ھو ته سنڌ ۾ صرف اھي ئي سنڌي ھئا ۽ ورھاڱي وقت ھتان سندن لڏپلاڻ کانپوءِ پوئتي ڪو سنڌي رھيو ئي ڪونھي ـ ھڪ تازي مثال ته منھنجي دماغ مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيا ـ مون جڏھن مٿي ڄاڻايل گئبريل ڀاٽيا کي ٻڌايو ھو ته مان به سنڌي آھيان، ته سندس تُرت ردِ عمل ھو: “توھان سنڌي ڪيئن ٿا ٿي سگھو؟ توھان جو نالو ته مسلمانن وارو آھي ـ ” پوءِ پاڻ کي سنڌي ثابت ڪرڻ لاءِ مونکي سنڌ ۽ سنڌين جي سڄي تاريخ ٻڌائڻي پئي ھئي پر لڳو ٿي ته ھوءَ مطمئن ڪانه ھئي يا سندس ذھن ان ڳالھه کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونه ھو ـ ھن نه ڪڏھن سنڌ ڏٺي ھئي نه ڪڏھن ھند گھمي پنھنجي جاتيءَ جي ماڻھن سان ملي ھئي ـ يورپ جي ماحول ۾ سندس تعليم ٿي ھئي ۽ مائٽن وٽان کيس پنھنجي نِک ۽ ٻوليءَ جي سُوکڙي ملي ھيس ـ بس ھن لاءِ سنڌي ھجڻ جو اھو ئي اُھڃاڻ ھو ـ سنڌ ۽ سنڌيت کان نئين نسل جي پري ھجڻ جا اھڙا ئي کوڙ مثال ھند ۾ ويٺل جھونا سنڌي ڏين ٿا ۽ سُور پِٽين ٿاـ

JAN-36

اھڙي صورتحال جو ڪارڻ رُڳو اھو ڪونھي ته سنڌيءَ بدران جديد تعليم ملڻ، معاشي ترقي ۽ دنيا سان مقابلي جي ڊوڙ ۾ سنڌين جو نئون نسل سنڌيت کي توڙي سندن پاڙُن کي وساريندو ٿو وڃي، پر ھڪ وڏو ڪارڻ اھو به آھي ته اھي ھندستان ۾ ھجن يا دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ھجن، ھُو سنڌ ۽ ھتان جي سنڌين کان سماجي طور ڪٽيل آھن ـ سنڌ جا مسلمان سنڌي به وچ اوڀر، ايشيا، آفريڪا، يورپ، آمريڪا ۽ ٻين کنڊن جي ملڪن ۾ آباد آھن، پر ھندو سنڌين جو ساڻن ميل ميلاپ بنھه ڪونھي يا بلڪل نه ھجڻ برابر آھي ـ سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي، سندن پنھنجي ڌرتيءَ تي سنڌين (مسلمان توڙي ھندو سنڌين) سان ڇا پيو وھي واپري، ساڻن ڪھڙيون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي زيادتيون ٿي رھيون آھن، تن کان ھو بلڪل اڻڄاڻ ۽ لاپرواھه آھن ـ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ مسلمان سنڌين جا پوئتي مٽ مائٽ آھن، اباڻا ڪک آھن، ۽ جڏھن سنڌ ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي، ڪي حالتون مٽجن ٿيون ته ان جو سڌو سنئون اثر انھن سنڌين تي پوي ٿوـ ٻاھر آباد مسلمان سنڌين جي نئين نسل لاءِ به کين ساڳي ڳڻتي آھي ته ڪيئن کين ڌارئي سماج ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر لاءِ ڪيئن جاڳائي رکن، پر جيڪي ھندو سنڌي (منھنجي نظر ۾ سنڌي صرف سنڌي آھي، پر ھتي سمجھائڻ لاءِ ھندو ۽ مسلمان لکڻو پوي ٿو) سنڌ ڇڏي ويا تن مٿان سنڌ جي حالتن جو ڪوبه اثر نٿو پوي ـ ھتي مان سمورو ڏوھه به رڳو مٿن ڪونه وجھندس جو منھنجي خيال ۾ اسان مسلمان سنڌي به پرڏيھه ۾ ھندو سنڌين کان پاڻ کي پاسيرو رکندا آيا آھيون. سواءِ انفرادي ڪوششن يا انفرادي ۽ ذاتي لڳ لاڳاپن رکڻ جي، منظم نموني اھڙي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي وئي آھي ته جيئن وکريل سنڌي (ھندو توڙي مسلمان) ھڪٻئي جي ويجھو اچن ۽ ھڪ ٿي وڃن جيئن ڪنھن زماني ۾ اھي سنڌ ۾ ھئا ـ مان 1990 واري ڏھاڪي جي وچ ڌاري آمريڪا ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ڪن ميمبر دوستن کان پڇندو ھئس ته آمريڪا ۾ رھندڙ ھندستاني سنڌين کي توھان پنھنجي تنظيم جو ميمبر ڪيو آھي؟ تڏھن سندن جواب نھڪر ۾ ھوندو ھو ـ ھنن بھرحال ٻڌايو ھو ته ھندو سنڌين جون تنظيمون منظم نموني قائم ۽ سرگرم آھن ۽ سندن باقاعده اجلاس ۽ ميڙاڪا ٿين ٿا ـ سانا جي اڳواڻن اھڙين تنظيمن سان رابطا به ڪيا ھئا پر ڳالھه اڳتي ڪانه وڌي سگھي ھئي ـ اھي ڳالھيون نوي واري ڏھاڪي جون آھن ۽ ھاڻي خبر ناھي ڪھڙي صورتحال آھي، پر پڪ اٿم ته ڪا گھڻي تبديلي ڪانه آئي ھوندي ـ مون ته اھو به ڏٺو آھي ته اسان مسلمان سنڌي، ھندو سنڌين جي ڪاميابين کان به لاتعلق رھون ٿا ـ اسان سندن ڪاميابين تي فخر ئي نٿا ڪريون، ڄڻ ته اھي سنڌي ئي ڪونھن ـ اسان ٻنھي پاسن (سنڌ ۽ ھند) توڙي دنيا جي ٻين حصن ۾ رھندڙ سنڌين کي ھڪٻئي سان لاتعلقي ختم ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ کي وکريل خزاني کي گڏ ڪرڻو پوندو ـ ڀلي ئي اسان (مسلمان ۽ ھندو سنڌي) دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٽڙيل پکڙيل ھجون، پر پاڻ ۾ ايترو ويجھا ھجون جو سنڌيت کي قائم رکي دنيا ۾ ھڪ اھم ۽ سگھاري “بين الاقوامي قبيلي” طور ئي ڄاتا وڃون ـ ايئن ئي واڳُن جي وات ۾ ڦاٿل سنڌ به جيئندي ته سنڌي به جيئندا ـ سنڌ ھوندي ته سنڌي به ھوندا، جيئن سرڳواسي لڇمڻ ڪومل پنھنجي انٽرويوءَ ۾ چيو ھو : “منھنجو ايمان آھي ته جيستائين سنڌ آھي، نه سنڌي ٻولي مرندي، نه سنڌ جي ثقافت ۽ نه ئي اسان سنڌي ـ”

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

ميل ايڊريس : nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو