Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ ڪمند جو بحران: سياسي ڌرين جو حڪومت خلاف اتحاد!
above article banner

سنڌ ۾ ڪمند جو بحران: سياسي ڌرين جو حڪومت خلاف اتحاد!

شجاع الدين قريشي

سنڌ ۾ ڪمند جي اگهن جي حوالي سان مک ملڪي ۽ صوبائي سياسي پارٽين جهڙوڪ مسلم ليگ ن ۽ فنڪشنل، پاڪستان تحريڪ انصاف، متحده قومي مومينٽ ۽ مک قومپرست پارٽين جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي گڏجڻ سنڌ اندر سماجي-معاشي محاذ تي دلچسپ صورتحال پئدا ڪري ڇڏي آهي.

پ پ جي صوبائي حڪومت ان سڄي صورتحال کان لاتعلق بڻيل آهن، سنڌ حڪومت 7 نومبر 2014 تي ڪمند جو اگهه 40 ڪلو گرام جو 182 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو هو ليڪن ڪين ڪمشنر اهو مقرر ڪيل اگهه آبادگارن کي وٺي ڏيڻ لاءِ ڪا گهڻي دلچسپي نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ پ پ خلاف مخالف ڌر جو اتحاد جڙي چڪو آهي، ڇو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جون اڪثر شگر ملون پ پ سان لاڳاپيل ماڻهن جون آهن، ان ڪري اهي آبادگارن کي صحيح اگهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.

اهڙي اتحاد کي سياسي پارٽين کانسواءِ آبادگار تنظيمن جهڙوڪ آبادگار بورڊ ۽ سنڌ چئمبر آف ايگريڪلچر جي پڻ حمايت حاصل آهي، جڏهن ته پاڪستان شگر ملز ايسوسئيشن، مل مالڪن جي حمايت ڪري رهي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو مستقل نمائندو عبدالله حسين هارون پڻ ڪمند جو اگهه وڌائڻ جي حوالي سان آبادگارن جو مک حامي آهي. سندس اڳواڻي ۾ آبادگارن جي مطالبي جي حمايت ۾ 24 جنوري 2015 تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو پڻ ڪيو ويو، هن کان اڳ هو 17 جنوري تي ٽنڊو محمد خان ويجهو ٽنڊو سائيداد ۾ ٿيل ڪمند جي آبادگارن جي مظاهري ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته سنڌ جي 19 شگر ملن سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 30 ڊسمبر تي ڏنل فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ انهن مطالبو ڪيو آهي ته ڪمند جو اگهه 155 روپيا في 40 ڪلوگرام مقرر ڪيو وڃي.

“اسان ڪمند جي اگهه جي مامري تي آبادگارن جي حمايت ڪريون ٿا ليڪن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايڪس-فيڪٽري اگهه ۾ پڻ واڌارو ڪيو وڃي” پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن جو چيئرمين اسڪندر. ايم خان چوي ٿو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ خراب حڪمراني سبب قيمتن جو اثرائتو مڪينزم ڪٿي به موجود نه آهي.

jan 26

“اسان خوش ٿينداسين جيڪڏهن هارين کي ڪمند جو صحيح اگهه ڏنو وڃي ليڪن امدادي قيمت وڏن زميندارن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪي هارين جو استحصال ڪن ٿا” پاسما جي سربراهه “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو.

مل مالڪن ۽ سنڌ جي آبادگارن جي هڪ شڪايت ساڳي آهي، جنهن موجب سندن خرچ گهڻو ٿو ٿئي. آبادگار اها پڻ شڪايت ڪن ٿا ته ملون کين صحيح اگهه نٿيون ڏين، ملون نه رڳو کين دير سان ادائگيون ٿيون ڪن بلڪه مختلف مدن ۾ ڪٽوتي پڻ ڪئي وڃي ٿي. صوبائي حڪومت 182 روپيا في مڻ جي حساب سان قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن مل مالڪن اهو اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي 155 روپيا في 40 ڪلو گرام ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪجهه ملون مقرر ڪيل سرڪاري اگهه آبادگارن کي ڏين ٿيون ته ٻيون شگر ملون وري سياستدانن جي حمايت سان کين ڌمڪائي رهيون آهن.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ، دوائن ۽ مشينن جا خرچ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جنهن کين گهٽ اگهه تي ڪمند نه وڪڻن تي مجبور ڪيو آهي. ٻئي طرف شگر مل مالڪ پڻ اهو چون ٿا ته ايڪس فيڪٽري کنڊ جي قيمت سندن اصل پراڊڪشن کان خرچ کان تمام گهٽ آهي، جيڪو فقط 65 روپيا آهي، جنهن ۾ جنرل سيلز ٽئڪس پڻ شامل آهي جيڪوسڌي ريت وفاقي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. “جڏهن ڪجهه سال اڳ کنڊ جون قيمتون وڌي وڃي 80 روپيا في ڪلو کي پهتيون، هيون تڏهن ڪمند جون قيمتون گهٽ هيون، هاڻي جڏهن کنڊ جي قيمت گهٽجي 50-55 روپين تي پهتي آهي تڏهن ڪمند جو اگهه وڌايو ويو آهي. پاسما (PASMA) سربراهه چوي ٿو.

ليڪن مخالف سياسي پارٽيون ان سلسلي ۾ ٻي ڪهاڻي ٻڌائين ٿيون. انهن چواڻي سنڌ جي صوبائي حڪومت ڪمند بحران پٺيان آهي ڇو ته اڪثر شگر ملون حڪمران جماعت پ پ جي اڳواڻن جون آهن. “اسان جي علم ۾ آهي ته سنڌ ۾ 17 کان 18 شگر ملون پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جون آهن” مسلم ليگ (ف) جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو. واضح رهي ته سنڌ ۾ شگر ملن جو تعداد 32 آهي.

آبادگارن جي مذڪوره اتحاد کي مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي. انهن ڌرين گڏجي 27 جنوري 2015ع تي حيدرآباد باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان ڪارڻ سپر هاءِ وي 8 ڪلاڪ بند رهيو، اهي مطالبو ڪري رهيا هئا ته کين ڪمند جو سرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهه ترت ڏنو وڃي.“جيڪڏهن آبادگارن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان 11 فيبروري 2015 تي ساڳي قسم جو وري ڌرڻو هڻنداسين” سحر عباسي وڌيڪ چيو.

سنڌ جي ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن شهريار مهر، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ۽ ٽنڊو الهيار جي اڳوڻي ناظم راحيله گل مگسي احتجاج مظاهري جي اڳواڻي ڪئي. ان موقعي تي ٻين تقريرون ڪندڙن ۾ ايم پي اي اعجاز شاهه شيرازي، ڄام مدد علي، نصرت سحر عباسي مسلم ليگ (ف)، مسلم ليگ (ن)، سنڌ جو صدر محمد اسماعيل راهو، تحريڪ انصاف جو نادر اڪمل لغاري، متحده جو غازي صلاح الدين، جسقم جو سينئر نائب صدر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عوامي تحريڪ جو قادر رانٽو ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جو مجيد نظاماڻي شامل هئا.

ان موقعي تي متفقه ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت طرفان 7 نومبر 2014 تي ڪمند جي اگهن بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي ترت عمل ڪرايو وڃي. آبادگارن اها پڻ شڪايت ڪئي ته سنڌ ۾ اها عام پرئڪٽس آهي ته ڪمند جي وڪري/خريداري مهل اصل وزن 10 کان 30 سيڪڙو ڪٽيو ويندو آهي، آباگارن جو اهو پڻ چوڻ هو ته سندن 14-2013 جون رهتون پڻ اڃا تائين ادا نه ڪيو ويون آهن. سندن چواڻي ڪمند جي پيڙائي جي سيزن آڪٽوبر جي وچ ڌاري شروع ٿي ويندي آهي، پر جيڪڏهن ملون چالو نٿيون ڪيون وڃن ته پوءِ سرڪار مٿن ڏنڊ لاڳو ڪري.

“حقيقت ۾ آبادگارن کي ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه تي سرڪار طرفان عمل نه ڪرائي سگهڻ، سنڌ حڪومت جي پنهنجا نوازي ۽ خراب حڪمراني جو بدترين مثال آهي.”ايم پي اي سحر عباسي وڌيڪ چوي ٿي.

ڏٺو اهو ويو آهي ته هر سال سنڌ ۾ ڪمند جو بحران ڪر کڻندو آهي، حڪومت جو ڪم آهي اگهه مقرر ڪرڻ ۽ آبادگارن کي وقت سر ادائگيون ڪرائڻ. جڏهن ته مل مالڪ هميشه پيڙائي جي سيزن دير سان شروع ڪندا آهن، جنهن جو نقصان سنڌ جي هارين کي ئي ٿيندو آهي.

ڪجهه سياسي تجزيي نگار مخالف ڌر جي جڙيل اتحاد کي سنڌ جي سياسي پسمنظر ۾ سٺو سنوڻ سمجهي رهيا آهن. ياد رهي ته لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس (ايڪٽ) 2012 خلاف پڻ قومپرست ڌرين ۽ ٻين سياسي پارٽين اهڙي ئي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو هو، حالانڪه ٻٽو مڪاني نظام پ پ ۽ متحده طرفان گڏيل طور متعارف ڪرايو ويو هو، جيڪو زبردست احتجاجي تحريڪ کانپوءِ نيٺ حڪومت کي واپس وٺڻو پيو.

“بدقسمتي سان پ پ جي مخالفن وٽ مخالفت جا پنهنجا ماڻ ماپا آهن، ان ڪري اهي هن موقعي کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا” مير عطا محمد ٽالپر چوي ٿو. “حڪومت کي گهرجي ته اها ڪمند جو مامرو ترت اڪلائي ته جيئن آبادگار ڪڻڪ جي فصل لاءِ ڀاڻ وغيره خريد ڪري سگهن. ليڪن بدقسمتي آهي جو شگر ملن طرفان ادائگين ۾ دير ٿيڻ سبب آبادگارن ڀاڻ وٺڻ کان قاصر آهن ان ڪري کين ڀاڻ ڊيلرز کان ڪڻڪ لاءِ ڀاڻ اوڌر تي وٺڻو پوندو” هن وڌيڪ چيو.

اها اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال آهي، جنهن آبادگارن کي پ پ کان پري ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اهي مخالف ڌر جي سياسي ڌرين جي وڌيڪ ويجهو ٿي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو