Home / اسپيشل افيئر / سيد: سنڌ جو صوفي روح!
above article banner

سيد: سنڌ جو صوفي روح!

رهبر سنڌ جي ايم سيد هڪ اصول پسند، حق پرست، بردبار ۽ حساس دل رکندڙ محب وطن سياستدان هو، جنهن وڏي سچائي ۽ ايمانداري سان سنڌ ۾ صدين جي جمود ۽ ماٺار کي ٽوڙي قومي سياست جي وهڪري ۾ نئون تحرڪ پيدا ڪيو، بلڪه هڪ نئون فڪر ۽ فلسفو متعارف ڪرائيندي هُن انسانيت جي بقا، سلامتي ۽ جياپي جو درس ڏنو.

سيد سنڌ جي سيوا ڪندي سنڌ وطن کي خوشحال، آزاد ۽ محبتن جي سرزمين جي روپ ۾ ڏسڻ جو خواهشمند هو ۽ انهيءَ مقصد لاءِ هن پنهنجي سموري زندگي استحصالي قوتن سان مقابلو ڪندي انصاف ڀرئي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. جديد سنڌ جي قومي اُفق تي ٽي وڏا ليجينڊ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد پيدا ٿيا آهن، تن قومي سوچ ، قومي فڪر ۽ قومي نظريي جي پرچار ڪندي هڪ نئون شعور ۽ بيداري پيدا ڪئي، اُتي سائين جي ايم سيد انهيءَ سوچ ۽ فڪر جي آبياري ڪندي، جتي قومي سياست کي نوان لاڙا ۽ فلسفه ڏنا، اُتي نيون راهون پڻ متعين ڪيون ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جو ڪيس به وڏي ڏاهپ جي آڌار تي وڙهندي عدم تشدد جي پاليسين تي ئي ڪاربند رهيو.

jan-26

17 جنوري 1904ع ۾ جنم وٺندڙ “سنڌ جو سقراط” سائين “جي ايم سيد” پنهنجي عملي زندگي جي شروعات هڪ سماج سڌارڪ طور “انجمن مسلمين” جي قيام سان ڪري ٿو ۽ جتان اڳتي هلي خلافت ڪميٽي جي هلچل ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي سبب خلافت تحريڪ جو سنڌ ۾ هڪ اهم اڳواڻ جي حيثيت اختيار ڪري ٿو.

سنڌ ۾ اڄ جيڪا صوفياڻي رواداري سيڪيولر سوچ ۽ ترقي پسند لاڙا اُڀريا آهن انهن جي اُڀار ۾ سڀ کان وڏو ۽ نمايان ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي.

هن سنڌ جي قومي تشخص سڃاڻپ ۽ آجپي جي حوالي سان جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن، ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. سنڌ جي آجپي لاءِ هن عظيم ليڊر جي ڪيل جدوجهد کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ جو وزير تعليم رهيو، جتي هن پنهنجي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي اَدبي بورڊ جهڙا اعليٰ پائي جا ادارا قائم ڪرايا جتان اَڄ به سنڌ جون نئون نسل علم ۽ تحقيق جي اُڃ اُجهائي رهيو آهي.

سيد پنهنجي فڪري ساٿين کي تعليم جي ترغيب ڏني ۽ دنيا تي واضح ڪيو ته تعليم ئي وڏو هٿيار آهي.

سيد ان کان سواءِ انگريز حڪومت ۾ سنڌ ۾ زرعي سڌارا مڪاني ادارن جي بهتري ۽ سڌاري، زرعي قرضن جي معافي خاص طور وياج جي موقوفي جي مسئلن تي پڻ آواز اُٿاريو.

سيد جي سموري زندگي انهيءَ جدوجهد ۾ گذري هن زندگي جي هر پل ۽ هرعمل، سوچ فڪر ۽ فلسفي کي سنڌ تي ئي مرڪوز رکيو آهي. سيد سنڌ جي آجپي لاءِ پنهنجي زندگي جون 30 بهارون قيد ۾ ڪاٽيون پر ڪڏهن به پنهنجي فڪر ۽ عزم کان پٺتي نه هٽيو. منصور جيان سنڌ لاءِ “انالحق” جو جيڪو نعرو بلند ڪيو ان تي آخري دم تائين قائم رهيو.

هن سقراط جيان سنڌ جي عوام ۾ شعور ۽ ڏاهپ جي اها لاٽ روشن ڪئي جنهن جي سهائي اڄ به جرڪي رهي آهي. سقراط حق جي راهه ۾ زهر جو پيالو پيئڻ قبول ڪيو، تيئن سيد به سنڌ جي راهه ۾ موت قبوليو پر ڪنهن آمر آڏو آڻ نه مڃي.

سيد حق پرستي ۽ سچائي جو سفير ۽ حب الوطني جو مثال رهيو آهي، هن جابر ۽ ظالم نظام خلاف حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو ۽ سنڌ جي عظيم سورمن مخدوم بلاول شهيد، صوفي شاهه عنايت شهيد جيان سنڌ وطن خاطر هر قرباني ڏيڻ کان نه گهٻرايو. سختيون ۽ ڏاڍ سهڻ لاءِ هن هميشه پاڻ کي ذهني طور تيار رکيو ۽ اهو ئي سبب هو جو هر حڪمران کيس زندان ۾ نظربند ۽ قيد رکيو ۽ اذيتون ڏيندو رهيو.

سيد جي نظربندي دنيا جي تاريخ جي ڊگهي نظربندي آهي. آفريڪي اڳواڻ نيلسن منڊيلا به 31 سال جيل ۾ رهيو. نهرو به 14 سال جيل ڪاٽيو اهڙي طرح سائين جي ايم سيد دنيا جو واحد سياست دان ۽ مدبر حريت پسند اڳواڻ آهي جنهن جي زندگي ۽ موت به ڊگهي نظربندي دوران ٿي. پر وقت ثابت ڪيو ته هو اٽل ارادي ۽ مثبت سوچ رکندڙ دور انديش ليڊر هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو